سنڌ حڪومت بئريسٽر غلام شبير شاهه کي سنڌ جوپراسيڪيوٽر جنرل مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جي قانون کاتي بئريسٽر غلام شبير شاهه جي مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
بئريسٽر غلام شبير شاهه بلديات کاتي جي وزير ناصر حسين شاهه جو صاحبزادو آھي.
واضح رهي ته هي عهدو پراسيڪيوٽر جنرل فيض شاهه جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج طور مقرري کانپوءِ خالي ٿيو هو.
ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل منتظر مهدي قائم مقام پراسيڪيوٽر جنرل جي حيثيت سان ذميواريون نڀائي رھيو ھو.