تاريخي فيصلي جي گهڙي ويجهو! اٺون گادي نشين ڪير ٿيندو؟ روھيت ڪمار  يا ڪو ٻيو؟

فہرستِ مضامین

تحرير : شڪيل سومرو

سچو سترام ڌام ايس ايس جي جي  ستين گادي نشين سنت سائين ساڌ رام  جي ديهانت ۽ اگني سنسڪار کانپوءِ هاڻي سنڌ ۽ هند سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وسندڙ  لکين ڀڳتن  جي نظر هڪ اهم سوال تي بيٺل آهي ته سچو سترام ڌام جو اٺون گادي نشين ڪير ٿيندو؟

رھڙڪي صاحب جي هن وڏي روحاني درٻار ۾ ديهانت، اگني سنسڪار ۽ تيرهين جي رسمن کانپوءِ هاڻي “پڳڙين جي رسم” کي انتهائي اهميت حاصل ٿي وئي آهي، ڇو ته روايتي طور تي ان ئي موقعي تي نئين گادي نشين جي دستاربندي ڪئي ويندي آهي۔

ايس ايس ڊي ڌام ۽ خانداني ذريعن موجب سائين ساڌ رام جي فرزند روھيت ڪمار جو نالو گادي نشيني لاءِ تقريبن حتمي طور تي طئي ٿي چڪو آهي۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته سائين ساڌ رام پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي اهڙي خواهش ۽ وصيت ڪري ويو هو ته سندس فرزند روهيت ڪمار ئي سندس روحاني جانشين بڻجي۔

ذريعن موجب آخري فيصلو هڪ خاص ڪميٽي ڪندي، جنهن ۾ ٻه قومي اسيمبلي جا ميمبر، هڪ صوبائي وزير، ايس ايس ڊي ڌام جا اهم ذميوار فرد ۽ خاندان جا چونڊ ماڻهو شامل آهن۔ اها ڪميٽي تيرهين جي رسمن کانپوءِ پڳڙين واري تقريب دوران باضابطه اعلان  ڪري سگهي ٿي۔

ڪجهه ذريعن موجب سائين ڪنعيالال جي فرزند وڪرم لال عرف راجا، جيڪو سائين ساڌ رام جو سئوٽ آهي، ان جو نالو به گادي نشيني لاءِ غور هيٺ آيو هو، پر ٻڌايو پيو وڃي ته هن پاڻ پنهنجي ڀائيٽي روهيت ڪمار جي نالي تي اتفاق ڪيو  آهي۔

 سچو سترام ڌام ايس ايس ڊي  جي گادي نشيني جي تاريخ تي نظر وجهجي ته هتي هڪ منفرد روايت رهي آهي۔ گهڻي ڀاڱي گادي نشين پوٽاڻ بدران ڏوهٽاڻ مان ايندي رھي آھي.

تاريخي روايتن موجب سنت سائين سترام داس کي پٽ جي اولاد نه هئي۔ سندس انتهائي عقيدتمند مريد ڀڳت ڪنور رام کي سائين سترام داس جي ديهانت کانپوءِ دستاربندي ذريعي گادي نشيني ڏني وئي۔ اهو ان وقت هڪ غير روايتي ۽ غير معمولي فيصلو تصور ڪيو ويو، ڇو ته پهريون ڀيرو ڪنهن مريد کي سڌو سنئون روحاني گاديءَ تي ويهاريو ويو هو۔ سنت ڀڳت ڪنور رام کانپوءِ سچو سترام ڌام جي گادي نشيني مسلسل ٽن ڀائرن وٽ رهي، جيڪي سائين سترام داس جي پوٽاڻ بدران ڏوهٽاڻ مان هئا۔ انهن مان پهريون سنت ڀائي چندي رام صاحب گادي نشين ٿيو، ان کانپوءِ سنت سائين ڀڳوانداس ۽ پوءِ سنت سائين ڪنعيالال دولھ درويش ڇهون گادي نشين بڻيو۔

انهن ٽنهي ڀائرن جي اولاد مان بعد ۾ سائين ڪنعيالال جي زور ڀرڻ تي سنت سائين ڀڳوانداس جي ننڍي فرزند سائينساڌ رام  کي ستون گادي نشين مقرر ڪيو ويو۔ ذريعن موجب سائين ڀڳوانداس جون ٻه شاديون هيون۔ پهرين گهرواري مان نرنجن ڪمار ۽ ٻي گهرواري مان سائين ساڌ رام پيدا ٿيو۔

سائين ساڌ رام جي اولاد ۾ هڪ فرزند روهيت ڪمار ۽ ٽي نياڻيون  پريا ڪماري، سنڌيا ڪماري ۽ سمرن ڪماري شامل آهن۔

روھيت ڪمار 16 نومبر 1994ع تي ڄائو،  هن وقت سندس عمر لڳ ڀڳ 31 سال ٿئي ٿي۔ هن ڪيمبرج اسڪول سسٽم مان او ليول مڪمل ڪرڻ بعد اقراء يونيورسٽي ڪراچي مان بي بي اي ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي۔ روهيت ڪمار جي شادي پڻ هلندڙ سال 2026ع دوران ٿي آهي۔

اهي سڀ تفصيل هن وقت تائين مختلف خانداني ۽ درٻاري ذريعن کان سامهون آيل آهن، جڏهن ته حتمي ۽ باضابطه اعلان تيرهين جي رسم کانپوءِ ٿيندڙ پڳڙين واري تقريب دوران سامهون ايندو، جتي اهو واضح ٿيندو ته سچو سترام ڌام  جو اٺون گادي نشين آخر ڪير بڻجي ٿو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں