تحرير: شڪيل سومرو
پاڪستان ۾ جڏھن به ڪنهن هاءِ پروفائل عورت، منشيات يا مني لانڊرنگ سان ڳنڍيل ڪيس سامهون ايندو آهي ته ماڻهن جي ذهن ۾ سڀ کان پهرين ايان علي جو نالو تازو ٿي ويندو آهي۔ 2015ع ۾ ايان علي جي گرفتاري ملڪ جي سياسي، ميڊيا ۽ قانوني حلقن ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو هو۔ هاڻي ڪيترن سالن کانپوءِ “پنڪي ڪيس” نالي هڪ نئون ڪيس سامهون آيو آهي، جيڪو وري منشيات، قتل ۽ منشيات جي وڏي نيٽ ورڪ بابت وڏا سوال اٿاري رھيو آهي۔
ايان علي کي 2015ع ۾ اسلام آباد ايئرپورٽ تان وڏي رقم سميت گرفتار ڪيو ويو هو۔ ڪيس جو بنيادي نقطو غير قانوني طور پرڏيهي ڪرنسي ٻاهر منتقل ڪرڻ هو۔ ان وقت ميڊيا تي مختلف دعوائن سان گڏ ڪيتريون ئي رپورٽون منظر تي آنديون ويون .سوال اهو اٿاريو ويو ته ڇا هوءَ ڪنهن وڏي سياسي يا مالي نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل هئي؟
ڪيس دوران آصف علي زرداري جو نالو به سياسي بحثن جي زينت بڻجندو رهيو، پر عدالت ۾ ڪو حتمي قانوني تعلق ثابت نه ٿي سگهيو۔ بعد ۾ ايان علي ضمانت تي آزاد ٿي وئي ۽ آهستي آهستي منظرنامي تان غائب ٿي وئي۔
پر ايان علي ڪيس هڪ اهڙو سوال ڇڏي ويو: ڇا پاڪستان ۾ هاءِ پروفائل ڪيسن جي پويان صرف قانوني معاملا هوندا آهن يا سياسي ۽ طاقتور نيٽ ورڪ به ڪم ڪندا آهن؟
هاڻي ڪراچي مان سامهون آيل “پنڪي ڪيس” ساڳيا سوال ٻيهر زنده ڪري ڇڏيا آهن۔
لياري ۽ گارڊن ٿاڻن ۾ داخل ٿيل ٻن مختلف ايف آءِ آرز کانپوءِ انمول عرف پنڪي جو نالو اوچتو سوشل ميڊيا، يوٽيوب چينلز ۽ نيوز ڊبيٽن جو مرڪز بڻجي ويو آهي۔
هڪ ڪيس منشيات جي وڏي مقدار جي برآمدگي بابت آهي، جڏهن ته ٻئي ڪيس ۾ هڪ نامعلوم هيروئني جي موت کانپوءِ قتل جو الزام به شامل ڪيو ويو آهي
پوليس رڪارڊ موجب ڇاپي دوران مختلف قسمن جي منشيات جنهن ۾
ڪوڪين
ڪيٽامين
ايفيڊرائن ۽ ٻي منشيات هٿ ڪئي وئي آهي , ان کانپوء هي ڪيس منشيات جي حوالي سان وڏو اسڪينڊل قرار ڏنو پيو وڃي
ٻئي ايف آءِ آر موجب، لياري جي علائقي مان هڪ نامعلوم شخص جو لاش مليو، جيڪو بظاهر نشي جي حالت ۾ هو۔
پوليس موجب لاش جي کيسي مان هڪ دٻو هٿ آيو، جنهن تي Queen Madam Pinky لکيل هو۔
ان کانپوءِ پوليس جو شڪ انمول عرف پنڪي ڏانهن ويو ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو۔
ڇا “پنڪي” ڪنهن وڏي نيٽ ورڪ جو حصو آهي؟
هي اهو سوال آهي جيڪو هن وقت سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ پڇيو پيو وڃي۔
ڪجهه حلقا دعويٰ ڪري رهيا آهن ته ڪراچي ۾ هلندڙ منشيات جي ڪاروبار پويان وڏا گروهه ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ان کي صرف هڪ ڪرمنل ڪيس سمجهن ٿا۔
پر هتي اهم ڳالهه اها آهي ته: اڃا تائين عدالت ۾ ڪجهه به ثابت ناهي ٿيو، ڪالھ انمول عرف پنڪي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي پوليس وڌيڪ ريمانڊ ۽ جاچ جي درخواست ڪئي۔
عدالت ٻاهران ۽ سوشل ميڊيا تي ڪيس بابت شديد بحث جاري رهيو۔ ڪجهه ماڻهن هن کي “نئون ايان علي ڪيس” قرار ڏنو، جڏهن ته ٻين چيو ته ٻنهي معاملن جي نوعيت مڪمل طور مختلف آهي۔
پاڪستان ۾ جڏهن به ڪو هاءِ پروفائل ڪيس سامهون ايندو آهي ته ان سان گڏ سياسي سوال به جنم وٺندا آهن۔
ايان علي ڪيس دوران به اهڙيون ڳالهيون ٿيون، ۽ هاڻي پنڪي ڪيس ۾ به ڪجهه ماڻهو اهو سوال اٿاري رهيا آهن ته:
ڇا هي صرف منشيات ڪيس آهي؟
يا ڪنهن وڏي نيٽ ورڪ تائين پهچڻ جي ڪوشش؟
يا وري صرف هڪ ڪرمنل جاچ؟
پر هن وقت تائين اهڙن دعوائن جي قانوني تصديق موجود ناهي۔
ايان علي کان پنڪي ڪيس تائين،
پاڪستان ۾ هاءِ پروفائل ڪيس رڳو عدالتن تائين محدود ناهن رهندا، پر اهي سياست، ميڊيا، طاقتور حلقن ۽ عوامي بحث جو مرڪز بڻجي ويندا آهن۔
هر نئون الزام، هر نئون انڪشاف ۽ هر وائرل وڊيو عوام ۾ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيندي آهي۔
سوشل ميڊيا تي فيصلا جلدي ٻڌايا ويندا آهن، افواهون حقيقتن کان اڳ ڊوڙنديون آهن، ۽ تاثر کي ئي سچ سمجهيو ويندو آهي۔
پر قانوني دنيا ۾ رڳو شور، الزام يا وائرل پوسٽون اهم ناهن هونديون۔
اصل فيصلو آخرڪار عدالت، ثبوتن، شاهدن، فرانزڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جي بنياد تي ئي ٿيندو آهي.