واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان ايران سان جنگ ختم ڪرڻ واري معاهدي تي صحي ٿيڻ جي ويجهو آهيون۔
وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته ايران سان ڳالهيون سٺي نموني هلي رهيون آهن، ممڪن آهي ته هفتي جي آخر تائين ڪا اهم اڳڀرائي ٿئي. هن چيو ته معاهدو ٿيڻ سان ئي آبناءِ ھرمز کوليو ويندو.
آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ايران سان ڳالهيون ڪجهه ڏينهن اندر نتيجي تي پهچي سگهن ٿيون. آمريڪا ايران جو افزودہ يورينيم حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ ان سلسلي ۾ ايران طرفان اهو يورينيم آمريڪا حوالي ڪرڻ بابت ڳالهيون جاري آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايران ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آبناءِ ھرمز ۽ لبنان جي معاملن کي الڳ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا پهريون ڀيروحزب اللھ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ۽ حزب الله يقين ڏياريو آهي ته هو اسرائيل تي حملو نه ڪندو.
ان کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران جو نئون سپريم ليڊر ڳالھين بابت منظوري ڏئي رهيو آهي ۽ ممڪن آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن موقعي تي ساڻن ملاقات به ٿئي.
هن چيو ته آبناءِ هرمز جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو، جڏهن ته ايران سان لاڳاپيل تڪرار ختم ٿيڻ جي صورت ۾ ٻارڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ويجهي مستقبل ۾ فيول جون قيمتون گهٽ ٿينديون.
ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو سان لبنان واري جنگ بابت ٿيل تلخ ڳالهه ٻولهه جي به تصديق ڪئي ۽ چيو ته هو لبنان سان جاري جنگ تي خوش نه هئا.