“تم هنسو، جگ روئي” سائين ساڌ رام جو اگني سنسڪار،لکين ڀڳتن جي اشڪبار الوداع

فہرستِ مضامین

تحرير: شڪيل سومرو

رھڙڪي صاحب جي آسمان هيٺ اڄ جڏهن شمشان گهاٽ ۾ چتا جي باهه روشن ٿي، ڀڄن، پرارٿنائن، اوڇنگارن ۽ “رام نالو ستيه آهي” جي صدائن سان فضا سوڳوار بڻجي وئي۔ سچو سترام ڌام جي ستين گادي نشين، “حاضر سروپ” سائين ساڌ رام صاحب جو اگني سنسڪار صرف هڪ روحاني پيشوا جي آخري رسم نه هو، پر سنڌ جي صوفي، ڀڳتي، رواداري ۽ گڏيل تهذيب جي هڪ عظيم دور جي پڄاڻي جو منظر پڻ هو۔ چتا جي چوڌاري بيٺل لکين عقيدتمندن جون آليون اکيون، ڀڳتين ۾ ٻڏل آواز ۽ اوڇنگارن سان ڀريل منظر هر دل کي اداس ڪري رھيا هئا۔ هندو، مسلمان، سک، عيسائي ۽ ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو بنا ڪنهن مذهبي متڀيد جي پنهنجي محبوب روحاني رھبر کي آخري ڀيٽا پيش ڪري رهيا هئا۔

سنگاپور جي هڪ اسپتال ۾ سائين ساڌ رام صاحب جي ديهانت جي خبر جيئن ئي سامهون آئي ته اها هند، سنڌ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي۔ پاڪستان، هندستان، دبئي، ابوظهبي، شارجه، آفريڪا، آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهندڙ لکين مريد ۽ چاهيندڙ ڏک ۽ سوڳ ۾ ٻڏي ويا۔ رھڙڪي صاحب کان وٺي ممبئي، دهلي، اجمير، دبئي ۽ لنڊن تائين مندرن، ڌامن ۽ گهرن ۾ ڀڄن، پرارٿنائون ۽ دعائون شروع ٿي ويون۔

جڏھن سائين ساڌ رام صاحب جو مڙهه سنگاپور کان ڪراچي پهتو ته ايئرپورٽ تي رقعت آميز منظر ڏسڻ ۾ آيا۔ عقيدتمند لڙڪن سان پنهنجي روحاني پيشوا جي آخري ديدار لاءِ گڏ ٿي ويا۔ مڙهه سان گڏ سندن اڪيلو نوجوان فرزند روهيت ڪمار پڻ موجود هو، جنهن جي اداس چهري ۽ خاموش اکين ۾ هڪ وڏي روحاني ذميواري جو بار صاف محسوس ٿي رھيو هو۔

ڪراچي کان سکر ۽ پوءِ روڊ رستي رهڙڪي صاحب تائين سفر دوران سوين ڳوٺن، شهرن ۽ وسندين ۾ ماڻهن روڊن جي ڪنارن تي بيهي سائين ساڌ رام صاحب کي آخري ڀيٽا پيش ڪئي۔ ڀڳتيون، ڀڄن، گلن جون چادرون، اوڇنگارون ۽ لڙڪ هن آخري سفر کي هڪ روحاني جلوس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو۔ ڪيترن هنڌن تي عورتون گل نڇاور ڪنديون رهيون، جڏهن ته بزرگ ۽ نوجوان هٿ ٻڌي خاموش بيٺا رهيا۔ “حاضر سروپ سائين ساڌ رام امر رهي” جا نعرا پڻ گونجندا رھيا۔

رھڙڪي صاحب پهچڻ تائين لکين مرد، عورتون، ٻار ۽ بزرگ گڏ ٿي چڪا هئا۔ سچو سترام ڌام، جيڪو عام ڏينهن ۾ روحانيت، ڀڳتين ۽ لنگر جي مرڪز طور سڃاتو وڃي ٿو، اڄ سوڳ جي هڪ وڏي علامت بڻيل هو۔ سنڌ جي گڏيل تهذيب جو حسين منظر اهو هو ته هندو برادري کانسواءِ مسلمان، سک، عيسائي ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو به آخري درشن لاءِ موجود هئا۔ ڪيترن مسلمان عقيدتمندن شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ڀڳت ڪنور رام جا ڪلام پڙهي سائين ساڌ رام کي ڀيٽا پيش ڪئي۔

سائين ساڌ رام صاحب سنڌ جي اُن صوفي، ڀڳتي ۽ انسان دوست روايت جا امين هئا، جنهن جو بنياد محبت، رواداري، پاڻ وڃائڻ ۽ هر انسان ۾ پرين پسڻ جي فڪر تي بيٺل آهي۔ سنڌ جي گڏيل تهذيب ۾ هندو ۽ مسلمان صدين تائين هڪٻئي جي خوشين ۽ ڏکن ۾ شريڪ رھيا آهن۔ عيد هجي، عاشورو، ڏياري يا دسهڙو، سنڌ جي مٽي ماڻهن کي گڏ رهڻ، گڏ روئڻ ۽ گڏ مرڪڻ سيکاريو آهي۔ سائين ساڌ رام صاحب انهيءَ ئي فڪر جا علمبردار هئا، جن پنهنجي درٻار کي صرف هڪ مذهبي مرڪز نه، پر انسانيت، محبت ۽ رواداري جو آستانو بڻايو۔

ڀڳت ڪنور رام صاحب جو ذڪر به رهڙڪي جي روحاني تاريخ کان الڳ نٿو ڪري سگهجي۔ ڀڳت ڪنور رام انهيءَ صوفي روايت جا وڏا پرچارڪ هئا، جيڪي “آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه مون کي تن ماروئڙن جي” جهڙا ڪلام ڳائي انسانيت، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام عام ڪندا هئا۔ سچو سترام ڌام جي تاريخ ۾ اهو اعزاز پڻ شامل آهي ته ڀڳت ڪنور رام جهڙو عظيم صوفي ڀڳت به هن درٻار سان روحاني وابستگي رکندڙ رهيو ۽ گادي نشين طور پڻ سڃاتو ويو۔ اهو ئي سبب آهي جو رھڙڪي صاحب کي سنڌ جي صوفي ۽ ڀڳتي روايتن جو هڪ وڏو مرڪز تصور ڪيو وڃي ٿو۔

سائين ساڌ رام صاحب 25 آڪٽوبر 1963ع تي رهڙڪي ۾ پيدا ٿيا۔ سندن والد سنت ڀڳوانداس صاحب به سچو سترام داس صاحب جي روحاني سلسلي سان لاڳاپيل هڪ معزز شخصيت هئا۔ سندن ماءُ سندن پيدائش کان صرف ڇهه ڏينهن پوءِ وفات ڪري وئي، جيڪو سندن زندگيءَ جو وڏو الميو هو، پر پوءِ به هو روحاني، اخلاقي ۽ محبت ڀري ماحول ۾ پروان چڙهيا۔ ابتدائي تعليم رهڙڪي ۽ ڏهرڪي مان حاصل ڪرڻ بعد هن عملي زندگيءَ ۾ ڪارپوريٽ شعبي سان به وابستگي رکي۔ بعد ۾ سنت سائي ڪنهيا لال صاحب جي هدايت تي دنياوي زندگي ڇڏي مڪمل طور روحاني خدمت ڏانهن اچي ويا۔

رپورٽن موجب، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين دور حڪومت ۾ کين سب ڊويزنل مئجسٽريٽ (SDM) طور سرڪاري نوڪري پڻ ملي، پر هن اها نوڪري ڇڏي روحاني خدمت کي ترجيح ڏني۔ بعد ۾ سنت سائي ڪنهيا لال صاحب جي ديهانت کان پوءِ هو سچو سترام ڌام جا ستين گادي نشين بڻيا۔

رھڙڪي صاحب ۾ سندن آخري رسمن دوران هندو ڌرم جون روايتي رسمون ادا ڪيون ويون۔ پهرين مڙهه کي وهنجاريو ويو، صاف ۽ مقدس ڪپڙا پارايا ويا، پيشاني تي چندن ۽ تلڪ لڳايو ويو۔ ڀڄن، گيتا پاٺ، منتر ۽ پرارٿنائن جو سلسلو جاري رهيو۔ مائٽن، مريدن ۽ عقيدتمندن آخري درشن ڪيا، گلن جون چادرون چاڙھيون ۽ لڙڪن سان ڀيٽا پيش ڪئي۔

بعد ۾ ارٿي کي گلن سان سينگاري شمشان گهاٽ ڏانهن روانو ڪيو ويو۔ جلوس دوران “رام نالو ستيه آهي” ۽ ٻين ڌرمي منترن جون صدائون بلند ٿينديون رهيون۔ شمشان گهاٽ ۾ ڪاٺين جي چتا تي مڙهه رکيو ويو ۽ پنڊتن ويدڪ منتر پڙهيا۔ روح جي شانتي لاءِ پرارٿنائون ڪيون ويون۔ هندو عقيدي موجب “مک اگني” سڀ کان اهم رسم سمجهي وڃي ٿي، جيڪا عام طور وڏي پٽ يا ويجهي وارث طرفان ڏني ويندي آهي۔ ان موقعي تي روھيت ڪمار جي موجودگي خاص توجہ جو مرڪز رھي۔

هندو فلسفي موجب جسم فاني آهي، جڏهن ته آتما امر آهي، جيڪا هڪ جنم کان ٻئي جنم ڏانهن سفر ڪندي رھي ٿي۔ اگني سنسڪار کي جسم کي پنجن عنصرن ــ مٽي، پاڻي، هوا، باهه ۽ آڪاش ــ ۾ واپس ملائڻ جو مقدس عمل تصور ڪيو ويندو آهي۔

اگني سنسڪار کان پوءِ اسٿيون گڏ ڪيون وينديون، جن جو بعد ۾ درياهه يا سمنڊ ۾ وسرجن ڪيو ويندو۔ ايندڙ ڏينهن ۾ تيرهين، پرارٿنا، ڀڄن، گيتا پاٺ، لنگر ۽ ڀنڊاري جون رسمون پڻ ادا ٿيڻ جو امڪان آهي۔ روحاني روايتن موجب بعد ۾ پڳڙي يا دستاربندي جي رسم پڻ ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ نئين روحاني وارث يا گادي نشين کي ذميواري سونپي ويندي۔

سائين ساڌ رام صاحب جو وڇوڙو صرف هندو برادري جو نقصان ناهي، پر سنڌ جي گڏيل ثقافت، صوفي روايت، رواداري ۽ انسان دوست فڪر جو به وڏو نقصان آهي۔ هو هڪ اهڙي دور جي علامت هئا، جتي محبت مذهبن کان وڏي هئي، انسانيت سڀ کان مٿانهين هئي ۽ درٻار جا در هر انسان لاءِ کليل هئا۔ رهڙڪي جي مٽي اڄ به ڀڄن، اوڇنگارن، لڙڪن ۽ دعائن سان اهو ئي چئي رهي آهي ته “حاضر سروپ” سائين ساڌ رام جسماني طور ته جدا ٿي ويا آهن، پر سندن محبت، فڪر ۽ انسان دوست پيغام هميشه زنده رھندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں