اڄ کان 5 جون تائين پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي۔
موسميات کاتي موجب اڄ کان مغربي هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿيندو۔
پنجاب ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو بہ امڪان آهي۔ خيبر پختونخوا ۾ سخت گرمي سبب گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ واري صورتحال جو خطرو آهي۔
پي ڊي ايم اي چترال، دير، سوات، ڪوهستان ۽ مانسهره لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي۔
موسميات کاتي موجب اڄ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ موسم سخت گرم رهڻ جو امڪان آهي۔
سومر ڏينهن سڀ کان وڌيڪ گرمي نوڪنڊي ۾ 49 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي۔
سبي ۽ دالبندين ۾ 47، سکر ۾ 42، بهاولپور، ملتان، ڊيرا اسماعيل خان ۽ چلاس ۾ 40، ڪوئيٽا ۽ گلگت ۾ 38، اسلام آباد، لاهور ۽ پشاور ۾ گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو۔
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۽ مظفرآباد ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو۔