مقابلو پنهنجي جاءِ تي، احترام سرحدن کان اڳتي؛ نگار سلطانه جو پاڪستاني جهنڊي لاءِ احترام وائرل

فہرستِ مضامین

راند جي ميدان ۾ مقابلو پنهنجي جاءِ تي، پر احترام ۽ رواداري جون حدون سرحدن کان به اڳتي هونديون آهن.

جاپان ۾ جاري ايشين گيمز دوران بنگلاديش وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان نگار سلطانه جو هڪ خوبصورت قدم سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، جڏهن هن هيٺ ڪرندڙ پاڪستاني جهنڊي کي سنڀالي ورتو.

رپورٽن موجب، صحافي جي سوال تي نگار سلطانه چيو ته جهنڊي جو احترام ضروري آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جا جهنڊا ٻنهي ملڪن لاءِ برابر عزت رکن ٿا.

نگار سلطانه جي ان عمل کي راندين جي ميدان ۾ رواداري ۽ هڪ ٻئي جي احترام جي خوبصورت مثال طور ڏٺو پيو وڃي، جڏهن ته سندس جهنڊي کي سنڀالڻ وارو منظر سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں