پنڪي اھم ادارن اينٽي نارڪو ٽڪس، ايڪسائيز ۽ پوليس جي موجودگي ۾ ڪيئن منشيات سپلاءِ ڪندي رھي

فہرستِ مضامین

نياز احمد کوسو                          

پنڪي اصل ۾ ڪراچي ابو الاصفھاني روڊ، گلشن اقبال، اي ون ڪمپليڪس ۾ رھندڙ ميٽرڪ پاس ڇوڪري آھي. ھيءَ 1995 ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿي ۽ ھاڻ 31 سالن جي آھي.

پنڪي پنھنجي ٽن ڀائرن نثار، رياض ۽ شوڪت سان رھندي ھئي. ھن شروع ۾ پاڻ منشيات استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. شراب جي وڌيڪ استعمال سان جڏھن شراب جو اثر گھٽ ٿيڻ لڳو تہ ھن ڪوڪين جي ھڪ خاص مقدار شراب ۾ شامل ڪري پيئڻ شروع ڪيو، تہ ان جو مزو ٻيڻو ٿي ويو. انھي دوران منشيات فروش رانا اڪرم پنڪي سان شادي ڪئي ۽ پنڪي پنھنجي فارمولي کي پاڻ تي آزمائش ڪري ڊرگز جي سپلاءِ مارڪيٽ ۾ شروع ڪري ڇڏي.

پنڪي جي فارمولي تي ٺھيل ڊرگز مارڪيٽ ۾ تمام جلد مقبول ٿي وئي. پنڪي پنھنجي مڙس رانا اڪرم ۽ ٽنھي ڀائرن جي مدد سان اھو ڪم اينٽي نارڪو ٽڪس، ايڪسائيز ۽ پوليس جي نظر ۾ اچڻ کان بغير ڪافي سالن تائين ھلايو.

سال 2021 ۾ درخشان پوليس منشيات سپلاءِ ڪندڙ ھڪ رائيڊر کي گرفتار ڪري ورتو. ڊيليوري رائيڊرز جون گرفتاريون 2022 تائين جاري رھيون. ٻڌايو وڃي ٿو تہ درخشان پوليس ڪيترائي ڀيرا پنڪي کي گرفتار ڪيو، پر پنڪي ھر ڀيري ڏي وٺ بعد آزاد ڪئي وئي ڇو تہ پنڪي موجب ھوءَ جڏھن ڪراچي يا لاھور ۾ ڪنھن ڪم سبب ٻاھر نڪرندي ھئي تہ پاڻ سان گڏ ٻہ ڪروڙ کڻي نڪرندي ھئي تہ جيئن پڪڙجڻ جي صورت ۾ موقعي تي ئي ڊيل ڪري نڪري وڃي ۽ ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو.

سائوٿ پوليس طرفان ھڪ سال ۾ 10 ڀيرا رائيڊرز جي گرفتاري بعد پنڪي لاھور منتقل ٿيڻ ۽ اتي پنھنجو نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پنڪي پنھنجي بيان ۾ ٻڌايو تہ لاھور ۾ ڪم ڪرڻ ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻ کان آسان آھي.

پنڪي لاھور ۾ خيابان ظفر سوسائٽي رائونڊ روڊ لاھور ۾ رھندي ھئي ۽ پنھنجو نيٽ ورڪ ڪاميابي سان ھلائيندي رھي پر لاھور پوليس کي ڪا بہ خبر نہ ھئي.

انھي دوران پنڪي کي لاھور پوليس جي ھڪ ڊي ايس پي گرفتار ڪري ورتو، پر ان گرفتاري جو اختتام پنڪي ۽ ڊي ايس پي صاحب جي شادي تي ٿيو.

پنڪي 2022 کان لاھور ۽ ڪراچي ۾ منشيات جو ھڪ تمام وڏو نيٽ ورڪ ھلائيندي رھي، پر حيرت انگيز طور تي وفاقي ادارا اي اين ايف ۽ ٻنھي صوبن جا ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ پنڪي جي نيٽ ورڪ کان لاعلم رھيا. سائوٿ پوليس کي پنڪي جي نيٽ ورڪ جو پتو ھو، پر لاھور پوليس جي ڊي ايس (جنھن جو نالو لکڻ نٿو چاھيان) سان شدي بعد لاھور پوليس بہ پنڪي جي نيٽ ورڪ کان لاعلم رھي. مونکي حيرت ٿيندي آھي تہ ايتري وڏي پئماني تي ڪم ڪندڙ نيٽ ورڪ کان ٽي ادارا ڪيئن لاعلم رھي سگھن ٿا؟

گھرو وزير محسن نقوي ۽ ايڪسائيز سنڌ ۽ پنجاب جي وزير صاحبن کي منشيات ختم ڪندڙ ادارن اي اين ايف ۽ ايڪسائيز کان سندن ڪارڪردگي تي پڇا ڪرڻ گھرجي. پوليس ۽ انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) ڪيستائين انھن جو ڪم ڪندي رھندي؟ ۽ ڪڏھن اھي ادارا پنھنجي پيرن تي بيھندا؟ ڪيئن اھا بدنام زمانہ عورت خاموشي سان لاھور ۽ ڪراچي ۾ نيٽ ورڪ ھلائيندي رھي؟

ڪالھ رمانڊ وٺڻ وقت ھڪ سائوٿ پوليس جي انسپيڪٽر ذاتي طور تي رمانڊ جي نگراني ڪري رھيو ھو. پنڪي جو پوليس رمانڊ نہ ملڻ تي ان انسپيڪٽر پنڪي کي مبارڪباد ڏني ۽ ٻڌايو تہ سندس ڪاوشن سان پنڪي جو پوليس رمانڊ نہ مليو ۽ عيد کان پھريان پنڪي کان پنج لک عيدي وٺي ڇڏي.

پنڪي جي گرفتاري ھڪ ڳجھي اداري آءِ بي جي ڪري عمل ۾ آئي، جيئن تہ موجودھ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان ڪافي عرصو ڪراچي ۾ آءِ بي سنڌ جو جوائنٽ ڊائريڪٽر رھيو آھي، ھن پنھنجي اڳوڻي معلومات مطابق آءِ بي کان تعاون حاصل ڪري آءِ بي ئي کان پنڪي کي گرفتار ڪرايو. اھو انھي طرح آھي جڏھن اي وي سي سي ڪراچي ڪيترائي ڏينھن ارمغان کي مھمان جي حيثيت ۾ رکڻ بعد پنھنجا ھٿ مٿي ڪري ڇڏيا، تہ سوشل ميڊيا ۽ عوام جي دٻاءُ  تي ان وقت جي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جوابدار ارمغان کي آءِ بي جي حوالي ڪيو تہ ٽن ڪلاڪن ۾ ارمغان بريڪ ٿي ويو ۽ بلوچستان مان مصطفيٰ عامر جو لاش ھٿ ڪئي ويو.

سائوٿ پوليس نہ صرف ڪراچي پر سنڌ پوليس جو چھرو آھي، جيڪڏھن جسم ڪيترو بہ خوبصورت ھجي ۽ چھرو داغدار ھجي تہ ماڻھو ان عورت کي قبول نٿو ڪري. اھا ڳالھ تمام افسوس سان ڪرڻي پوي ٿي تہ سائوٿ پوليس ۾ ڪراچي پوليس جي بدنام ۽ نااھل ترين آفيسرن ۽ ملازمن کي صرف ھڪ ايجنڊا کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گڏ ڪيو ويو آھي جنھن سبب ھر روز پوليس جي بدنامي سبب گھرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پريشان نظر اچن ٿا.

سائوٿ پوليس جو قبلو تہ درست نٿو ٿي سگھي، پر گھرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي سائوٿ پوليس ۾ آپريشن ڪلين اپ ڪرڻو پوندو نہ تہ سائوٿ پوليس جي ڪري اھا بدنامي ٿيندي رھندي. ڪجھ ئي ڏينھن اڳ ھڪ بدبودار سب انسپيڪٽر ھڪ عورت ايس ايس پي جي پٽ سان جيڪو رويو رکيو، اھو مھذب معاشري ۾ ڪنھن بہ ريت قابل قبول ناھي. ڪالھ جنھن انسپيڪٽر پنڪي کان عيدي ورتي، اھڙن ماڻھن ۽ اھڙن ڪيترن بدنام ترين آفيسرن ۽ ملازمن جي ھڪ ٽرين ڀري شڪاپور/ڪشمور رواني ڪئي وڃي تہ جيئن انھن آفيسرن جو دماغ ٺڪاڻي لڳي.

آءِ جي سنڌ ڪراچي جي اھڙن پوليس جا ناسورن کي بي ڪمپني نہ موڪلي، پر بي ڪمپني جو ھيڊڪوارٽر شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ رکي، تہ جيئن سنڌ پوليس روز روز جي بدنامي مان ٻاھر اچي سگھي.

رھيو پنڪي کي بغير ھٿڪڙي جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو سوال تہ قانون تحت ڪنھن بہ عورت کي ھٿڪڙي نٿي لڳائي سگھجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں