الوداع سائين ساڌ رام، سنڌ کان هند تائين سوڳ جي لهر پکڙجي وئي

فہرستِ مضامین

تحرير: شڪيل سومرو

هند ۽ سنڌ ۾ هن افسوسناڪ خبر هر دل کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي .  هندو برادري جو روحاني پيشوا ۽ سنت سترام ڌام  ايس ايس ڊي جو ستون  گادي نشين سائين ساڌ رام صاحب ديهانت ڪري ويو آهي۔

سندن ديهانت جي خبر نه صرف پاڪستان ۽ هندستان ۾ پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سندن لکين عقيدتمندن لاءِ گهري ڏک ۽ غم جو سبب بڻجي وئي آهي، هر طرف اداسي ۽ سوڳ جو ماحول ڇانئجي ويو آهي۔

 سائين ساڌ رام جي جنم ڀومي رهڙڪي صاحب ۾ به صورتحال انتهائي غمگين ۽ سوڳوار آهي،  هزارين مرد، عورتون، ٻار ۽ بزرگ لڙڪ لاڙيندي آخري ديدار لاءِ رهڙڪي  پهچي رهيا آهن. رهڙڪي صاحب جو روحاني مرڪز سوڳ جي علامت بڻجي ويو آهي۔

سائين ساڌ رام صاحب جي لاڏاڻي  سان نه صرف هڪ روحاني پيشوا جي حياتي جو سفر پورو ٿيو آهي، پر هڪ اهڙو دور به ختم ٿيو آهي جنهن ۾ عقيدت، محبت ,انسانيت سان پيار ۽ روحاني رهنمائي ماڻهن جي زندگين جو حصو هئي۔

هند ۽ سنڌ کانسواء دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسندڙ سائين ساڌرام جي چاهيندڙن کي هن افسوناڪ خبر سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي.

رھڙڪي صاحب جي تاريخي روحاني مرڪز سنت سترام ڌام ايس ايس ڊي جنهن کي عرف عام ۾ سچو سترام به چيو ويندو آهي  سان لاڳاپيل سائين ساڌ رام صاحب، جن کي عقيدتمند “حاضر سروپ” طور به ياد ڪن ٿا، سنڌ جي روحاني ۽ سماجي منظرنامي ۾ هڪ اهم شخصيت طور سڃاتا وڃن ٿا۔ سندن زندگي عقيدت، خدمت، روحاني رهنمائي ۽ انسان دوستي جو هڪ جامع مثال سمجهي وڃي ٿي۔

سائين ساڌ رام صاحب 25 آڪٽوبر 1963ع تي سنڌ جي گهوٽڪي ضلعي جي مشهور وسندي  رهڙڪي ۾ پيدا ٿيا۔ سندن والد محترم سنت ڀڳوانداس صاحب به سچو سترام داس صاحب جي روحاني سلسلي سان واڳيل هڪ معزز شخصيت هئا۔

روحاني روايتن موجب، سائين ساڌ رام صاحب جو تعلق هڪ اهڙي مقدس سلسلي سان هو جيڪو شهنشاهه سَتگرو سوامي سائين سَترام داس صاحب جي فڪر ۽ تعليمات کي اڳتي وڌائيندو رھيو۔

سندن زندگيءَ ۾ هڪ وڏو الميو تڏهن پيش آيو جڏهن سندن ماءُ سندس پيدائش کان صرف ڇهه ڏينهن پوءِ وفات ڪري وئي۔ ان باوجود سندن پرورش هڪ مضبوط روحاني ۽ اخلاقي ماحول ۾ ٿي، جنهن سندن شخصيت تي گهرو اثر ڇڏيو۔

سائين ساڌ رام صاحب پنهنجي ابتدائي ۽ ثانوي تعليم رهڙڪي  ۽ ڏهرڪي مان حاصل ڪئي۔ هو ذهين، محنتي ۽ ذميوار شاگرد طور سڃاتو ويندو هو۔

ابتدائي زندگيءَ ۾ هن هڪ عام پر منظم ۽ باوقار زندگي گذاري، ۽ بعد ۾ ڪارپوريٽ شعبي سان به لاڳاپيل رهيا۔ سندن شخصيت ۾ سادگي، اخلاق ۽ عملي سوچ نمايان طور موجود هئي، سندن زندگيءَ ۾ اهم موڙ تڏھن آيو جڏهن روحاني پيشوا سنت سائين ڪنهيا لال صاحب، جيڪو سچو سترام ڌام جا اهم روحاني پيشوا هو ، کين روحاني خدمت لاءِ پاڻ وقف ڪرڻ جي هدايت ڏني۔

سائين ساڌ رام صاحب انتهائي عاجزي سان اهو روحاني سڏ قبول ڪيو ۽ آهستي آهستي دنياوي ذميوارين کان هٽي مڪمل طور تي روحاني خدمت ۽ عوامي ڀلائي ڏانهن مائل ٿي ويا۔

بعد ۾، سنت سائي ڪنهيا لال صاحب جي ديهانت کان پوءِ، سائين ساڌ رام صاحب کي سچو سترام ڌام جو گادي نشين مقرر ڪيو ويو، جتي هن عقيدت، خدمت ۽ انسانيت جي مشن کي اڳتي وڌايو۔

رپورٽن موجب، سائين ساڌ رام صاحب کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين  حڪومتي دور ۾ سب ڊويزنل مئجسٽريٽ (SDM) جي سرڪاري نوڪري ملي هئي۔ ڪجهه عرصي تائين هنن سرڪاري خدمتون سرانجام ڏنيون، پر بعد ۾ هنن اهو فيصلو ڪيو ته هو مڪمل طور تي روحاني خدمت لاءِ پاڻ وقف ڪندا۔

انهيءَ فيصلي تحت هنن سرڪاري نوڪري ڇڏي سچو سترام ڌام ۾ مستقل طور تي گادي نشيني جون ذميواريون سنڀاليون۔

سچو سترام ڌام رهڙڪي صاحب، ضلعي گھوٽڪي ۾ واقع هڪ وڏو روحاني مرڪز آهي، جيڪو تقريباً 300 ايڪڙن تي ڦهليل آهي۔

هتي هر هفتي سائي وسپت (جمعي) تي وڏو ڌرمي ميڙو لڳندو آهي، جنهن ۾: ڀڳتيون ۽ روحاني محفلون ٿينديون آهن، پوڄا پاٺ ۽ ڌرمي رسمون ادا ڪيون وينديون آهن، هزارين عقيدتمند ۽ شيواداري گڏ ٿي پوڄاپاٺ ۽ پرارٿنا  ڪندا آهن. عقيدتمندن لاءِ ڀنڊاري ۽ لنگر جو انتظام ڪيو ويندو آھي. هي مرڪز سنڌ جي اهم روحاني ۽ زيارتگاهن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.

سائين ساڌ رام صاحب ۽ رهڙڪي صاحب جي روحاني ڌام  جا عقيدتمند صرف پاڪستان تائين محدود نه هئا، پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود آهن  جن ۾ هندستان، دبئي، ابوظهبي، شارجه، آفريڪا، آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا سميت دنيا جا ڪيترا ملڪ شامل آهن۔

سندن مريدن جو تعداد لکن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪي کين روحاني رهنما ۽ انسانيت جوپرچارڪ  سمجهندا هئا۔

سائين ساڌ رام صاحب جو اثر صرف روحاني دائري تائين محدود نه هو، پر سماجي ۽ سياسي سطح تي به هن جو وڏو اثر نظر ايندو هو۔

چونڊن دوران مختلف سياسي اڳواڻ ۽ پارٽيون رهڙڪي صاحب پهچي سندن آشيرواد حاصل ڪنديون هيون۔ پاڪستان ۽ هندستان ٻنهي ملڪن جي سياسي حلقن ۾ سندن روحاني حيثيت کي احترام سان ڏٺو ويندو هو۔

 ملڪ جون ڪيتريون ئي اهم سياسي شخصيتون سائين ساڌ رام صاحب جي در تي حاضري ڏينديون رهيون ۽ روحاني توڙي سماجي رهنمائي حاصل ڪنديون رهيون۔ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به انهن اهم سياسي اڳواڻن ۾ شامل رهيو، جن رهڙڪي صاحب جو دورو ڪري سائين ساڌ رام صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ سندن  آشيرواد حاصل ڪيو۔ ان کانسواءِ ملڪ جي مختلف سياسي ۽ سماجي حلقن سان تعلق رکندڙ شخصيتون پڻ وقت بوقت رهڙڪي صاحب پهچنديون رهيون.

سائين ساڌ رام صاحب کي هڪ انتهائي ملنسار، نرم دل ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ  ڀرپور شخصيت طور ياد ڪيو وڃي ٿو۔

سائين ساڌ رام جي چاهيندڙن سامهون هن جون ڪيتريون ئي  خصلتون مشعل راھ رھيون، عاجزي ۽ سادگي، انسان دوستي ۽ محبت، روحاني بصيرت، ماڻهن ۾ اميد پيدا ڪرڻ، هر ڪنهن سان برابري وارو رويو.

آخري سفر ۽ سوڳ:

سائين ساڌ رام صاحب جي ديهانت کان پوءِ سندن مريدن ۽ چاهيندڙن  ۾ گهرو سوڳ ڇانئجي ويو آهي۔ سنڌ، هند ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لکين عقيدتمند غم ۽ اداسيءَ ۾ مبتلا آهن۔

سندن آخري رسمن کي اڃا تائين حتمي شڪل نه ڏني وئي وئي پر گهڻو امڪان اهو آهي ته   (اگني سنسڪار) ۽ ٻيون ڌرمي رسمون رهڙڪي صاحب ۾ ادا ڪيون وينديون ، جتي هزارين لکين  عقيدتمند سندن آخري ديدار لاءِ گڏ ٿيندا۔

سائين ساڌ رام صاحب کي سچو سترام ڌام ايس ايس ڊي جي تاريخ ۾ هڪ اهم روحاني رهبر طور هميشه ياد رکيو ويندو, سندن زندگي هڪ اهڙو سفر هو جيڪو دنياوي ذميوارين کان شروع ٿي، روحاني خدمت، انسانيت ۽ عقيدت جي اعليٰ مقام تائين پهتو۔

هو صرف هڪ گادي نشين نه هو، پر هندو برداري لاء  هڪ اهڙي روحاني علامت هو، جن لکين ماڻهن جي زندگين ۾ اميد، امن ,شانتي, انسانيت سان پيار جهڙي مثبت سوچ پيدا ڪئي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں