ننڍپڻ ۾ وڇڙي ويل ٻہ ڀينرون سافٽ بال ٽورنامينٽ ۾ ملي ويون، ڌار ٿيڻ کان ٻيهر ملڻ تائين ڪهاڻي ڇا آهي؟

فہرستِ مضامین

آمريڪي رياست مونٽانا ۾ سافٽ بال ٽورنامينٽ دوران هڪ اهڙو دلچسپ واقعو پيش آيو، جتي ننڍپڻ ۾ هڪ ٻئي کان وڇڙي ويل ٻه سڳيون ڀينرون اوچتو آمهون سامهون اچي ويون. ٻنهي جي چهري جي هڪجهڙائي ڏسي ساٿي رانديگرياڻي کي شڪ ٿيو، جنهن کانپوءِ اهڙو راز سامهون آيو، جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، 19 ورهين جي سمانٿا رينسولڊ پنهنجي ڪاليج جي ٽيم طرفان کيڏي رهي هئي، جڏهن سندس ساٿي رانديگرياڻي مخالف ٽيم جي 18ورهين جي رانديگرياڻي ڪيان ڊين ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اها سمانٿا سان غير معمولي حد تائين مشابهت رکي ٿي.

رپورٽ موجب، ٻنهي ڀينرن کي ننڍپڻ ۾ الڳ الڳ خاندانن ھنج ورتو هو، جنهن سبب اهي هڪ ٻئي کان اڻواقف هيون. سمانٿا کي البت اها ڄاڻ هئي ته سندس هڪ ننڍي ڀيڻ به هئي.

ميچ کانپوءِ سمانٿا پنهنجي ماءُ کي ڪيان ڊين بابت ٻڌايو، جنهن کانپوءِ ماءُ رانديگرياڻين جي نالن ۽ پيدائش بابت تفصيلن جو جائزو ورتو. ان جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته ٻئي ڇوڪريون سڳيون ڀينرون آهن.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٻنهي جي چهري جي مشابهت سان گڏ سندن پسند ۽ راند جو انداز به هڪجهڙو هو. ٻنهي هاءِ اسڪول ۾ ساڳئي پوزيشن تي کيڏيو هو ۽ سندن جرسي نمبر به هڪجهڙو هو.

اهڙيءَ طرح هڪ راند دوران ٿيل اوچتي ملاقات ٻن ڀينرن کي ٻيهر هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں