ملان (اسپورٽس ڊيسڪ): دنيا جي نمبر 2 ٽينس اسٽار ارينا سبالينڪا ٽينس ڪورٽ کان پوءِ هاڻي ملان جي فيشن رن وي تي به پنهنجي انداز سان مداحن جون دليون کٽي ورتيون.
بيلاروس سان تعلق رکندڙ ٽينس اسٽار هڪ مشهور فيشن ميگزين جي شو ۾ نالي واري فيشن برانڊ لاءِ ماڊل طور رن وي تي واڪ ڪئي.
ارينا سبالينڪا پنهنجي ٽينس ڪيريئر دوران شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي هن وقت تائين 4 گرانڊ سلم ٽورنامينٽس کٽي چڪي آهي.
ملان فيشن شو ۾ سندس رن وي تي آمد جون تصويرون ۽ وڊيوز عالمي ميڊيا تي پڻ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويون آهن.