ابرار احمد پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ نمبر ون بالر بڻجي ويو

فہرستِ مضامین

پاڪستان جي ليگ اسپنر ابرار احمد پهريون ڀيرو آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي بالرز رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.

ابرار احمد ٽي ٽوئنٽي بالرز رينڪنگ ۾ نمبر ون بڻجندڙ پاڪستان جو پنجون بالر بڻجي ويو آهي.

ان کان اڳ عمر گل، سعيد اجمل، عماد وسيم ۽ شاهد آفريدي به ٽي ٽوئنٽي بالرز رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري چڪا آهن.

افغانستان جو اسٽار اسپنر راشد خان هڪ ريٽنگ پوائنٽ جي فرق سان ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي. راشد خان گذريل 6 مهينن کان ٽي ٽوئنٽي بالرز رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي موجود هو.

پاڪستان جو محمد نواز بالرز رينڪنگ ۾ اٺين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته سلمان مرزا هڪ درجو هيٺ لهي 19هين نمبر تي اچي ويو آهي.

انگلينڊ جي جيمي اوورٽن نمايان ترقي ڪندي 47 درجا ٽپو ڏئي ڪيريئر جي بهترين ڇهين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو ليام ڊاسن 12 درجا بهتري کانپوءِ 11هين نمبر تي پهچي ويو.

ڀارت جو اڪشر پٽيل به 12 درجا بهتري سان 15هين نمبر تي اچي ويو آهي.

ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز رينڪنگ ۾ زمبابوي جو سڪندر رضا پهرين پوزيشن تي برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستان جو صائم ايوب ٻئي نمبر تي موجود آهي.

انگلينڊ جو ول جيڪس 3 درجا بهتري حاصل ڪري ٽئين نمبر تي پهچي ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں