حصو چوٿون
تحرير : شڪيل سومرو
برصغير جي سياسي تاريخ رڳو ڪانگريس، مسلم ليگ، پاڪستان يا هندستان جي قيام جي تاريخ ناهي، پر اها مزدورن، هارين، شاگردن، اديبن، انقلابي نوجوانن ۽ ترقي پسند فڪر جي به تاريخ آهي۔ اها انهن ماڻهن جي تاريخ آهي، جن سامراج، جاگيرداري، مذهبي انتهاپسندي، آمريت ۽ طبقاتي استحصال خلاف جدوجهد ڪئي۔ ننڍي کنڊ جي ڪميونسٽ تحريڪ وران ٽريڊ يونين تحريڪ به تيزي سان وڌي رهي هئي۔ ريلوي، ٽيڪسٽائل ملن، بندرگاهن ۽ ڪارخانن جا مزدور منظم ٿي رهيا هئا۔
مرزا ابراهيم جهڙا مزدور اڳواڻ انهيءَ تحريڪ جون علامتون بڻيا۔
برصغير جي انقلابي تاريخ ۾ سوشلسٽ خيال رکندڙ ڀڳت سنگھ جي لازوال قرباني تاريخ ۾ رقم ٿي چڪي آهي هو شروعات ۾ برطانوي سامراج خلاف قومي آزاديءَ جي تحريڪ سان واڳيل هو، پر جيل دوران مارڪس، اينگلز، لينن ۽ ٽراٽسڪي جو مطالعو ڪرڻ بعد آهستي آهستي سوشلسٽ سوچ ڏانهن وڌيو۔
هو سڌي طرح ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر نه هو، پر سندس تنظيم “هندوستان سوشلسٽ ريپبلڪن ايسوسيئيشن” واضح طور سوشلسٽ لاڙو رکندڙ هئي۔
23 مارچ 1931ع تي لاهور جيل ۾ ڀڳت سنگهه، سکديو ۽ راجگرو کي ڦاهي ڏني وئي، پر سندس فڪر نوجوان نسل ۾ اڄ به زنده آهي.
1930ع ۽ 1940ع واري ڏهاڪي ۾ ادب ۽ سياست هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويا۔ پروگريسو رائيٽرز ايسوسئيشن جي قيام بعد فيض احمد فيض، شيخ اياز , ڪيرت ٻاٻاڻي ,گوبند مالهي ,گوبند پنجابي , سجاد ظهير، منٽو، ڪرشن چندر، راجندر سنگهه بيدي, نجم عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ترقي پسند تحريڪ سان سلهاڙجي ويا۔
ادب ۾ مزدورن، هارين، عورتن ۽ محروم طبقي جي مسئلن کي جاءِ ملي.
ڪراچي ۾ مڪتب دانيال” ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي فڪري روايت سان ويجهو لاڳاپيل اشاعتي ادارو هو. اهو ادارو 1960ع واري ڏهاڪي ۾ حوري نوراني جي والد ملڪ نوراني ۽ والده ممتاز نوراني پاران قائم ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪجهه حوالا 1964ع ۾ اشاعت جي شروعات ۽ ڪجهه 1967ع ۾ اداري جي قيام جو ذڪر ڪن ٿا. هن اداري مان سبط حسن ,فيض احمد فيض ,حبيب جالب ۽ ٻين ترقي پسند ليکڪن جا ڪتاب وڏي پيماني تي شايع ٿيا.

گوبند مالهي ۽ سندس ساٿين جي ترقي پسند ادبي تحريڪ سان گڏ ڪراچي ۾ “مڪتب دانيال” به کاٻي ڌر جي فڪري مرڪزن مان هڪ هو. ممتاز نوراني ۽ ملڪ نوراني جو گهر ۽ مڪتب دانيال ترقي پسند اديبن، شاعرن ۽ ڪميونسٽ ڪارڪنن جو اهم مرڪز بڻيل رهيو. چيو وڃي ٿو ته ڪميونسٽ اڳواڻ شهيد حسن ناصر جي صلاح سان ممتاز نوراني هن ادبي ۽ اشاعتي ڪم کي هٿي ڏني. ممتاز نوراني پاڻ به ترقي پسند عورتن جي تحريڪ ۽ انجمن ترقي پسند خواتين سان لاڳاپيل رهي. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته ڪراچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو پهريون ڳاڙهو جهنڊو ممتاز نوراني پنهنجي هٿن سان سبيو هو. بعد ۾ مڪتب دانيال ترقي پسند ادب جو اهم اشاعتي ادارو بڻيو، جتان سبط حسن، فيض احمد فيض، حبيب جالب، سجاد ظهير ۽ ٻين کاٻي ڌر جي اديبن جا ڪتاب شايع ٿيا. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ قائم ٿيل هن اداري نه رڳو پاڪستان پر هندستان جي ترقي پسند اديبن جي لکڻين کي به هڪ ڇت هيٺ آندو ۽ فڪري مزاحمت جي هڪ مضبوط روايت کي اڳتي وڌايو. هندستاني فلمن جي مشهور اداڪاره ۽ هدايتڪار شبانه اعظمي ۽ سندس مڙس هندستان جو ناميارو شاعر، فلمي گيت نگار جاويد اختر ترقي پسند فڪر جو حامي رهيو آهي. هو مشهور ترقي پسند شاعر جان نثار اختر ۽ ترقي پسند فڪر سان واڳيل صفيه اخترجو فرزند آهي ۽ سندس پرورش به ترقي پسند ادبي ماحول ۾ ٿي. جاويد اختر سيڪيولر، جمهوري ۽ انسان دوست خيالن جو کليل حامي رهيو آهي. سندس گهرواري شبانه اعظمي به ترقي پسند تحريڪ جي اهم خاندان سان تعلق رکي ٿي ۽ سندس والد ڪيفي اعظمي برصغير جي ناميارن ترقي پسند شاعرن ۽ ڪميونسٽ ڪارڪنن مان هڪ هو. ڪميونسٽ اڳواڻ سجاد ظهير جو ناٺي هندستان جو ناميارو فلمي اداڪار، ٿيٽر آرٽسٽ راج ببر به کاٻي ڌر سان واڳيل رهيو آهي. هو هندستان جي کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ سماج وادي پارٽي سان به لاڳاپيل رهيو ۽ بعد ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. هو لوڪ سڀا جو ميمبر به رهي چڪو آهي.
طارق علي هڪ عالمي طور تي مشهور مارڪسي ليکڪ، دانشور ۽ تاريخدان طارق علي جي خاندان جو تعلق به ڪميونسٽ پارٽي سان رهيو . طارق علي 1960ع واري ڏهاڪي کان کاٻي ڌر جي سياست ۽ اينٽي امپيريلسٽ تحريڪن جو اهم آواز رهيو آهي.
هو “نيو ليفٽ” ۽ ويٽنام جنگ خلاف عالمي تحريڪن ۾ به سرگرم رهيو، ۽ سندس لکڻيون سامراج، سرمائيداري ۽ جنگي پاليسين تي سخت تنقيد ڪن ٿيون. هو آڪسفورڊ اسٽوڊنٽس يونين جو صدر رهيو.طارق علي جو والد مظھر علي خان هڪ ناميارو صحافي، ايڊيٽر ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ شخص هو.
هو پاڪستان جي مشهور اخبار “پروگريسيو پيپرز / پاڪستان ٽائمز” سان لاڳاپيل رهيو بعد ۾ “وييو پوائنٽ” جهڙي ترقي پسند رسالي جو باني ۽ ايڊيٽر رهيو، هن کي کاٻي ڌر جي فڪر، مزدور تحريڪ ۽ جمهوريت جي حمايت ڪندڙ صحافي طور سڃاتو وڃي ٿو، هو ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي ويجهي فڪري حلقن سان لاڳاپيل رهيو.طارق علي جي والده طاهرا مظھر علي خان پاڪستان جي کاٻي ڌر جي سڀ کان اهم عورت اڳواڻن مان هڪ هئي.
هوءَ باضابطه طور ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي باني ميمبرن مان هئي ۽ “ڊيموڪريٽڪ وومينز ايسوسيئيشن” جي باني هئي عورتن جي حقن، مزدورن جي حقن ۽ سامراج مخالف سياست ۾ سرگرم رهي. ضياءُ الحق جي آمريت خلاف به کليل مزاحمت ڪئي. پنجاب يونينسٽ پارٽي جو اڳواڻ ۽ پنجاب جو وزيراعلي رهندڙ سردار سڪندر حيات طاهره مظھر علي خان جو والد هو سندس ڌيءَ طاهره مظهر علي خان ڪميونسٽ ۽ انقلابي کاٻي ڌر جي اڳواڻ بڻجي وئي.

ڪميونسٽ پارٽي ڪراچي جو سيڪريٽري رهندڙ گوبند مالهي رڳو سنڌ جو ناميارو ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ محقق نه پر سنڌ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ ۽ ترقي پسند ادب جو هڪ اهم معمار پڻ هو. 5 آگسٽ 1921ع تي ٺارو شاهه ۾ جنم وٺندڙ مالهي شاگردي واري زماني کان ئي کاٻي ڌر جي سياست سان لاڳاپجي ويو ۽ ڪامريڊ حشو ڪيولراماڻي سميت ٻين انقلابي ساٿين سان گڏ سياسي جدوجهد ۾ سرگرم رهيو.
ورهاڱي کان اڳ هو ڪراچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري رهيو. 1946ع جي نيوي بغاوت دوران پارٽي پاران پورهيتن ۽ باغي ملاحن سان يڪجهتي جي مهم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. بعد ۾ پارٽي اندر تنقيد کانپوءِ تنظيمي ذميوارين بدران کيس پارٽي جي اشاعتي اداري “نئين دنيا” ۽ ساڳئي نالي واري رسالي جي نگراني سونپي وئي، جنهن سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر کي عام ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو.
سنڌ ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي تنظيمي ڍانچي جي کوٽ سبب ڪميونسٽ ڪارڪنن ۽ ترقي پسند ليکڪن گڏجي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو، جنهن جو پهريون سيڪريٽري گوبند مالهي بڻيو. هن ٿوري ئي عرصي ۾ سنگت کي سڄي سنڌ ۾ منظم ڪيو ۽ ان کي ادب، سماجي شعور ۽ ترقي پسند سوچ جو مضبوط پليٽ فارم بڻايو.
گوبند مالهي پنهنجي ناولن، ڪهاڻين، ترجمن ۽ تنظيمي جدوجهد وسيلي سنڌي ادب کي نئون رخ ڏنو. سندس زندگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ادب ۽ سياست کي عوام جي حقن، برابري ۽ سماجي انصاف جي جدوجهد سان ڪيئن ڳنڍي سگهجي ٿو.
کاٻي ڌر جي سياست ۽ ترقي پسند ادب جي حوالي سان ڪيرت ٻاٻاڻي انهن شخصيتن مان هو جن وٽ ادب رڳو تخليق نه پر سماجي تبديليءَ جو هٿيار هو. هو ان نسل سان تعلق رکندڙ هو، جيڪو برطانوي سامراج، جاگيرداري استحصال ۽ طبقاتي ناانصافين خلاف جدوجهد ڪندي سياسي شعور تائين پهتو.
دادا ڪيرت ٻاٻاڻي شاگرديءَ واري زماني ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪ سان لاڳاپيل رهيو، پر اڳتي هلي حشو ڪيولراماڻي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين ترقي پسند اڳواڻن جي صحبت ۾ مارڪسي فڪر ڏانهن مائل ٿيو. هو سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس ۽ ترقي پسند شاگرد تحريڪن جو سرگرم ڪارڪن رهيو.
ڪيرت ٻاٻاڻي سنڌ ۾ ترقي پسند ادب جي ان تحريڪ جو اهم حصو هو، جنهن “نئين دنيا” ڪتاب گهر، سنڌي ادبي سنگت ۽ ادبي ڪلاسن ذريعي سنڌي ادب ۾ حقيقت نگاري، طبقاتي شعور ۽ سماجي انصاف جي سوچ کي فروغ ڏنو.
هن جي فڪر جو مرڪز پورهيت انسان، هاري، مزدور، مظلوم طبقو ۽ قومي آزادي هو. سندس ڪهاڻين، مضمونن ۽ تنقيدي لکڻين ۾ استحصالي قوتن خلاف مزاحمت ۽ انسان دوستي جو پيغام نمايان نظر اچي ٿو.
ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ ڪميونسٽ ڪارڪنن خلاف ٿيندڙ ڪارروائين دوران ڪيرت ٻاٻاڻي به گرفتار ٿيو. جيل جون سختيون سٺائين، پر پنهنجي نظرياتي وابستگيءَ تان پوئتي نه هٽيو. آخرڪار کيس سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو.
جلاوطنيءَ کان پوءِ به هن مارڪسي فڪر، ترقي پسند ادب ۽ سنڌي قومي سڃاڻپ جي جدوجهد کي نه ڇڏيو. هندستان ۾ رهندي هن سنڌي اديبن، ترقي پسند ليکڪن ۽ کاٻي ڌر جي ڪارڪنن کي منظم رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
لينن بابت سندس ڪتاب، ميڪسم گورڪي جي ناول “مالوا” جو ترجمو، ادب ۾ قدرن جو سوال ۽ ٻيون ڪيترين ئي تصنيفون سندس ترقي پسند فڪري وابستگيءَ جون شاهد آهن.
اڄ جڏهن سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر، جمهوريت، سيڪيولر سوچ ۽ سماجي انصاف جي تاريخ لکي ويندي ته ڪيرت ٻاٻاڻي جو نالو حشو ڪيولراماڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي ۽ حيدر بخش جتوئي جهڙن اڳواڻن سان گڏ وڏي احترام سان ورتو ويندو.
ڪيرت ٻاٻاڻي رڳو هڪ اديب نه، پر سنڌي ترقي پسند تحريڪ جو هڪ روشن باب هو، جنهن جو فڪر ۽ جدوجهد ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه رهندي.
کاٻي ڌر وارو بنگالي اڳواڻ مولانا عبدالحميد ڀاشاني به پنهنجي دور جو وڏو عوامي اڳواڻ هو. هن به هارين جي حقن لاء هلايل پنهنجي تحريڪ ۾ شاھ عنايت شهيد وارو نعرو “جيڪو کيڙي سو کائي” لڳايو. مولانا ڀاشاني بنگال ۾ تحريڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. سنڌ ۾ چمبڙ ۽ سرحد ۾ هشت نگر تائين هارين کي منظم ڪيائين. 23-22 مارچ 1970ع تي پنجاب جي شهر ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ هارين جو ڪنوينشن ڪوٺايائين جنهن ۾ پنجن لکن کان وڌيڪ هاري گڏ ٿيا. پنجاھ جي ڏهاڪي ۾ ائين ئي حيدر بخش جتوئي لکين هاري منظم ڪيا. بنگال ۽ ڪيرالا ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو وڌيڪ اثر رهيو آهي.
ڪيرالا ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جو منظم آغاز 1930ع ۽ 1940ع جي ڏهاڪن ۾ ٿيو، جڏهن مزدورن، هارين ۽ ترقي پسند دانشورن برطانوي سامراج ۽ جاگيرداري نظام خلاف گڏيل جدوجهد شروع ڪئي. 1937ع ۾ آل انڊيا ڪميونسٽ پارٽي جي اثر هيٺ ڪيرالا ۾ پارٽي جو بنياد وڌيڪ مضبوط ٿيو.
1940ع ۽ 1950ع ۾ زميني سڌارن، هارين جي حقن ۽ مزدورن جي منظم جدوجهد ڪميونسٽن کي عوامي سطح تي وڏي مقبوليت ڏني. 1957ع ۾ ڪيرالا دنيا جي پهرين اهڙي جمہوري رياست بڻجي وئي، جتي ڪميونسٽ پارٽي چونڊن ذريعي اڪثريت حاصل ڪري حڪومت ٺاهي. اي ايم ايس نمبوديرپاد جي قيادت ۾ ڪميونسٽ حڪومت زميني سڌارن، تعليم جي واڌاري ۽ سماجي انصاف لاءِ اهم قدم کنيا.
بعد ۾ سياسي بحرانن ۽ مرڪزي حڪومت جي مداخلت سبب 1959ع ۾ اها حڪومت برطرف ٿي وئي، پر ڪيرالا ۾ ڪميونسٽ پارٽي ٻيهر منظم ٿي وڌيڪ مضبوط ٿي اڀري. وقت سان گڏ پارٽي ٻن وڏن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي.
1964ع ۾ هندستان جي اصل ڪميونسٽ پارٽي CPI اندر نظرياتي اختلاف پيدا ٿيا. هڪ ڌڙو وڌيڪ سوويت يونين ۽ پارلياماني سياست ڏانهن مائل هو، جڏهن ته ٻيو ڌڙو (مارڪسسٽ) وڌيڪ سخت انقلابي ۽ طبقاتي جدوجهد واري سوچ رکندڙ هوان ئي ڌڙي مان CPI(M) وجود ۾ آئي.
ڪيرالا جو ڪميونسٽ تجربو اڄ به هندستان ۾ هڪ ڪامياب عوامي تحريڪ ۽ جمهوري چونڊن ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ جو اهم مثال سمجهيو وڃي ٿو۔
جڏهن ٻي عالمي جنگ شروع ٿي ته ڪيترن ڪميونسٽن ان کي “سامراجي جنگ” قرار ڏنو۔
پر جڏهن نازي جرمني سوويت يونين تي حملو ڪيو ته صورتحال تبديل ٿي وئي۔ پوءِ ڪميونسٽ پارٽي جنگ کي “فاشزم خلاف عوامي جنگ” قرار ڏنو۔
پروفيسر جمال نقوي مطابق، ان وقت سوويت يونين کي بچائڻ عالمي ترقي پسند قوتن لاءِ اهم سوال بڻجي ويو هو۔
انهيءَ فيصلي تي گهڻي تنقيد به ٿي، پر ڪميونسٽن جو موقف هو ته فاشزم انسانيت لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي۔
1947ع ۾ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو . ورهاڱي سان ڪميونسٽ تحريڪ به ورهائجي وئي۔
1947ع جي جولاءِ مهيني ۾، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان ڪجهه هفتا اڳ سنڌ جي ڪميونسٽ اڳواڻ قادر بخش نظاماڻي ۽ پنجاب جي قربان الاهي پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي جي قيام جو اعلان ڪيو. اهو قدم ڪلڪتي ۾ ٿيندڙ آل انڊيا ڪميونسٽ پارٽي جي اهم اجلاس کان اڳ کنيو ويو هو. ڪميونسٽ پارٽي جي ان دور جي مرڪزي قيادت قادر بخش نظاماڻي جي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي بنياد وجهڻ واري هن فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو .
پاڪستان جو حڪمران طبقو ڪميونزم کي “رياست لاءِ خطرو” سمجهندو هو، اوڀر پاڪستان، خاص طور بنگال، ڪميونسٽ ۽ ترقي پسند سياست جو وڏو مرڪز بڻجي ويو۔
شاگرد تحريڪون، مزدور يونينون ۽ ٻوليءَ جي تحريڪ ۾ کاٻي ڌر جو اهم ڪردار هو۔
1960ع ۽ 1970ع وارو دور سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهڙو دور هو، جڏهن شاگرد سياست، ترقي پسند فڪر، قومپرستي، جمهوريت ۽ آمريت خلاف جدوجهد هڪ ٻئي سان ڳنڍجي نئين سياسي شعور کي جنم ڏئي رهي هئي۔ انهيءَ دور ۾ هڪ نالو آهستي آهستي سنڌ جي مزاحمتي سياست جي علامت بڻجي اڀريو اهو نالو هو ڪامريڊ ڄام ساقي جو.
ڄام ساقي صرف هڪ سياسي ڪارڪن نه هو، پر هو ان نسل جي نمائندگي ڪندو هو، جنهن آمريت، ون يونٽ، قومي جبر ۽ طبقاتي استحصال خلاف بغاوت کي پنهنجي سياسي زندگيءَ جو مقصد بڻايو۔
1962ع ۾ ٿر جي علائقي ڇاڇري مان ميٽرڪ ڪرڻ بعد ڄام ساقي حيدرآباد پهتو، جتي هن گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج ۾ داخلا ورتي۔ هي اهو ئي زمانو هو جڏهن سندس رابطو انڊر گرائونڊ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان ٿيو۔ سندس سياسي تربيت ۾ هڪ رٽائرڊ استاد عنايت الله ۽ بعد ۾ ڪامريڊ عزيز سلام بخاري اهم ڪردار ادا ڪيو۔
حيدرآباد ان دور ۾ ترقي پسند فڪر جو مرڪز بڻيل هو۔ سٽي ڪاليج، هاسٽلون، قومي ڪتاب گهر ۽ ادبي حلقا سياسي بحثن سان ڀريل هوندا هئا۔ نوجوان شاگرد مارڪس، لينن، مائوزي تنگ، چيني ۽ روسي انقلاب بابت پڙهندا هئا۔
ڄام ساقي جلد ئي شاگرد سياست جو سرگرم چهرو بڻجي ويو۔ هن ون يونٽ خلاف پمفليٽ لکيا، دستخطي مهم هلائي ۽ شاگردن جي حقن لاءِ تحريڪون منظم ڪيون۔
4 مارچ 1967ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلرحسن علي عبدالرحمان جي برطرفي خلاف شاگردن احتجاج شروع ڪيو۔ اها تحريڪ جلدي ئي ون يونٽ خلاف عوامي مزاحمت ۾ تبديل ٿي وئي۔ يوسف لغاري سان گڏ ڄام ساقي، مير ٿيٻو ,مهر حسين شاھ , قادربخش جتوئي ,نديم اختر، ۽ ٻيا ساٿي انهيءَ تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا۔
ان وقت جي ڪمشنر مسرور حسن شاگردن مٿان سخت تشدد ڪرايو، شاگرد گرفتار ٿيا، جيل ڀريا ويا، پر تحريڪ دٻجي نه سگهي۔
3 نومبر 1968ع تي سنڌ جي مختلف شهرن جي شاگرد تنظيمن گڏجي “سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن” (SNSF) قائم ڪئي۔ ان ۾ حيدرآباد، سکر، دادو ۽ نوابشاهه جي شاگرد تنظيمن جا اڳواڻ شامل ٿيا۔
ايس اين ايس ايف ان وقت سنڌ جي ترقي پسند شاگرد سياست جي سڀ کان اهم تنظيم بڻجي وئي۔ ڄام ساقي، مير ٿيٻو، مهر حسين شاهه، شاھ محمد شاھ,امان الله شيخ, نديم اختر، هدايت حسين، عنايت ڪاشميري ۽ ٻيا نوجوان اڳواڻ انهيءَ تنظيم جو حصو هئا۔
چيو وڃي ٿو ته تنظيم قائم ٿيڻ جي پنجين ڏينهن تي رياستي ڪارروائي شروع ٿي وئي۔ 8 نومبر 1968ع تي ڄام ساقي ۽ سندس ساٿي گرفتار ڪيا ويا۔
انهيءَ دور ۾ شاگرد سياست رڳو تعليمي مسئلن تائين محدود نه رهي هئي، پر اها قومي حقن، جمهوريت ۽ سماجي انصاف جي جدوجهد ۾ تبديل ٿي چڪي هئي۔
پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي پابندي لڳل هئي، تنهنڪري پارٽي مڪمل طور انڊر گرائونڊ نموني ڪم ڪندي هئي۔
پارٽي جو ڍانچو “سيل سسٽم” تي ٻڌل هوندو هو۔ هر سيل ۾ پنج کان ست ماڻهو شامل هوندا هئا۔ هڪ سيل کي ٻئي سيل جي خبر نه هوندي هئي۔ شاگردن، مزدورن، هارين ۽ اديبن جا الڳ الڳ سيل هوندا هئا۔
ضلعي ڪاميٽي، صوبائي ڪاميٽي، مرڪزي ڪاميٽي ۽ پولٽ بيورو تائين سڄو نظام سخت رازداري سان هلندو هو۔
اهو ماڊل بنيادي طور سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي طرز تي هو۔ جڏهن ته چين جي مائو نواز ماڊل کان پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي ڪيترن معاملن ۾ اختلاف رکندي هئي۔
رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ تي مائوزم جا اثر هئا، جڏهن ته پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي “قومي جمهوري انقلاب” ۽ پورهيت انقلاب جي ڳالهه ڪندي هئي۔
ڇاڪاڻ ته ڪميونسٽ پارٽي پابندي هيٺ هئي، تنهنڪري ان جا اڳواڻ ٻين سياسي پارٽين اندر ڪم ڪندا هئا۔ پاڪستان نيشنل پارٽي ۽ بعد ۾ نيشنل عوامي پارٽي نيپ اندر ڪيترائي ڪميونسٽ اڳواڻ سرگرم هئا۔
مير غوث بخش بزنجو، مير ٿيٻو، تاج مري، وزير لاکو، رشيد احمد شاهه، احمد خان جمالي ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو انهيءَ سياسي دائري سان لاڳاپيل هئا۔
جنرل ضياءَ جي آمريتي دور ۾ کاٻي ڌر خاص طور تي ڪميونسٽ پارٽي عتاب هيٺ رهي، جنرل ضياءَ جي دور ۾ ڪميونسٽن خلاف سخت ڪارروائي ٿي۔
ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي ,پروفيسر جمال نقوي، سهيل سانگي، شبير شر، بدر ابڙو ,ڪامريڊ امر لال۽ ٻين تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلائي ويا۔اصل ۾ اهوسائيڪلو اسٽائيل تي نڪرندڙ پمفليٽ ڪيس هو جيڪو بعد ۾ ڄام ساقي ڪيس طور مشهور ٿيو.
1978ع ۾ وفاقي جاچ اداري (FIA) ڪميونسٽ اڳواڻ ڄام ساقي کي گرفتار ڪيو ۽ ڪراچي ۾ ٻن گهرن تي ڇاپا هنيا ويا۔ ڄام ساقي خلاف فوجي حڪومت پاران 1980ع ۾ هڪ خاص ٽرائل قائم ڪيو ويو۔
هي پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي خلاف ٻيو وڏو ڪيس هو۔ ان کان اڳ 1950ع ۾ “راولپنڊي سازش ڪيس” هلي چڪو هو۔
ڄام ساقي ڪيس ۾ بينظير ڀٽو ,خان عبدالولي خان ,غوث بخش بزنجو ,معراج محمد خان ۽ ٻيا بچاء جي شاهد طور پيش ٿيا.
27 مارچ کان 29 مارچ 1983ع تائين بينظير ڀٽو جا بيان ٿيا. بينظير ڀٽو ڄام ساقي جي دفاع ۾ سمري ملٽري ڪورٽ آڏ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته “مان فوجي عدالتن کي تسليم نٿي ڪريان.” هن وڌيڪ شاهدي ڏيندي چيو ته: “ڄام ساقي رياست جو هڪ محب وطن شهري آهي.” هن ڄام ساقي کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ڄام ساقي ڪيس جي هڪ ٻي اهم اڳواڻ سهيل سانگي جو تعلق به ڇاڇري سان هو .هو ڄام ساقي جو ويجهو عزيز آهي.
سهيل سانگي جي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت جو سفر سنڌ جي شاگرد سياست ۽ کاٻي ڌر جي تحريڪ جو هڪ اهم باب آهي۔ سندس سياسي شعور جو بنياد ڇاڇري ۾ ميٽرڪ جي تعليم دوران ئي پيو، جتي ٿر جي ڏڪار، غربت ۽ سماجي محرومين کيس اڳ ئي سوشلسٽ سوچ ڏانهن مائل ڪري ڇڏيو هو۔ بعد ۾ هن مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتي، جتي سندس فڪري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا۔
حيدرآباد پهچڻ کان پوءِ هو ڪجهه وقت پنهنجي ويجهي عزيز ڄام ساقي وٽ رهيو، جيڪو ان وقت حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم اڳواڻ ۽ انڊر گرائونڊ ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل هو۔ ان دور ۾ مير ٿٻو، مهر حسين شاهه، نديم اختر ۽ هدايت الله جهڙا شاگرد اڳواڻ پڻ سياسي تحريڪ جو اهم حصو هئا۔
ڄام ساقي، سهيل سانگي کي ان وقت جي ڪميونسٽ ڪارڪن ڇگن چارڻ سان ملايو، جيڪو ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل “قومي ڪتاب گهر” جو سنڀاليندڙ هو۔ اهو ڪتاب گهر پارٽي جي فڪري ۽ تنظيمي مرڪز طور ڪم ڪندو هو، جتي ترقي پسند ادب ۽ سياسي شعور کي وڌايو ويندو هو۔ اتان سهيل سانگي جي باقاعده طور ڪميونسٽ پارٽي سان وابستگي شروع ٿي ۽ هو مڪمل طور تي هول ٽائيم پارٽي ڪارڪن بڻجي ويو۔
4 مارچ 1967ع کان پوءِ وارو اهو دور سندس سياسي زندگيءَ ۾ هڪ نئين موڙ جي حيثيت رکي ٿو، جڏهن هن عملي طور پارٽي ڪم کي پنهنجو مڪمل وقت ڏنو۔ 1970ع جي عام چونڊن ۾ جڏهن ڪميونسٽ پارٽي ڄام ساقي کي ٿرپارڪر ضلعي مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي راڻا چندر سنگهه خلاف اميدوار بڻايو، ته سهيل سانگي کي ان مهم جو اليڪشن آفيس انچارج مقرر ڪيو ويو هو۔ ڄام ساقي پنهنجي سموري سياسي جدوجهد باوجود اهو مقابلو کٽي نه سگهيو، پر اها مهم سنڌ جي شاگرد ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ هڪ اهم سياسي تجربو بڻجي وئي۔
سهيل سانگي مجموعي طور تي پنج سال جيل ڪاٽيو.قيد دوران هن جا 62 ڏينهن انٽروگيشن ۽ ٽارچر ڪيمپ ۾ گذريا ۽ 16 مهينا قيد تنهائي ۾ رهڻو پيو۔ سهيل سانگي سينئر صحافي سان گڏ سنڌ يونيورسٽي ۾ تدريسي شعبي سان به لاڳاپيل رهيو.ڄام ساقي ڪيس جو هڪ ٻيو اهم ڪردار شبير شر
4 اپريل 1956ع تي ضلعي خيرپور ميرس جي تعلقي ميرواهه جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ جنم ورتو. سندس زندگي شروعات کان ئي جدوجهد، شعور ۽ مزاحمت جي سياست سان جڙيل رهي.
1969ع ۾ هن ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ حصو وٺي سياسي سفر جي شروعات ڪئي. بعد ۾ جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا خلاف مزاحمتي جدوجهد ۾ سرگرم رهيو.1980ع ۾ کيس جنرل ضياء جي فوجي حڪومت گرفتار ڪيو. ڄام ساقي ڪيس ۾سندن ساٿين شهيد نظير عباسي، ڄام ساقي، سهيل سانگي، بدر ابڙو، پروفيسر جمال نقوي، ڪمال وارثي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ڪامريڊ امر لعل سان گڏ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. شبير شر ۽ ڪمال وارثي کي ست سال قيد جي سزا ڏني وئي. اٺن سالن جي ڊگهي قيد کان پوءِ هو آزاد ٿيو.آزاد ٿيڻ بعد هن پنهنجي زندگيءَ جو رخ صحافت ڏانهن موڙيو.
1993ع ۾ هن وڪالت جي پيشي کي اختيار ڪيو. هو هڪ سٺو ليکڪ به آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ سفر ناما ۽ جيل ڊائريون شامل آهن. ڄام ساقي ڪيس جو هڪ ٻيو اهم ڪردار بدر ابڙو سنڌ جو ناميارو محقق، ليکڪ، سفرناما نگار ۽ لغت نويس آهي، جنهن پنهنجي لکڻين وسيلي سنڌ جي تاريخ، تهذيب، جاگرافي، ٻولي ۽ لوڪ ورثي تي اهم ڪم ڪيو آهي. هو نامياري اديب ۽ جج جمال ابڙو جو فرزند آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ پنهنجو منفرد مقام رکي ٿو. بدر ابڙي کي به مشهور ڄام ساقي ڪيس ۾ ٻين ساٿين سان گڏ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو.
بدر ابڙو جو شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جن صحافت، تحقيق ۽ سفرنامي کي گڏ کڻي سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي حالتن کي دستاويزي انداز ۾ پيش ڪيو. سندس لکڻين ۾ مشاهدي جي گهرائي، تاريخي حوالا ۽ سائنسي اندازِ فڪر واضح نظر اچي ٿو. هن ايم آرڊي جي تحريڪ تي به شاندار ڪتاب لکي ان کي تاريخ جو حصو ٺاهي ڇڏيو .ڄام ساقي ڪيس جي ٻين ڪردارن ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سنڌي صحافت جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪڍيو آهي .هن ڪمپيوٽر تي پهرين سنڌي اخبار عوامي آواز شايع ڪئي.
ڪامريڊ امر لال اصل پنوعاقل شهر جو رهواسي آهي .هن ڊي ايس ايف جي شاگرد سياست کان شروعات ڪئي . مشهور ڄام ساقي ڪيس ۾ ٻين ساٿين سان گڏ ڪورٽ مارشل ٿيو ۽ ستن سالن تائين قيد ۾ رهيو . ڪامريڊ امر لال اڳتي هلي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو .ڪامريڊ امر لال بابت ساڳئي سياسي سٿ جي هڪ ڪميٽيڊ دوست سورگواسي ڪامريڊ راجڪمار وڻجاري گهڻا سال اڳ ڪٿي لکيو هو ته جڏهن امر لال گرفتار ٿيو ته انکي ڦاسي گھاٽ جي قيدين جي ڀرسان ڪنهن ڪال ڪوٺڙي ۾ رکيو ويو ھو . ڪامريڊ کان مون پڇيو ته اوھان تشدد ڪيئن برداش ڪيو ھو؟؟
ڪامريڊ امرلال جواب ڏيندي چيو ته تشدد جسم نه پر ذھن برداشت ڪندو آهي. اسان جا آدرش ھئا ۽ انقلاب جا خواب ڏٺا ھئاسين. انهن آدرشن ۽ خوابن تشدد برداش ڪيو نه ته وڏي ۾ وڏن ٿلھن ۽ متارن ماڻھن جا لڱ ڇڏائجي ويندا آهن .
ڪمال وارثي جو نالو به ان فهرست ۾ اچي ٿو جيڪي 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ضياءَ الحق جي مارشل لا دور ۾ گرفتار ڪيا ويا. کيس ڄام ساقي ڪيس جي سلسلي ۾ ٻين سياسي ڪارڪنن سان گڏ گرفتار ڪري فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو۽ هو اڌن سالن تائين قيد رهيو.
ڪمال وارثي کي سياسي حلقن ۾ هڪ اهڙي ڪردار طور ياد ڪيو وڃي ٿو جيڪو سخت دور ۾ به پنهنجي سياسي نظرئي سان جڙيل رهيو ۽ قيد و بند جون صعوبتون برداشت ڪيون.
هي اهو دور هو جنهن ۾ ڊي ايس ايف جي چيئرمين ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش کي گرفتار ڪري سمري ملٽري ڪورٽ ۾ چالان ڪيو ويو .گورباچوف جو لکيل ڪتاب گلاسنوسٽ ۽ پرواسٽرائيڪا جو سنڌي ۾ ترجمو ڪندڙ ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش بعد۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيو.92 ۾ نوازشريف جي حڪومتي دور ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش کي کنڀيو ويو ۽ هو ڪيترن مهينن تائين مسنگ رهيو .آزاد ٿيڻ بعد حشوڪيولراماڻي وانگر هن کان به پنهنجو وطن ڇڏرايو ويو ۽ هو اڄ به جلاوطني واري زندگي گذاري رهيو آهي.
کاٻي ڌر جي سوشلسٽ تحريڪ دوران ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي ذيلي فرنٽن جا ڪيترائي ڪارڪن ۽ اڳواڻ کنڀا ويا ,سالن تائين جيلن جون صعوبتون برداشت ڪندا رهيا .کاٻي ڌر جي انهن اڏول سياسي ڪارڪنن ۾ شهيد حسن ناصر ,شهيد نظير عباسي, امداد چانڊيو ,ڪامريڊ مانڌل شر ,بدر ابڙو,حميده گهانگهرو, سهيل سانگي ,ڦوٽو رستماڻي ,غلام رسول سهتو,اختيار ڀٽو,شبير بيدار ڀٽو عرف سڄڻ ڀٽو ,ڪامريڊ امرلال ,شبيرشر ,ڊاڪٽر جبار خٽڪ , محمد خان سولنگي ,ڊاڪٽر راجڪمار ,ڪمال وارثي ,اعزاز نذير,ڪامريڊ امام علي نازش ۽ ٻيا شامل آهن.
هڪڙي دور ۾ سنڌ جي شهرن ۾ نعرو گونجندو هو: “جيل ڪا ڦاٽڪ ٽوٽي گا ــ ڄام ساقي ڇوٽي گا!
حيدرآباد ۾ سندن شاندار استقبال ڪيو ويو۔ پارٽي فيصلو ڪيو ته ڄام ساقي ۽ ٻين اڳواڻن جا سڄي سنڌ ۾ جلسا ڪرايا وڃن، جيئن پهريون ڀيرو کليل نموني ڪميونسٽ فڪر کي عوام تائين پهچائي سگهجي۔
انهيءَ زماني ۾ ڪيترائي نوجوان، اديب، وڪيل، استاد ۽ سماجي ڪارڪن ڳجهي نموني ڪميونسٽ پارٽيءَ سان سلهاڙيل هئا۔ “سرخ پرچم” جهڙا رسالا هٿن هٿن ۾ ڦرندا هئا ۽ نظرياتي بحثن جو اهم ذريعو بڻيل هئا۔
ڄام ساقي جي سزا جو اعلان ٻڌڻ سان ئي سندس گهرواري سکان کوهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي حياتي جو انت آندو.
اهو واقعو صرف هڪ خاندان نه، پر هڪ پوري سياسي جدوجهد جي قيمت کي ظاهر ڪري ٿو.
سياسي نظرين ۽ آدرشن جي جنگ ۾ ڪيترائي ڪارڪن سخت اذيتن مان گذريا آهن.
انهن جدوجهدن جو بار صرف قيدين تي نه، پر سندن گهر ڀاتين تي به پوي ٿو.
حسن ناصر جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته کيس شهادت کان پوءِ به سندس والده کي لاش نه ڏنو ويو.
اهڙن واقعن رياستي جبر ۽ سياسي تحريڪن جي تاريخ ۾ گهرا زخم ڇڏيا آهن.
ڄام ساقي ڪيس ۾ ڊگهي قيد ڪاٽيندڙ سهيل سانگي جو بيان به انتهائي اهم آهي.
سندس چوڻ هو ته قيد جي تنهائي اسان جي ذهني حالت تي سخت اثر وڌو.
گهڻا ساٿي ان عرصي دوران نفسياتي دٻاءَ جو شڪار ٿي ويا.
۽ وقت سان گڏ سندن گهر ڀاتين کي به مسلسل اذيت ۽ پريشانيون سهڻيون پيون.
اهڙي صورتحال ۾ سياسي جدوجهد صرف فرد نه، پر پوري خاندان جي آزمائش بڻجي وڃي ٿي.
هي تاريخي تجربا اڄ به سياسي تحريڪن جي قيمت کي سمجهڻ لاءِ اهم آهن.
ڄام ساقي جي سياسي زندگي اصل ۾ سنڌ جي ترقي پسند سياست، شاگرد تحريڪن، قومي سوال، جمهوريت جي جدوجهد ۽ رياستي جبر جي مڪمل تاريخ آهي۔
ڄام ساقي آخر ۾ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو , هو سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار به رهيو.

ڪميونسٽ پارٽي جو هڪڙو ٻيو کاهوڙي ڪردار ڄام ساقي ڪيس ۾ قيد دوران غيرانساني تشدد جي نتيجي ۾ شهادت ماڻيندڙ شهيد نذير عباسي سنڌ جي کاٻي ڌر واري سياست جو هڪ اهم، بهادر ۽ نظرياتي جدوجهد سان جڙيل نوجوان اڳواڻ هو. هو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ شاگرد سياست ۽ پوءِ مزدور تحريڪن ۾ سرگرم رهيو ۽ سنڌ نیشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سميت مختلف تنظيمن ۾ ڪم ڪيو. نذير عباسي جو سياسي ڪم مزدورن، هارين ۽ شاگردن جي حقن لاءِ مسلسل جدوجهد تي ٻڌل هو.
ضياءَ دور ۾ جڏهن ڪميونسٽ ۽ کاٻي ڌر جي ڪارڪنن تي سخت پابنديون لڳيون، تڏهن نذير عباسي روپوشي ۾ به سياسي ڪم جاري رکيو. هو سياسي تنظيم سازي، اسٽڊي سرڪلز ۽ مزدور تحريڪن سان جڙيل رهيو. 1980ع ۾ کيس ٻين ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ کيس سخت پڇاڳاڇا ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
30 جولاءِ 1980ع تي نذير عباسي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ 9 آگسٽ 1980ع تي هو تشدد سبب شهيد ٿي ويو. سندس لاش کي بعد ۾ سخي حسن قبرستان، ڪراچي ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قتل سياسي حلقن ۾ وڏو ڏک ۽ احتجاج جو سبب بڻيو.
نذير عباسي کي هڪ اهڙي شخص طور ياد ڪيو وڃي ٿو جنهن اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. هو خوش مزاج، بهادر ۽ نظرياتي طور تي پختو اڳواڻ هو. سندس شهادت پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ رياستي جبر ۽ کاٻي ڌر جي تحريڪن جي دردناڪ باب طور سڃاتي وڃي ٿي. کاٻي ڌر جي انهي تحريڪ جي کاهوڙي ڪردارن ۾ هڪ ڊگهي فهرست شامل آهي.
ڪامريڊ مانڌل شر سنڌ جي کاٻي ڌر ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جو هڪ ارڏو، بهادر ۽ کاهوڙي ڪردار هو، جنهن پنهنجي سڄي حياتي هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي۔
1970ع وارين چونڊن دوران جڏهن هن ميرپور ماٿيلو مان چونڊن لاءِ فارم ڀرايو، ته تر جي وڏيرڪي سماج ان کي پنهنجي بالادستي لاءِ چئلينج سمجهيو۔
چيو وڃي ٿو ته سزا طور سندس منهن ڪارو ڪري گڏهه تي چاڙهي شهر ۾ گهمايو ويو، جيئن اهو پيغام ڏنو وڃي ته “عام ماڻهو” کي بااثر ڌرين سامهون بيهڻ جي جرئت نه ڪرڻ گهرجي۔
پر اهي تذليلون به مانڌل شر جي حوصلي کي ٽوڙي نه سگهيون۔
هو ڊگهو عرصو جيلن، ٽارچر سيلن ۽ سياسي قيد ۾ رهيو۔
مچ جيل ۾ شهيد نذير عباسي سان گڏ الڳ الڳ کوليُن ۾ قيد رهيو، جتي سياسي ڪارڪنن سخت اذيتون ڀوڳيون۔
ڪاڇي جي علائقي واهي پانڌي جو ڦوٽو رستماڻي پڻ سندس ويجهو ساٿي هو، جيڪو سنڌ هاري ڪميٽي جي جدوجهد ۾ سرگرم رهيو۔هن ايم آرڊي تحريڪ ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون. هن رمضان ميمڻ ,تاج مري ,پنهل ساريو وارن سان گڏجي سنڌ هاري پورهيت ڪائونسل ٺاهي هئي.
انهن ڪارڪنن لاءِ سياست رڳو نعرا نه، پر قرباني، بک، جيل ۽ مزاحمت جو ٻيو نالو هو۔
ڪامريڊ غلام رسول سهتو به هارين جي حقن لاءِ هڪ مثالي جدوجهد ڪندڙ اڳواڻ طور ياد ڪيو وڃي ٿو۔
هو سخت بيماري، پيرسني ۽ ڪمزور جسم باوجود آخري گهڙي تائين جدوجهد ڪندو رهيو۔
زندگي جي آخري ڏينهن ۾ به هن بک هڙتال ڪري احتجاج جاري رکيو۔
اهي ماڻهو اقتدار، دولت يا شهرت لاءِ نه، پر هڪ خواب لاءِ وڙهندا رهيا۔
سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ اهڙا ڪردار مزاحمت، نظرياتي وابستگي ۽ عوامي جدوجهد جي علامت طور ياد رکيا ويندا۔
اختيار ڀٽو جهڙا ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن به وقت جي سياسي ماٺار ۽ نظرياتي ٽٽڻ کانپوءِ آخرڪار مئيخانن حوالي ٿي ويا۔
هو ضياءَ دور ۾ پنهنجي قميصن تي “ڄام ساقي کي آزاد ڪريو” ريشمي ڀرت سان لکرائي احتجاج ڪندو هو، جيڪو پنهنجي نوعيت جو منفرد سياسي اظهار هو۔
اختيار ڀٽو ڊي ايس ايف سان لاڳاپيل هڪ جذباتي ۽ آدرشي نوجوان هو، جنهن سڄي حياتي شادي به نه ڪئي۔
چيو وڃي ٿو ته سکر سينٽرل جيل ۾ سمري ملٽري ڪورٽ جي جج سان بحث ڪرڻ تي کيس پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن سميت وڌيڪ ڇهه مهينا سزا ڀوڳڻي پئي۔
سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ ڪيترائي کاٻي ڌر جا ڪارڪن وکري ويا، پر اختيار ڀٽو جهڙا ماڻهو اندر ئي اندر ڀڄي پيا۔
آخرڪار اهو انقلابي نوجوان صوفياڻي راڳ، تنهائي ۽ مئيخاني جي دنيا ۾ گم ٿي ويو۔ چاچو شاھ محمد دراني به ڪميونسٽ پارٽي جو حصو رهيو . هو سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ به سرگرم رهيو.
سهيل سانگي , انور پيرزادو, ڪامريڊ غلام رسول سهتو ,اعجاز منگي , ذلف پيرزادو, ڊاڪٽر جبار خٽڪ ,امداد اوڍو ,محمد خان سولنگي ,منظور سولنگي ,رشيد راڄڙ ,لالا رحمان سمون ,ارشاد گلاباڻي ,مهيش ڪمار,اقبال ملاح ,عاجز جمالي ,حميده گهانگهرو ۽ ٻين کوڙ سارن کاٻي ڌر جي کاهوڙي ڪارڪنن صحافت جي شعبي کي جوائن ڪيو. ڊي ايس ايف جو چيئرمين رهندڙ علي حسن چانڊيو سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل رهيو ۽ آخر ۾ هن پنهنجي الڳ پارٽي ٺاهي هئي. سحر رضوي ۽ سندس مڙس زين دائودپوٽو به کاٻي ڌر جي سياست جو حصو رهيا .زين دائود پوٽو عملي سياست کي خيرباد چئي صحافت جي شعبي کي جوائن ڪيو جڏھن ته سحر رضوي سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ,هو ترقي پسند ناري تحريڪ جي مرڪزي صدر رهي چڪي آهي. امداد چانڊيو سياست کي خيرباد چئي هيومن رائيٽس ڪميشن ۾ شامل ٿيو.