اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزیب چيو آهي ته پاڪستان کي ايندڙ مهيني آء ايم ايف کان 1.2 ارب ڊالرن جي اهم قسط ملي ويندي، جيڪا ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ اهم اڳڀرائي سمجهي پئي وڃي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جو وفد مئي جي وچ ڌاري پاڪستان جو دورو ڪندو، جتي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا۔ هن چيو ته حڪومت بجيٽ تيار ڪرڻ لاءِ عالمي اداري سان ويجهو رابطو رکندي پئي اچي.
محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت سعودي عرب سميت دوست ملڪن کان وڌيڪ مالي مدد وٺڻ بدران هاڻي ڪمرشل فنانسنگ ڏانهن وڌي رهي آهي۔ هن موجب پاڪستان هاڻي ٻه طرفي قرضن بدران مارڪيٽ بنيادن تي فنڊ حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري رهيو آهي.
ناڻي واري وزير اعلان ڪيو ته مئي مهيني ۾ 25 ڪروڙ ڊالر ماليت جو “پانڊا بانڊ” جاري ڪيو ويندو۔ هن ٻڌايو ته هن بانڊ جي اجراءَ لاءِ ايشين ترقياتي بينڪ ۽ انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ ڊيولپمينٽ ضمانت فراهم ڪري چڪا آهن، جڏهن ته چيني اختيارين سان ڳالهين جو عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
مستقبل ۾ وڌيڪ بانڊز:
هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ٻن کان ٽن سالن دوران پاڪستان يورو ۽ سڪوڪ بانڊ به جاري ڪندو، جنهن سان عالمي مارڪيٽن مان سرمايو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
علاقائي صورتحال ۽ معيشت:
محمد اورنگزيب چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب توانائي جي ڍانچي تي اثر پيو آهي، پر پاڪستان ۾ ڀاڻ ۽ خوراڪ جي فراهمي بابت ڪو وڏو مسئلو ناهي۔ هن چيو ته جنگي حالتن باوجود پرڏيهي ملڪن مان ايندڙ ترسيل زر متاثر نه ٿي آهي، خاص طور تي گڏيل عرب امارات مان رقم جي آمد معمول موجب جاري آهي.
ماهرن موجب آءِ ايم ايف کان ايندڙ قسط ۽ نوان مالي وسيلا حاصل ڪرڻ جا قدم پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته حڪومت جي پاليسين جو دارومدار هاڻي عالمي مالياتي مارڪيٽن تي وڌيڪ ٿيندو.