گئس جي قيمتن جو ڍانچو ٽارگيٽڊ سبسڊي تحت جوڙيو وڃي: آءِ ايم ايف

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ ايم ايف گئس جي قيمتن جو ڍانچو ٽارگيٽڊ سبسڊي جي بنياد تي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ٿيل ڳالهين دوران تيل جي موجوده قيمتن تي بحث ڪيو ويو، جڏھن تہ پيٽرول ۽ ڊيزل تي 80، 80 رپيا في ليٽر ليوي سبب عوام کي پيش ايندڙ مشڪلاتن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.

ڳالهين دوران آءِ ايم ايف گئس جي قيمتن جو ڍانچو ٽارگيٽڊ سبسڊي جي بنياد تي مرتب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

ذريعن موجب پيٽروليم ڊويزن ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو اڄ بہ جاري رھندو، جنهن دوران گئس شعبي جي گردشي قرض بابت بريفنگ ڏني ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں