ناديا خان شوبز انڊسٽري ۾ تڪرار پيدا ڪيا آهن: سعود قاسمي

فہرستِ مضامین

پاڪستاني ڊرامن ۽ فلم انڊسٽريءَ جي سينيئر اداڪار سعود قاسمي، اداڪارا ۽ ميزبان ناديا خان جي انٽرويوز ۾ ڪيل سوالن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هن شوبز انڊسٽريءَ ۾ ڪافي تڪرار پيدا ڪيا آهن.

هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت دوران سعود قاسمي کان سوال ڪيو ويو ته اڄڪلهه پوڊڪاسٽس ۾ شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ماضيءَ جي واقعن ۽ پراڻين ڳالهين کي بحث جو موضوع بڻايو وڃي ٿو، ان بابت سندس ڪهڙي راءِ آهي؟

جواب ۾ اداڪار چيو ته هاڻي اهو رجحان عام ٿيندو پيو وڃي ۽ ماڻهن ۾ هڪ ٻئي کي عزت ڏيڻ جو جذبو گهٽجي رهيو آهي. هن چيو ته هن هڪ انٽرويو ڏٺو، جنهن ۾ هڪ عورت تڪراري سوال ڪري رهي هئي، جيڪي کيس پسند نه آيا.

سعود قاسمي موجب، ناديا خان هڪ ڪاروباري شخصيت جي ڌيءَ کان به سوال ڪيا، جڏهن ته ان کان اڳ اداڪار همايون سعيد ۽ اداڪارا عتيقا اوڍو بابت پڻ ڳالهيون ڪيون هيون. سندس چوڻ هو ته اهڙن بيانن سبب ماڻهن ۾ نفرت ۽ اختلاف پيدا ٿي سگهن ٿا.

اداڪار وڌيڪ چيو ته پاڪستاني شوبز انڊسٽري سٺي آهي ۽ اهڙيون تڪراري ڳالهيون عارضي هونديون آهن، جيڪي عام طور تي ٽن ڏينهن کانپوءِ پنهنجي اهميت وڃائي ويهنديون آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں