ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سرجاڻي ٽائون ۾ عورت ۽ سندس ٽن ٻارن جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار پوليس مقابلي دوران مارجي ويو، جڏهن ته فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ پوليس آفيسر پڻ زخمي ٿيو. پوليس موجب جوابدار کي قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار جي نشاندهي ۽ برآمدگي لاءِ واقعي واري هنڌ وٺي وڃڻ دوران هن هڪ اهلڪار جو پستول کسي فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
ايس ايس پي ويسٽ طارق الاهي مستوئي موجب جوابدار کي قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار سرئي جي نشاندهي ۽ برآمدگي لاءِ پوليس حراست ۾ واقعي واري هنڌ وٺي ويا هئا.
پوليس اهلڪار قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار ڳولڻ ۾ مصروف هئا ته جوابدار مبينا طور تي هڪ پوليس اهلڪار جو پستول کسي ورتو ۽ فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران فائرنگ شروع ڪري ڏني.
ايس ايس پي ويسٽ جي ترجمان موجب جوابدار جي فائرنگ سبب اي ايس آءِ نعمان شيخ گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ساٿي پوليس آفيسر جي حفاظت لاءِ ڪيل جوابي فائرنگ ۾ جوابدار محمد همايون خان ولد حسن خان موقعي تي مارجي ويو.
پوليس موجب مارجي ويل جوابدار وٽان اهلڪار کان کسيل پستول واپس هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته سندس نشاندهي تي قتل ۾ استعمال ٿيل سريو پڻ برآمد ڪيو ويو.
ايس ايس پي ويسٽ مطابق جوابدار جي لاش کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ ضابطي جي ڪارروائي جاري آهي.
واضح رهي ته جوابدار همايون مقتولا عورت جي نڻان جو مڙس هو، جنهن کي تدفين کان پوءِ عورت جي گهر مان گرفتار ڪيو ويو هو.
هوڏانهن ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ اڳ ۾ ٻڌايو هو ته جوابدار مبينا طور عورت سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مزاحمت دوران عورت ۽ سندس ننڍي ڌيءَ کي قتل ڪيو ويو. پوليس موجب، بعد ۾ مدرسي مان واپس ايندڙ ٻن ٻارن کي به قتل ڪيو ويو ته جيئن اهي واقعي بابت ڪنهن کي ٻڌائي نه سگهن.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار مبينا طور واقعي کي ڦر جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي هئي.