مون کي انجيڪشن کان ڊپ لڳندو آهي، لپ فلر ناهن ڪرايا: اداڪارا سبينه فاروق

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا سبينه فاروق لپ فلر ڪرائڻ بابت تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو آهي ته هن لپ فلر ناهن ڪرايا، ڇاڪاڻ ته کيس انجيڪشن کان ڊپ لڳندو آهي.

اداڪارا تازو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن لپ فلر بابت ٿيندڙ تبصرن تي ردعمل ظاهر ڪيو.

سبينه فاروق چيو ته سندس انسٽاگرام اسٽوري تي ڪيترن ئي ماڻهن تبصرا ڪندي سوال ڪيو ته ڇا هن به لپ فلر ڪرايا آهن؟ اداڪارا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو لپ فلر ڪرائي ٿو ته ان ۾ ڪا به غلط ڳالهه ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته کيس انجيڪشن کان ايترو ته ڊپ لڳندو آهي جو بيماري يا ڪنهن انفيڪشن جي صورت ۾ به هوءَ انجيڪشن لڳرائڻ کان پاسو ڪندي آهي.

اداڪارا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس انجيڪشن کان ڊپ نه لڳي ها ته هوءَ به ڪجهه اهڙا عمل ڪرائي ها. هن چيو ته هر ماڻهو کي سهڻو نظر اچڻ جو حق آهي ۽ جيڪڏهن ڪو پنهنجي ظاهري شڪل ۾ تبديلي آڻي ٿو ته اها ڪا خراب ڳالهه ناهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں