احتجاج ۾ شرڪت مھانگي پئجي وئي؟ ڀارتي پوليس جو اداڪار عمران خان کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

بالي ووڊ اداڪار عامر خان جي ڀاڻيجي ۽ اداڪار عمران خان کي ممبئي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر گيانش ڪمار خلاف احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ 28 آڪٽوبر تائين ڀارت ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، پوليس اداڪار خلاف اميگريشن قانون جي لاڳاپيل شقن تحت ڪارروائي ڪئي آهي.

رپورٽن موجب، عمران خان 10 آڪٽوبر تي ممبئي جي آگسٽ ڪرانتي ميدان ۾ ٿيل احتجاج ۾ شرڪت ڪئي هئي، جتي مظاهرين چيف اليڪشن ڪمشنر گيانش ڪمار کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو.

احتجاج دوران پوليس اداڪار عمران خان، سندس ساٿي اداڪارا ليکا واشنگٽن ۽ سندس سئوٽ زين ميري خان کي حراست ۾ ورتو هو.

انڊيا ٽوڊي موجب، ممبئي پوليس عمران خان کي 28 آڪٽوبر تائين ڀارت ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اداڪار آمريڪي شهري آهي ۽ ڀارتي شهري نه هجڻ باوجود احتجاج ۾ شريڪ ٿيو هو.

بهرحال، عمران خان جي ڀارتي شهريت نه هجڻ بابت ڄاڻ جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں