تحرير : شڪيل سومرو
عوامي تحريڪ سنڌ جي انهن سياسي جماعتن مان آهي جنهن پنهنجي شروعات کان وٺي قومي حقن، جمهوريت، سماجي انصاف ۽ وسيلن جي ورڇ جهڙن بنيادي سوالن تي مسلسل جدوجهد ڪئي.
جيتوڻيڪ رسول بخش پليجو هن جماعت جو مرڪزي اڳواڻ ۽ صدر رهيو، پر عوامي تحريڪ جي سڃاڻپ هڪ منظم عوامي تحريڪ طور ٺهي، جنهن ۾ هاري، شاگرد، عورتون ۽ مزدور سڀ شامل هئا۔
عوامي تحريڪ جو منشور ۽ نعرو
قومي عوامي جمهوري انقلاب جي عڪاسي ڪندڙ رهيو
سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند سياست ۾ عوامي تحريڪ هڪ اهم ۽ اثرائتي سياسي تنظيم رهي آهي، جنهن جو بنياد 5 مارچ 1970 ڌاري پيو. هن تحريڪ جي باني ميمبرن ۾ رسول بخش پليجو، مير علي بخش ٽالپر,شهيد فاضل راهو، قاسم پٿر، شير خان لنڊ ۽ حفيظ قريشي جهڙا اڳواڻ شامل هئا. ڪجھ ذريعن جو چوڻ آھي ته پهريون صدر حفيظ قريشي کي چونڊيو ويو جڏھن ته ڪجھ ذريعا مير علي بخش ٽالپر لاء چون ٿا. جڏھن ته رسول بخش پليجو کي جنرل سڪريٽري چونڊيو ويو .
سنڌ جي قومي سياست ۾ مير علي بخش ٽالپر جو نالو اهڙي اڳواڻ طور ياد ڪيو وڃي ٿو، جنهن اقتدار ۾ هوندي به اصولي موقف اختيار ڪيو ۽ ان جي قيمت به ادا ڪئي. هو نه صرف عوامي تحريڪ جي باني اڳواڻن مان هو، پر هڪ سوشلسٽ سوچ رکندڙ، هارين جو حامي ۽ ننڍين قوميتن جي حقن جو مضبوط آواز پڻ هو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ جڏهن بلوچستان ۾ عطاءُ الله مينگل جي چونڊيل حڪومت کي برطرف ڪري فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو، تڏهن مير علي بخش ٽالپر پاڻ حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جو ميمبر قومي اسيمبلي هو. هن قومي اسيمبلي جي فلور تي کلي طرح بلوچستان آپريشن جي مخالفت ڪئي.
اهو قدم سندس سياسي زندگي لاءِ خطري کان خالي نه هو. اختلاف جي سزا طور کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ کيس مشهور “عراقي ايمبيسي ڪيس” ۾ ملوث قرار ڏنو ويو. مٿس الزام لڳايو ويو ته هن روس کان آيل هٿيار خيربخش مري ۽ ٻين بلوچ اڳواڻن ۾ ورهايا.
ان کان پوءِ کيس حيدرآباد سازش ڪيس ۾ به شامل ڪيو ويو، جتي هن ٻين سياسي ۽ قومي اڳواڻن سان گڏ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڊگهو عرصو قيد ڪاٽيو.
مير علي بخش ٽالپر جو شمار انهن کاٻي ڌر جي اڳواڻن ۾ ٿيندو هو، جيڪي عملي طور برابري تي يقين رکندا هئا. هو ڪولهِي ۽ ڀيل برادري جي ماڻهن سان گڏ هڪ ئي دسترخوان تي ويهي ماني کائڻ کي پنهنجي سياسي فلسفي جو حصو سمجهندا هئا.
سندس فڪري ۽ ذاتي لاڳاپا به وسيع هئا. سندس ويجهن ساٿين ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي، معراج محمد خان ۽ فيض احمد فيض شامل هئا، جڏهن ته عالمي سطح تي اندرا گانڌي، ياسر عرفات ۽ جارج حبش جهڙن اڳواڻن سان به سندس رابطا هئا.
جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا واري دور ۾ به مير علي بخش ٽالپر جيلن ۽ سياسي دٻاءَ کي منهن ڏنو۔ بعد ۾ کيس برين هيمرج ٿيو ۽ علاج لاءِ لنڊن منتقل ڪيو ويو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو۔ هو پنهنجي زندگي جي آخري گهڙين تائين عوامي تحريڪ جو صدر رهيو.
عوامي تحريڪ بنيادي طور کاٻي ڌر، هاري دوست ۽ قومي سوچ جي نمائندگي ڪندي رهي آهي. عوامي تحريڪ سائين جي ايم سيد جي فڪري تحريڪ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي پاپولر عوامي شخصيت جي موجودگي ۾ قومي عوامي جمهوري انقلاب جي ڳالھ ڪئي. پارٽي جي فڪري ۽ نظرياتي سهڪار ۾ محمد ابراهيم جويو، ڪميونسٽ اڳواڻ سلام بخاري ۽ قادر بخش نظاماڻي جهڙيون شخصيتون به شامل رهيون.
جنرل ضيا الحق جي آمريتي دور ۾ عوامي تحريڪ سنڌ ۾ مزاحمتي سياست جي علامت بڻجي اڀري. 1979ع ۾ راهوڪي ۾ هاري ڪانفرنس ۽ 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو.
ان جدوجهد جي نتيجي ۾رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو کي پنج پنج سال قيد جون سزائون مليون، حسين بخش ناريجو سميت ڪيترن ڪارڪنن کي سزائن سان گڏ بدين اسٽيڊيم ۾ سرعام ڪوڙا هنيا ويا.
ان دور ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن جي مزاحمت پڻ اڳڀري رهي.
جيجي زرينه بلوچ جي ڌيءُ ۽ سسئي پليجو جي امڙ، اختر بلوچ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي هڪ بهادر ۽ باهمت اڳواڻ رهي آهي.
هن پنهنجي فڪري ۽ سياسي جدوجهد سان تحريڪ کي نئون روح ۽ جلا بخشي.
جنرل ضياءَ جي آمريتي دور ۾، هن ظلم ۽ جبر جي آڏو جهڪڻ بدران مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو. جيلن جون سختيون، اڪيلايون ۽ تڪليفون برداشت ڪندي به هن پنهنجي حوصلي کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو. هن پنهنجي قيد جي ڏينهن کي قلمبند ڪري “قيدياڻي جي ڊائري” جي صورت ۾ هڪ نادر تاريخي دستاويز ڇڏيو آھي. هي ڊائري نه رڳو سندس ذاتي قربانين جو احوال آهي، پر عورتن جي سياسي شعور ۽ جدوجهد جو عڪس پڻ آهي. اختر بلوچ پنهنجي ارادي، جرئت ۽ لکڻيءَ وسيلي سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ نئون باب رقم ڪري ڇڏيو.
عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان مير علي بخش ٽالپر ,رسول بخش پليجو ,شهيد فاضل راهو , حسين بخش ناريجو, شيرخان لنڊ ,قاسم پٿر , عالم شاھ ,حورلنساء پليجو,اختربلوچ,جيجي زرينا بلوچ, ممتاز نظاماڻي , مٺو مهيري, ايازلطيف پليجو ,سليمان ڏاهري , ڏاڏا قادر رانٽو, صديق راهو,ڦوٽو چانگ,جمعو نوحاڻي , ڊاڪٽر رسول بخش خاخيلي ,نظير شيخ , نور احمد ڪاتيار,لال جروار ,وسند ٿري ,ڊاڪٽر وجي آهوجا , اجيت ڪمار آهوجا , اسماعيل راهو ,سرتاج چانڊيو, ادريس ميراڻي ,ذوالفقار راڄپر ,حورالنساء پليجو ,زاهده شيخ جهڙن ڪيترن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جيل جون سختيون برداشت ڪيون.
1981ع ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل عوامي تحريڪ جي قيادت رسول بخش پليجو کي “ضمير جو قيدي” قرار ڏنو، ۽ اها جماعت جي جدوجهد جي عالمي سڃاڻپ هئي.
عوامي تحريڪ جو صدر رسول بخش پليجو ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي سنڌهاري ڪميٽي ۾ به رهيو ته سائين جي ايم سيد سان گڏ بزم صوفياء سنڌ ۾ به رهيو. هو جتي قومي سوال تي ڪميونسٽ پارٽي جو وڏو نقاد رهيو .هو ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت مٿان سخت تنقيد ڪندي نقوي نازشي سازشي ٽولي جهڙا سخت لفظ استعمال ڪندو هو اتي هو ڪامريڊ سلام بخاري جهڙي ڪميونسٽ ليڊر جو وڏو احترام ڪندو هو .
عوامي تحريڪ پاران شايع ٿيندڙ “تحريڪ” رسالي وسيلي رسول بخش پليجو ۽ ٻين ليکڪن عوامي، سياسي ۽ قومي شعور پکيڙيو.
رسول بخش پليجو پنهنجن ڪتابن ۽ مضمونن ذريعي عوامي جاڳرتا پيدا ڪئي سندس لکڻين ۾ ترقي پسند سوچ ۽ قومي شعور جو پڪو رنگ نظر اچي ٿو. هي ادب صرف سياسي نه پر سماجي تبديليءَ جو آوزار بڻيو.
جڏهن سائين جي ايم سيد پنهنجو ڪتاب “جيئن ڏٺو آ مون” لکيو ۽ مخالفت ٿي، تڏهن رسول بخش پليجو مضمون لکي جي ايم سيد جي لکڻين جو دفاع ڪيو. ساڳيءَ طرح جڏهن شيخ اياز جي شاعري تي تنقيد ٿي، تڏهن پليجو “انڌا اونڌا ويڄ” لکي سندس دفاع ڪيو. سندس ڪتاب “صبح ٿيندو” ۽ “واٽون ويھھ ٿيون” عوامي اميد ۽ جدوجهد جو اظهار آهن۔ “ڳالهيون ڳنوارن جيون” ۽ “سندي ذات هنج” سماج جي سادن ماڻهن جي احساسن کي اجاگر ڪن ٿا۔
“پسي ڳاڙھه گل” ۽ “ڪورٽ ڪهاڻيون” سندس تخليقي ۽ مشاهدي واري صلاحيت جو ثبوت آهن۔ هن سموري ادبي پورهئي سان عوامي شعور کي نئون رخ مليو۔
جامي چانڊيو پليجو جي مڪمل تحريرن کي جلدن ۾ ترتيب ڏئي محفوظ ڪيو آهي۔ هي ڪم سنڌي سياسي ۽ ادبي ورثي لاءِ هڪ اهم سرمايو آهي سنڌ جو ترقي پسند ۽ قومي شاعر شيخ اياز ,سرويچ سجاولي,ابراهيم منشي ,رشيد ڀٽي , فتاح ملڪ ,حافظ نظاماڻي ,محمد خان مجيدي عوامي تحريڪ جا سهڪاري رهيا.
نظام بلوچ ,آڪاش انصاري ,جامي چانڊيو ,لکمير ڏاهري , ڏاڏا قادر رانٽو ,مير مظهر ٽالپر ,حسن پسايو,ماما عارف ڪيڙانو , محبت ٻرڙو جهڙا اڳواڻ عوامي تحريڪ جي پهرين صف جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ليکباهئا.
اي اين پي سان انضمام ۽ اختلاف
1980ع واري ڏهاڪي ۾ ولي خان جي اڳواڻي ۾ عوامي نيشنل پارٽي ٺهي، جنهن ۾ عوامي تحريڪ ضم ٿي وئي.
رسول بخش پليجو جنرل سيڪريٽري، فاضل راهو ۽ حاڪم علي زرداري نائب صدر بڻيا پر 1989ع ۾ بينظير حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ ۽ غلام احمد بلور جي ايم ڪيو ايم سان رابطن ۽ پارٽي جي اجازت کانسواءِ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين سان ملاقات ڪري بي اعتمادي واري رٿ ۾ ساٿ ڏيڻ جي درخواست بعد اختلاف پيدا ٿيا، جنهن کان پوءِ رسول بخش پليجي اي اين پي ڇڏي ٻيهر عوامي تحريڪ بحال ڪئي.
وقت سان گڏ عوامي تحريڪ مان ڪيترائي اهم اڳواڻ ڌار ٿيندا رهيا:
قاسم پٿر ۽ شيرخان لنڊ اهي پهريان باني اڳواڻ ھئا جن عوامي تحريڪ جي قيادت سان اختلاف رکي سياسي ۽ تنظيمي طور تي عوامي تحريڪ کان پنهنجون راهون الڳ ڪري ڇڏيون . عوامي تحريڪ جو صدر رهندڙ حفيظ قريشي به اڳتي هلي عوامي تحريڪ کان الڳ ٿي سياسي طور تي سائين جي ايم سيد جي سنڌ جي آجپي واري تحريڪ سان سلهاڙجي ويو .80 واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ عوامي تحريڪ جي سينٽرل ڪميٽي جي عهدن تي رهندڙ متحرڪ اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر عوامي تحريڪ جي صدر رسول بخش پليجو سان پاليسي اختلاف رکي پنهنجن ساٿين سميت ڌار ٿي ويو .ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر هن وقت سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جو چيئرمين آهي. شهيد فاضل راهو جو فرزند
اسماعيل راهو پارٽي ۾ سندس والد جي جاء تي سينئر نائب صدر جو عهدو نه ملڻ تي اختلاف رکي جدا ٿي ويو .اسماعيل راهو بعد ۾ مسلم ليگ ۽ پوءِ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ هن وقت پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ۾ صوبائي وزير آهي.
رسول بخش پليجو جو ڀاء ۽ عوامي تحريڪ جي ذيلي فرنٽ سنڌي مزدور تحريڪ جو صدر رهندڙ غلام قادر پليجو ۽ سندس ڌيءَ سسئي پليجو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويا.ر سول بخش پليجو جي فرزند اياز لطيف پليجو الڳ ٿي قومي عوامي تحريڪ قائم ڪئي. ابرار قاضي , وشنومل ,ڊاڪٽر سراج سيال , حريف چانڊيو ,ڊاڪٽر وجي ڪمار آهوجا ,مشتاق راڄپر ,فياض نائچ ۽ ٻين اڳواڻن عوامي جمهوري پارٽي جو بنياد وڌو.
عوامي تحريڪ جي سياسي تاريخ رڳو جدوجهد، قربانين ۽ نظرياتي استقامت تائين محدود ناهي رهي، پر ان ۾ اندروني اختلافن، فڪري ڇڪتاڻ ۽ قيادت جي انداز بابت تڪرارن جا به ڪيترائي اهم باب شامل آهن. انهن مان هڪ نمايان ۽ بحث طلب مرحلو سيد عالم شاهه ۽ رسول بخش پليجو جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف هئا.
سيد عالم شاهه، جيڪو لڳ ڀڳ ستر سالن تائين پليجو جو ويجهو ساٿي رهيو ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي قيادت ۾ شامل رهيو، آخرڪار پاڻ پليجو جي حياتيءَ ۾ ئي پارٽي مان نيڪالي جو شڪار ٿيو. پنهنجي موقف ۾ هن بار بار اهو چيو ته پليجو جي شخصيت ۾ “نظرياتي انا” جو عنصر غالب هو. سندس خيال موجب، پليجو پاڻ کان وڌيڪ پڙهيل، دليل ڏيندڙ ۽ نظرياتي طور مضبوط ماڻهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو هو، جنهن ڪري پارٽي اندر اختلاف وڌندا ويا. نتيجي طور ڪيترائي پراڻا، وفادار ۽ فڪري ساٿي آهستي آهستي الڳ ٿيندا ويا.
پارٽي کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ سيد عالم شاهه اياز لطيف پليجو جي ويجهو ٿيو، جيڪو اڳتي هلي “قومي عوامي تحريڪ” جي صورت ۾ هڪ نئين سياسي ڌارا طور سامهون آيو.
رسول بخش پليجو جي سياسي زندگيءَ جو هڪ ٻيو حساس ۽ گهڻو بحث هيٺ آيل پاسو سندس پنهنجي پٽ اياز لطيف پليجو سان لاڳاپن ۾ پيدا ٿيندڙ اختلاف رهيو.
ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد دوران رسول بخش پليجو پنهنجي پٽ اياز لطيف پليجو ڏانهن هڪ شڪايتي خط لکيو هو، جيڪو بعد ۾ “وڳ ڪئين وسريا” جي عنوان سان شايع ٿيو. ان خط ۾ هن اياز لطيف جي تنظيمي غيرفعاليت، سياسي ذميوارين کان پاسو ڪرڻ ۽ ذاتي زندگي کي ترجيح ڏيڻ واري روش تي سخت تنقيد ڪئي هئي
پر سياست ۾ حالتون جامد ناهن هونديون. وقت سان گڏ حالتن ۾ اهڙو ڦيرو آيو، جو ساڳئي رسول بخش پليجو، جيڪو پنهنجي پٽ تي سخت تنقيد ڪندو رهيو هو، ان ئي اياز لطيف پليجو کي عوامي تحريڪ جي صدارت لاءِ نامزد ڪيو. هي فيصلو پارٽي اندر شديد ردعمل جو سبب بڻيو، ڇو ته رسول بخش پليجو سدائين موروثي سياست جو سخت مخالف رهيو هو. ان ڪري ڪيترن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن هن قدم کي نظرياتي تضاد طور ڏٺو.
ان کان پوءِ جڏهن اياز لطيف پليجو پنهنجي ڌار جماعت “قومي عوامي تحريڪ” کي منظم ڪري گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۾ شامل ٿيو، تڏهن رسول بخش پليجو هڪ ڀيرو ٻيهر سخت موقف اختيار ڪيو. هن اياز لطيف ڏانهن خط لکي سياسي لاتعلقي جو اعلان ڪيو ۽ پاڻ ٻيهر عوامي تحريڪ کي بحال ڪري ان جي قيادت سنڀالي.
هي سڄو سلسلو رڳو هڪ سياسي جماعت جي اندروني ڪهاڻي ناهي، پر اهو هڪ وڏو سياسي سبق به آهي. اهو ڏيکاري ٿو ته جڏهن نظرياتي سياست، شخصي لاڳاپا ۽ قيادتي فيصلا پاڻ ۾ ٽڪراءُ ڪن ٿا، تڏهن نه صرف فردن جا لاڳاپا متاثر ٿين ٿا، پر پوري تحريڪ جو رخ به بدلجي سگهي ٿو. عوامي تحريڪ جي هن تاريخي مرحلي مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته اصولن تي بيهڻ ۽ عملي سياست جي تقاضائن ۾ توازن قائم رکڻ ڪنهن به سياسي اڳواڻ لاءِ سڀ کان وڏو امتحان هوندو آهي.
هي سڄو سلسلو نه رڳو هڪ سياسي جماعت جي اندروني تاريخ کي ظاهر ڪري ٿو، پر اهو پڻ ڏيکاري ٿو ته نظرياتي سياست، شخصي لاڳاپن ۽ اقتداري فيصلا سازيءَ وچ ۾ تڪرار ڪيئن سياسي تحريڪن جي رخ کي تبديل ڪري ڇڏين ٿا.
چونڊ سياست ۽ اتحاد
1988ع جي چونڊن ۾ ايم آر ڊي اتحاد باوجود، عوامي تحريڪ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ٿي سگهي. رسول بخش پليجو ٺٽي مان چونڊ هارائي ويو.
بعد ۾ ڪالا باغ ڊيم ۽ ٻين مسئلن تي عوامي تحريڪ ٻين پارٽين سان گڏجي شاندار جدوجهد ڪئي پر چونڊ سياست ۾ پارٽي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي
عوامي تحريڪ جو صدر رسول بخش پليجو هڪ مضبوط، علمي ۽ ڪرشماتي اڳواڻ هو، ساڻن تنظيمي اختلاف رکي پارٽي کان الڳ ٿيندڙ اڳواڻن جي مٿن تنقيد رهي آهي ته هو پارٽي اندر غيرجمهوري طور تي بالادستي وارا فيصلا ڪندڙ رهيو .انهي ڪارڻ
اختلاف رکندڙ اڳواڻ ڌار ٿيندا ويا
1988ع کانپوءِ جڏهن سياست مزاحمت مان چونڊ عمل ڏانهن منتقل ٿي ته عوامي تحريڪ جو اثر گهٽجڻ لڳو نظرياتي سياست جي زوال سان پارٽي به متاثر ٿي.
سياسي توڙي تنظيمي اختلافن باوجود رسول بخش پليجو جي قيادت ۾ عوامي تحريڪ سنڌ جي مزاحمتي سياست، هاري جدوجهد ۽ قومي حقن جي تحريڪ جو هڪ اهم باب رهي آهي.
جماعت جو بنيادي فريم ورڪ:
قومي حقن ۽ صوبائي خودمختياري، جمهوريت ۽ آمريت جي مخالفت، سائنسي ۽ ترقي پسند سوچ، هارين، مزدورن ۽ محروم طبقي جي نمائندگي ڪرڻ آهي.
عوامي تحريڪ شروعات کان ئي هڪ روايتي پارٽي نه، پرمنظم تحريڪ ۽ انقلابي پارٽي طور ڪم ڪيو۔ عوامي تحريڪ پنهنجي طاقت وڌائڻ لاءِ مختلف سماجي شعبن ۾ الڳ تنظيمون ٺاهيون:
سنڌي هاري تحريڪ (هارين لاءِ)
سنڌي شاگرد تحريڪ (شاگردن لاءِ)
سنڌياڻي تحريڪ (عورتن لاءِ)
سنڌي مزدور تحريڪ( مزدورن لاء)
سڄاڳ ٻار تحريڪ (ٻارن لاء )
هن ماڊل عوامي تحريڪ کي گهڻ رخي عوامي طاقت بڻايو، جيڪا صرف چونڊ سياست تائين محدود نه رهي۔
آمريت خلاف مرڪزي ڪردار (1977–1988)
جنرل ضياءَ جي مارشل لا دوران عوامي تحريڪ انهن ٿورين جماعتن مان هئي جنهن کليل مزاحمت ڪئي۔
20 اپريل 1977ع تي سنڌي شاگرد تحريڪ (SST) جو بنياد وڌو ويو، جيڪا قومي، جمهوري ۽ سائنسي سوچ تي ٻڌل شاگرد تنظيم هئي.
سيف الله ,محبت ٻرڙو ,اسلم پرويز,سليمان ڏاهري ,مير مظھر ٽالپر ,مصطفي سهاڳ ,جامي چانڊيو , سرتاج چانڊيو ,مشتاق راڄپر ,فياض نائچ ۽ ٻيا مرڪزي عهدن تي رهيا
سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جيل جون صعوبتون برداشت ڪيون .
سنڌ جي سياسي جدوجهد ۾ (ايس ايس ٽي) ھجي يا سڄاڳ ٻار تحريڪ سميت سمورا ذرلي فرنٽ انهن جي مرڪزي عهديدارن جو شاندار ڪردار رهيو انهن نوجوانن ۾ قومي شعور پيدا ڪيو۔
اهي سڀئي پليٽفارم گڏجي هڪ مضبوط مزاحمتي ڍانچو بڻيا، جنهن حڪومتي ۽ سماجي ناانصافين خلاف آواز بلند ڪيو۔
ايس ايس ٽي , سڄاڳ ٻار تحريڪ ۽ سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي قيادت ۾ ايازلطيف پليجو, سليمان ڏاهري، محبت ٻرڙو , مصطفيٰ سهاڳ ,ذوالفقار راڄپر ,ارباب چانڊيو جهڙا سرگرم اڳواڻ شامل رهيا۔
جڏهن ته سڄاڳ ٻار تحريڪ ۾ مشتاق راڄپر , دودو چانڊيو,قادر لاشاري به سرگرم ڪردار ادا ڪيو۔
انهن اڳواڻن نه صرف شاگردن کي منظم ڪيو پر تحريڪ کي نظرياتي رخ پڻ ڏنو۔
سندن قيادت هيٺ شاگرد، مزدور ۽ ٻيا سماجي طبقا گڏجي هڪ گڏيل جدوجهد جو حصو بڻيا۔
اهڙيءَ طرح سنڌ جي قومي ۽ جمهوري تحريڪن ۾ نوجوانن جي شموليت هڪ اهم ۽ فيصلائتو عنصر بڻجي سامهون آئي۔
جنرل ضياء جي سخت مارشلاء واري دور ۾ عوامي تحريڪ مزاحمتي جدوجهد ۾ اڳڀري رهي.
ايم آر ڊي تحريڪ دوران عوامي تحريڪ ۽ ان جي ذيلي فرنٽن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو جدوجهد جي حوالي سان مثالي ڪردار رهيو.
1994ع ۾ عوامي تحريڪ جي صدر رسول بخش پليجو جي اڳواڻي ۾ ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين قومي مسئلن لاء لانگ مارچ ڪيو ويو.
هن دور ۾ عوامي تحريڪ پنهنجو اثر رڳو نظرياتي نه پر عملي طور به ثابت ڪيو:
عوامي تحريڪ رڳو سياسي نه پر سماجي تبديلي جي تحريڪ به رهي:
سنڌياڻي تحريڪ: عورتن جي مزاحمت کان سياسي شعور تائين
سنڌياڻي تحريڪ سنڌ جي عورتن جي هڪ منفرد مزاحمتي ۽ سياسي تحريڪ آهي، جيڪا 1980ع ۾ جنرل ضيا الحق جي آمريتي دور دوران وجود ۾ آئي. هن تحريڪ جو بنيادي مقصد عورتن خلاف ٺاهيل امتيازي قانونن ۽ سماجي ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ هو.
عوامي تحريڪ سان نظرياتي ۽ تنظيمي لاڳاپو
سنڌياڻي تحريڪ جي بنياد ۾ عوامي تحريڪ جو اهم ڪردار رهيو. هن تحريڪ جون باني عورتون گهڻو ڪري عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل هيون، جڏهن ته نظرياتي طور تحريڪ مارڪسزم، ليننزم ۽ ماؤ ازم کان متاثر رهي.
ان ڪري سنڌياڻي تحريڪ صرف عورتن جي حقن تائين محدود نه رهي، پر سنڌ جي قومي ۽ سياسي سوالن سان به ڳنڍيل رهي.
تحريڪ ۾ مختلف طبقن جون عورتون شامل هيون:
هاري عورتون
شاگردياڻيون
استادن ۽ پروفيشنل عورتون
پڙهيل لکيل گهرو عورتون
سنڌياڻي تحريڪ
غيرت جي نالي تي قتل
زبردستي مذهب مٽائڻ
زمين جي غير منصفاڻي ورهاست
سنڌي سڃاڻپ ۽ ٻولي جو تحفظ
سياسي شعور ۽ قومي سوال تي
عوامي تحريڪ سان گڏجي عورتن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو.
1983ع واري ڏهاڪي ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌياڻي تحريڪ نمايان حيثيت اختيار ڪئي.
سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن پاران جيل ڀريا ويا احتجاجن ۾ مردن سان گڏ آمريت خلاف سگهاري مزاحمت ڪئي وئي هن تحريڪ عملي طور ثابت ڪيو ته سنڌ جي عورت صرف سماجي نه، پر سياسي جدوجهد ۾ به اڳواڻ ٿي سگهي ٿي.
سنڌياڻي تحريڪ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪالا باغ ڊيم خلاف تحريڪ ۾ به سرگرم رهي.
بعد ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ پنجاب دنگ ڪمون شهيد وٽ تاريخي ڌرڻو هنيو ويو .
2000ع کانپوءِ سنڌياڻي تحريڪ مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي وئي:
رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل ڌڙو
اياز لطيف پليجو جي قومي عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل ڌڙو
عوامي جمهوري پارٽي سان لاڳاپيل “سنڌي عورتن جي تنظيم”
ڌڙي بندي باوجود سنڌياڻي تحريڪ جون ڪارڪن عورتون اڄ جي جديد دور ۾ به سرگرم آهن
سنڌياڻي تحريڪ سان لاڳاپيل اهم عورت اڳواڻن ۾
امراو سمون، زينت سمون، جيجي زرينه بلوچ، نذير قريشي. زاهده شيخ. غزالا صديقي. خيرالنسا کوسو. ممتاز نظاماڻي، هورالنساءپليجو، نسيم سنڌي. حسنه راهو. پرھ سومرو. حسنه راهوجو. سبحاني ڏاهري. ريحانه بلوچ. ڊاڪٽر سنڌو مڱڻھار شامل آهن.
سنڌياڻي تحريڪ، عوامي تحريڪ جي سياسي ۽ نظرياتي ڇانوَ هيٺ، سنڌ ۾ عورتن کي مزاحمت، شعور ۽ سياسي عمل جو حصو بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. اها تحريڪ نه رڳو عورتن جي حقن لاءِ، پر سنڌ جي قومي ۽ سماجي جدوجهد جو به اهم باب آهي.
عوامي تحريڪ کي مختصر طور هن ريت سمجهي سگهجي ٿو:
اها صرف سياسي پارٽي نه، پر مزاحمتي تحريڪ آهي هن سنڌ ۾ قومي شعور کي منظم شڪل ڏني هارين، عورتن، شاگردن ۽ مزدورن کي سياسي طاقت بڻايو پاڻي، وسيلن ۽ سڃاڻپ جي سوال کي مرڪزي ايجنڊا بڻايو ۽ سڀ کان اهم ڳالهه: عوامي تحريڪ سنڌ جي سياست ۾ اهو ماڊل پيش ڪيو، جتي جماعت عوام مان ٺهي ٿي ۽ وري عوام لاءِ ئي جدوجهد ڪري ٿي.