تهران: ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته مفاهمت ٻطرفو معاملو آهي، جيڪڏهن آمريڪا مفاهمتي يادداشت تي عمل ڪندو ته اسين به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪنداسين۔
ايراني صدر مسعود پزشڪيان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته بي بنياد ڌمڪين جي مقابلي ۾ اسان جو موقف بلڪل واضح آهي۔
هن چيو ته اسان جو موقف اهو آهي ته فيصلا سازي ۾ عقل، دانش ۽ انساني وقار کي بنياد بڻايو وڃي ۽ قدم کڻڻ وقت پُراعتماد، فيصلائتو ۽ بي خوف دفاع جو مظاهرو ڪيو وڃي۔
ان کان اڳ ايراني صدر مسعود پزشڪيان دعويٰ ڪئي هئي ته قطر ۾ منجمد ايراني اثاثن مان 6 ارب ڊالرن جا اثاثا جلد جاري ڪيا ويندا۔
سندس چوڻ هو ته مجموعي طور 12 ارب ڊالرن جي رقم مان اڌ رقم واپس ايران منتقل ڪئي ويندي۔
ايراني صدر چيو ته اها اڳڀرائي موجوده ڳالهين ۽ علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي باوجود سامهون اچي رهي آهي، البته هن تسليم ڪيو ته صورتحال مسلسل تبديل ٿي رهي آهي ۽ معاملن تي اڳڀرائي جاري آهي۔