لائیو آمريڪي بحريھ ھڪ ٻيو ايراني جھنڊي وارو آئل ٽينڪر روڪي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سينٽڪام مطابق آمريڪي بحريھ جي گائيڊڊ ميزائل ڊسٽرائر يو ايس ايس رافيل پيرالٽا ايراني جھنڊي واري آئل ٽينڪر ايم ٽي اسٽريم کي روڪي ورتو.

سينٽڪام طرفان سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو ويو آھي تھ اھا ڪارروائي ان وقت ڪئي وئي جڏھن ٽينڪر ايراني بندرگاھ طرفان سفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

بيان ۾ چيو ويو آھي تھ اھو قدم ايراني بندرگاھن جي آمريڪي ناڪابندي جو حصو آھي.

ميرين ٽريفڪ مطابق ايم ٽي اسٽريم تيل بردار جھاز آھي جيڪو ايراني جھنڊي تحت ھلي رھيو آھي ۽ آخري ڀيرو 13 ڏينھن اڳ آبناءِ ملاڪا ۾ ڏٺو ويو ھو.

ٻئي طرف ايراني پرڏيھي وزارت ان کان اڳ آمريڪا تي کليل سمنڊ ۾ قذاقي ۽ ھٿياربند ڌاڙي جو الزام لاڳو ڪيو ھو، جڏھن آمريڪي ڪارروائين جي نتيجي ۾ ايران سان الاڳاپيل 2 ٻيا آئل ٽينڪرز ميجسٽڪ ايڪس ۽ ٽيفائي کي قبضي ۾ ورتو ويو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں