لائیو جنگبندي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ 2024 معاهدي تي عمل ضروري آهي: نبيه بري

فہرستِ مضامین

بيروت: لبنان جي پارليمان جي اسپيڪر جنگبندي کي برقرار رکڻ لاءِ 2024 واري معاهدي تي زور ڏنو آهي۔

لبنان جي سرڪاري خبر ايجنسي موجب نبيه بري فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته نومبر 2024 ۾ حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ طئي ٿيل جنگبندي معاهدو موجوده جنگبندي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اثرائتو موقعو فراهم ڪري ٿو۔

هن چيو ته ان معاهدي ۾ جنگبندي جي نگراني ۽ ممڪن ڀڃڪڙين کي منهن ڏيڻ جا طريقا اڳ ئي موجود آهن، جن کي فعال ڪري ڇڪتاڻ گهٽائي سگهجي ٿي۔

فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون لبنان جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ملڪ جي استحڪام ۽ خودمختياري کي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں