ايراني پاسدارانِ انقلاب (IRGC) خليج ۾ رات دير سان ٿيندڙ ڪاررواين بابت وڌيڪ تفصيل جاري ڪندي آمريڪا کي سخت پيغام ڏنو آهي ته ايران جي مفادن تي ڪنهن به حملي جو جواب اڳ کان وڌيڪ شديد انداز ۾ ڏنو ويندو۔
پاسدارانِ انقلاب جي شعبه تعلقاتِ عامه موجب گذريل رات آمريڪي فوج آبناءِ هرمز جي ويجهو هڪ ايراني آئل ٽينڪر کي فضائي حملي جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ جهاز جي انجن روم کي نقصان پهتو۔
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان ڪارروائي جي جواب ۾ ايراني بحريه پانايا نالي هڪ اهڙي بحري جهاز تي ميزائل فائر ڪيا، جيڪو آمريڪي ۽ اسرائيلي مفادن سان لاڳاپيل هو۔
پاسدارانِ انقلاب موجب ان کان پوءِ آمريڪي فوج قشم ٻيٽ تي موجود هڪ ايراني مواصلاتي ٽاور کي به نشانو بڻايو۔
پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته ان جي جواب ۾ ايراني فضائيه ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي علائقي ۾ موجود هڪ آمريڪي هوائي ۽ هيليڪاپٽر بيس ۽ آمريڪي پنجين بحري ٻيڙي جي هيڊڪوارٽر کي نشانو بڻايو۔
ايراني فوجي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان اڳ ئي خبردار ڪري چڪا هئاسين ته ڪنهن به جارحيت جو جواب مختلف ۽ وڌيڪ سخت انداز ۾ ڏنو ويندو ۽ اسان پنهنجي واعدي تي عمل ڪيو آهي۔
پاسدارانِ انقلاب اهو به چيو ته تازيون جوابي ڪارروايون آمريڪا لاءِ سبق هجڻ گهرجن ۽ خبردار ڪيو ته آبناءِ هرمز جي امن ۽ استحڪام کي متاثر ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي۔