پهرين اپريل: سنڌ جي بمبئي کان آزادي جو ڏينهن هڪ تاريخي جائزو

فہرستِ مضامین

شڪيل سومرو

 

پهرين اپريل  جو ڏينهن سنڌ جي تاريخ ۾  هڪ اهم ۽ يادگار ڏينهن آهي. 1 اپريل 1936ع تي سنڌ، بمبئي پريذيڊنسي کان ڌار ٿي، هڪ الڳ صوبي جي حيثيت سان وجود ۾ آئي. هي ڏينهن سنڌي سڃاڻپ، سياسي شعور ۽ جدوجهد جي علامت طور ياد ڪيو وڃي ٿو.

سنڌ بمبئي پريذيڊنسي ۾ ڪڏهن شامل ٿي؟

1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، جڏهن جنرل چارلس نيپيئر ٽالپر حڪمرانن کي شڪست ڏني. ان کان پوءِ 1847ع ۾ سنڌ کي انتظامي سهولت لاءِ بمبئي پريذيڊنسي ۾ شامل ڪيو ويو، پر هي انتظامي فيصلا سنڌ جي ماڻهن لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ لڳا، سنڌ جي ٻولي ۽ ثقافت کي نظرانداز ڪيو ويو سرڪاري نوڪريون گهڻو ڪري بمبئي وارن وٽ رهيون، سنڌ جي وسيلن تي ٻاهريون ڪنٽرول وڌيوسياسي نمائندگي گهٽجي وئي.

 

آزادي جي تحريڪ ڪڏهن شروع ٿي؟

سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ جي تحريڪ ويهين صدي جي شروعات ۾ زور وٺڻ لڳي، 1928 ڌاري سنڌ ۾ سنڌ جي بمبئي پرڳڻي کان آزادي جي تحريڪ هلي ان تحريڪ جون ٽي اهم ڪانفرنسون  هڪ ڪراچي ۾ ٻي حيدرآباد ۽ ٽين ڪراچي ۾ ٿيون ، جن ۾ انگن اکرن ۽ دليلن سان ڀرپورٺھرائن وسيلي برطانوي سامراج کان مطالبا ڪيا ويا هئا ته سنڌ تاريخ جي هر دور ۾ هند کان الڳ ملڪ رهيو آهي ان ڪري ان جو بمبئي سان قانوني طرح ڳانڍاپو غيرفطري غيرتاريخي ۽ غيراخلاقي قدم آهي.  انهن ڪانفرنسن ۾ جن مکيه ماڻھن حصو ورتو هو تن ۾ بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي ,حاجي عبدالله هارون , سائين جي ايم سيد ,شيخ عبدالمجيد سنڌي ,محمد ايوب کهڙو , پير علي محمد راشدي ,ڄيٺمل پراسرام ,ميرمحمد بلوچ ,جمشيد نسروانجي مهتا ,رستم خورشيد سڌوا ۽ ٻيا شامل هئا.

جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “سنڌ ڳالهائي ٿي”  ۾  لکي ٿو ته  آئون پنهنجي قوم , ان جي دانشورن ۽ نئين مجاهد نسل جي سامهون هي اعتراف ڪرڻ ٿو چاهيان  ته انوقت سياسي شعور جي گهٽتائي ,تجربي جي کوٽ ۽ آل انڊيا مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڳچي تائين ڦاٿل هئڻ ڪري اسان پنهنجي ديس جي مڪمل آزادي جي گهر ڪرڻ بدران ان کي هندستان جي هڪ خودمختيار صوبي بڻائڻ جي گهر ڪئي ۽ تحريڪ هلائي. حالانڪ جنهن صورت ۾ انگريزن  اسان جي آزاد ملڪ تي حملو ڪري انکي غلام بڻايو هو ان صورت ۾ اسان کي پنهنجي ديس جي مڪمل آزادي جي تحريڪ هلائڻ کپندي هئي.

 سنڌ پرڳڻي جي حيثيت حيدرآباد دکن ,ميسور ,جوڌپور ,جئپور ,جهوناڳڙھ ,گائيڪواڙ کان مختلف هئي .اهي رياستون فطري ۽ تاريخي طرح ھندستان جو حصو هيون پر سنڌ جي نوعيت انهن کان قطعي مختلف هئي  ۽ اها تاريخ جي طويل سفر ۾  “هند” جي متوازي “سنڌ ” جي نالي سان سلطنت رهندي پئي آئي هئي ۽ ان وقت جڏھن بمبئي پرڳڻي کان سنڌ جي آزادي جي تحريڪ هلي رهي هئي تڏھن خانبهادر ايوب کهڙي هڪ ڪتاب “سفرنگس آف سنڌ”  لکي ان ۾ سنڌ جي ان تاريخي حيثيت جا حوالا ڏنا هئا ۽ ان جي قديم  ملڪ واري حيثيت جو ذڪر ڪيو هو.

1920ع واري ڏهاڪي ۾ هي تحريڪ وڌيڪ منظم شڪل اختيار ڪري وئي، جڏهن سنڌ جي سياسي اڳواڻنوڪيلنصحافين۽ دانشورن ان مسئلي کي عوامي سطح تي اٿارڻ شروع ڪيو، سنڌ جي بمبئي کان آزادي واري تحريڪ ۾ ڪيترن ئي اهم اڳواڻن ڪردار ادا ڪيو، انهن اڳواڻن نه صرف برطانوي حڪومت آڏو مطالبا رکيا، پر آل انڊيا مسلم ليگ ۽ ٻين فورمن تي به سنڌ جي الڳ صوبي جي حيثيت لاءِ آواز اٿاريو.

 

تحريڪ ڪيئن ڪامياب ٿي؟

1930ع کان پوءِ حالتون تبديل ٿيڻ لڳيون:گول ميز ڪانفرنسن (Round Table Conferences) ۾ سنڌ جي مسئلي کي اٿاريو ويو، برطانيا حڪومت آئين ۾ سڌارن جو اعلان ڪيوم آخرڪار گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935 تحت سنڌ کي الڳ صوبي جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ٿيو، ۽ پوءِ  1 اپريل 1936ع تي سنڌ رسمي طور بمبئي کان الڳ ٿي وئي

سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ بعد 1937ع ۾ پهريون ڀيرو صوبائي چونڊون ٿيون، جيڪي Government of India Act 1935 تحت منعقد ڪيون ويون. انهن چونڊن ۾  سنڌ اتحاد پارٽي 24 سيٽون کڻي اڪثريت حاصل ڪئي، پر گورنر جمهوري روايتن کي نظرانداز ڪندي اڪثريتي پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جو حق نه ڏنو. ان جي بدران سر غلام حسين هدايت الله کي، جنهن جي پارٽي ٿورين سيٽن تي بيٺل هئي، حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني وئي. اهڙي طرح سر غلام حسين هدايت الله سنڌ جو پهريون پريميئر بڻيو.

1937ع کان 1947ع تائين سنڌ جي سياست مسلسل عدم استحڪام جو شڪار رهي، جتي بار بار حڪومتون ٽٽنديون ۽ نيون ٺهنديون رهيون. هن دور ۾ الله بخش سومرو، سر غلام حسين هدايت الله، مير بند علي ٽالپر , پير الاهي بخش ۽ ايوب کهڙو جهڙا اڳواڻ اقتدار ۾ ايندا ويندا رهيا. برطانوي راڄ جي مداخلت، سياسي ڌڙابندي ۽ مفادن جي سياست سنڌ ۾ جمهوري عمل کي ڪمزور ڪيو، جنهن جا اثر ورهاڱي ۽ ان کانپوء نئون ملڪ وجود ۾ اچڻ  تائين جاري رهيا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں