تهران: ايران عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) کي حملن کان متاثر ٿيل جوهري پلانٽن جو معائنو ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔
ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران IAEA کي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کان متاثر ٿيل فردو، نطنز ۽ اصفهان جي ايٽمي تنصيبات جي معائني جي اجازت نه ڏيندو۔
ترجمان ان ڳالهه جي به ترديد ڪئي ته سوئٽزرلينڊ ۾ IAEA جي ڊائريڪٽر جنرل سان ڪا ملاقات ٿي آهي۔
ان کان علاوه منجمد اثاثن بابت اسماعيل بقائي چيو ته منجمد فنڊن جي استعمال تي ايران کي ڪنهن به قسم جي پابندي جو سامنا ناهي۔
ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران پنهنجي ايٽمي تنصيبات جي مڪمل معائني تي رضامند ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ايران راضي نه ٿئي ها ته وڌيڪ ڳالهه ٻولهه به نه ٿئي ها۔
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ٻيهر ناڪابندي جي ضرورت پئي ته آمريڪي بحري جهاز موجود آهن، پر لڳي نٿو ته ٻيهر ناڪابندي جي ضرورت پوندي۔ هن اهو به چيو ته بحال ٿيل ايراني اثاثا آمريڪا جي ڪنٽرول هيٺ بئنڪ اڪائونٽن ۾ رکيا ويندا۔