آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پٽ ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر ۽ بيٽينا اينڊرسن جلد شادي ڪرڻ وڃي رھيا آھن، جڏھن تہ سندن شادي جي تقريب بابت نوان تفصيل اچي ويا آھن.
پرڏيھي ميڊيا رپورٽس مطابق ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر ۽ بيٽينا اينڊرسن جي شادي ھلندڙ ھفتي ميموريل ڊي ويڪ اينڊ تي بھاماس ۾ منعقد ٿيندي.
رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ شادي جي تقريب ھڪ خانگي جزيري تي ٿيندي، جتي صرف ويجھا دوست ۽ گھر ڀاتي شرڪت ڪندا.
ذريعن مطابق جوڙي گذريل سال مڱڻي جي خوشخبري ڏني ھئي، جڏھن تہ تازن مھينن ۾ برائيڊل شاور جون تقريبون بہ منعقد ڪيون ويون آھن.
رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي تہ ابتدائي طور تي ٻئي ھڪ وڏي ۽ شاندار شادي جي تقريب چاھين ٿا، ايستائين جو وائٽ ھائوس ۾ تقريب جا امڪان تي بہ ڳالھ ڪئي پئي وئي، جڏھن تہ ايران بابت ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ عالمي حالتن جي ڪري ھاڻ تقريب کي محدود ۽ خانگي رکيو ويو آھي.
اڃا تائين شادي جي حتمي مھمانن جي فھرست سامھون نہ آئي آھي، جڏھن تہ امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي تہ تقريب ۾ ٽرمپ خاندان جا ويجھا ماڻھو ۽ ڪجھ خاص دوست شريڪ ٿيندا.