پنجاب ۾ عيدالاضحيٰ تي صفائي آپريشن لاءِ پهريون ڀيرو ڊرون ٽيڪنالاجي جو استعمال

فہرستِ مضامین

پنجاب ۾ عيدالاضحيٰ تي صفائي آپريشن لاءِ پهريون ڀيرو ڊرون ٽيڪنالاجي جو استعمال ٿي رھيو آھي۔

“سٿرو پنجاب” جي ترجمان موجب عيدالاضحيٰ جي پهرين ۽ ٻي ڏينهن سڄي پنجاب مان هڪ لک 10 هزار ٽن کان وڌيڪ آلائشون ۽ باقيات ٺڪاڻي لڳايون ويون۔

ترجمان ٻڌايو ته رڳو لاهور مان 17 هزار ٽن کان وڌيڪ آلائشون ختم ڪيون ويون۔

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظمیٰ بخاریٰ چيو آهي ته وزيراعليٰ مریم نواز صفائي آپريشن جي پاڻ نگراني ڪري رهي آهي، صفائي آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي، جڏهن ته سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾ “سٿرو پنجاب” جون ٽيمون هر وقت ميدان ۾ موجود آهن۔

هن چيو ته “سٿرو پنجاب” جا هڪ لک 84 هزار ورڪر ڪم ۾ مصروف آهن، آلائشون کڻڻ کانپوءِ گهٽين، محلن ۽ رستن کي عرقِ گلاب سان ڌوتو پيو وڃي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں