اسلام آباد: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو آھي تھ 18 مئي تائين پي ٽي اي ٽربيونل ۾ فنانس ميمبر مقرر ڪيو وڃي نھ تھ وزيراعظم اچي مقرري نھ ڪرڻ جو سبب ٻڌائي.
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي اي ٽربيونل جي فنانس ميمبر مقرر نھ ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني سخت رمارڪس ڏيندي چيو تھ جيڪڏھن 18 مئي تائين فنانس ميمبر کي مقرر نھ ڪيو ويو تھ وزيراعظم کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو، عدالت چيو تھ وزيراعظم پاڻ اچي ٻڌائي تھ ٽربيونل جي فنانس ميمبر جي مقرري ڇو نھ ڪئي وئي.
عدالت سيڪريٽري ڪابينھ ۽ سيڪريٽري بھ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتا، اسسٽنٽ اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو تھ ھڪ ريٽائرڊ جج کي ٽربيونل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آھي.
جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو تھ ريٽائرڊ ججز وڌيڪ ٻيڙو غرق ڪيو آھي ۽ انھن کي ٽربيونل ۾ وڃڻ جو وڌيڪ شوق ھوندو آھي. عدالت چيو تھ رات جو انھن کي سيلوٽ ياد اچن ٿا تھ اھي سمھڻ نٿا ڏين.
عدالت اھو بھ چيو تھ ڪو اين آءِ آر سي ۾ ھليو ويندو آھي ۽ ڪو ڪنھن ٻئي ٽربيونل ۾، پر ادارن ۾ مقرري جو عمل شفاف ۽ وقت سر ٿيڻ گھرجي.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.