تحرير : شڪيل سومرو
هندو ڌرم ۾ ڪنهن شخص جي ديهانت کان پوءِ جيڪي رسمون ۽ مرحلا ادا ڪيا ويندا آهن، اهي مختلف علائقن، ذاتين ۽ ڌرمي روايتن موجب ڪجهه فرق سان ادا ٿين ٿا، پر مجموعي طور تي “انتم سنسڪار” يا “اگني سنسڪار” هڪ مقدس روحاني عمل سمجهيو ويندو آهي۔ هندو عقيدي موجب جسم فاني آهي جڏهن ته آتما (روح) امر آهي، جيڪا هڪ جنم کان ٻئي جنم ڏانهن سفر ڪري ٿي۔
ديهانت کان پوءِ ابتدائي مرحلا:
جڏھن ڪنهن جو ديهانت ٿئي ٿو ته گهر ڀاتي ۽ مائٽ گڏ ٿين ٿا ۽ ڌرمي منترن، ڀڄنن ۽ پرارٿنا جو سلسلو شروع ڪيو ويندو آهي۔ ڪيترن هنڌن تي “رام نالو ستيه آهي” يا ٻيا ڌرمي منتر پڙهيا ويندا آهن۔
جسم جي تياري:
ديهانت ڪندڙ جي جسم کي وھنجاريو ويندو آهي، نوان يا صاف ڪپڙا پارايا ويندا آهن. مردن کي اڪثر اڇا ڪپڙا ۽ عورتن کي سندن روايت موجب لباس پارايو ويندو آهي۔ پيشاني تي تلڪ يا چندن لڳايو ويندو آهي۔ هٿن ۾ ڪڏھن تلسي، گل يا گنگا جل رکيو ويندو آهي۔ ڪجهه خاندانن ۾ جسم کي زمين تي اڇي چادر تي سمهاريو ويندو آهي، ڇو ته زمين کي “ماتا” تصور ڪيو وڃي ٿو۔
آخري ديدار:
مائٽ، دوست، پاڙيسري ۽ عقيدتمند آخري ديدار لاءِ ايندا آهن۔ گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون آهن ۽ ڀڄن يا گيت ڳايا ويندا آهن۔ ڪيترن هنڌن تي گيتا جا شلوڪ پڙهيا ويندا آهن۔
شمشان گهاٽ ڏانهن روانگي:
جسم کي “ارٿي” تي رکيو ويندو آهي، جنهن کي گلن سان سينگاريو ويندو آهي۔ مائٽ ۽ وارث جلوس جي صورت ۾ شمشان گهاٽ تائين ويندا آهن۔ رستي ۾ ڌرمي نعرا يا منتر پڙهيا ويندا آهن۔
اگني سنسڪار:
هندو ڌرم ۾ سڀ کان اهم مرحلو “اگني سنسڪار” آهي۔ شمشان گهاٽ تي ڪاٺين جي چتا تي جسم رکيو ويندو آهي۔ گهڻو ڪري وڏو پٽ يا ويجهو وارث چتا کي باهه ڏيندو آهي۔ ان عمل کي “مک اگني” چيو ويندو آهي۔ پنڊت منتر پڙھندو آهي ۽ روح جي شانتي لاءِ پرارٿنا ڪئي ويندي آهي۔ هندو عقيدي موجب باهه جسم کي پنجن عنصرن (مٽي، پاڻي، هوا، باهه، آڪاش) ۾ واپس ملائي ٿي۔ اگني سنسڪار کان پوءِ اَسٿيون گڏ ڪرڻ چتا ٿڌي ٿيڻ کان پوءِ هڏيون ۽ راک گڏ ڪئي ويندي آهي، جنهن کي “اسٿيون” چيو ويندو آهي۔
اسٿين جو وسرجن:
اهي اسٿيون درياهه، سمنڊ يا مقدس پاڻي ۾ لوڙهيون وينديون آهن۔ هندستان ۾ گهڻا ماڻهو گنگا درياهه ۾ وسرجن کي مقدس سمجهندا آهن، جڏهن ته سنڌ ۽ پاڪستان ۾ به درياهن يا سمنڊ ۾ اها رسم ادا ڪئي ويندي آهي۔
سوڳ ۽ ڌرمي رسمون:
ٽئين، ستين يا تيرھين ڏينهن جون رسمون، گهر ۾ پرارٿنا، ڀڄن، گيتا پاٺ يا لنگر جو اهتمام ڪيو ويندو آهي۔ ڪيترن خاندانن ۾ “تيرھون” اهم رسم سمجهي وڃي ٿي۔
ڀنڊارو ۽ دان:
غريبن کي کاڌو کارائڻ، دان ڏيڻ ۽ خيراتي ڪم ڪرڻ کي ثواب سمجهيو ويندو آهي۔
روح جي شانتي لاءِ پاٺ:
ڪجهه ڏينهن تائين روزانو مندر يا گهر ۾ روح جي شانتي لاءِ دعائون ۽ پاٺ ٿيندا آهن۔
سنڌ جي هندو برادري ۾ خاص روايتون:
سنڌ جي هندو خاندانن ۾ ڀڄنن ۽ صوفيانه ڌرمي گيتن جو اهتمام ٿيندو آهي۔ عقيدتمند اڇا ڪپڙا پائيندا آهن۔ سچل، شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي روايتن جا ڪلام به پڙھيا ويندا آهن.
هندو ڌرم ۽ خاص طور سنڌي هندو روايتن ۾ ديهانت کان پوءِ “پڳڙي” جي رسم به هڪ اهم سماجي ۽ روحاني روايت سمجهي ويندي آهي، جيڪا خاص طور خاندان جي ذميواري ۽ وارثي جي علامت هوندي آهي۔
ديهانت کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، اڪثر “تيرهين” يا مخصوص سوڳ واري رسم دوران، خاندان جي وڏي پٽ يا چونڊيل وارث کي “پڳڙي” پارائي ويندي آهي۔ ان رسم کي ڪيترن هنڌن تي: پڳڙي رسم، دستار بندي، وارثي رسم به چيو ويندو آهي۔
روحاني خاندانن، درگاهن يا گادي نشينن وٽ اها رسم وڌيڪ اهم هوندي آهي، جتي نئين گادي نشين يا روحاني وارث کي پڳڙي پارائي ويندي آهي، مريد ۽ عقيدتمند ان موقعي تي شرڪت ڪندا آهن دعا، ڀڄن، پرارٿنا ڀنڊارو ۽ لنگر ٿيندو آهي سنڌ ۾، خاص طور روحاني مرڪزن جهڙوڪ رهڙڪي صاحب، سچو سترام ڌام يا ٻين درگاهن ۾ پڳڙي عزت، روحاني سلسلي ۽ ذميواري جي علامت سمجهي ويندي آهي نئين گادي نشين کي بزرگن يا پنڊتن جي موجودگي ۾ پڳڙي پارائي ويندي آهي ان موقعي تي هزارين عقيدتمند گڏ ٿيندا آهن.
رسم دوران ڀڄن ۽ ڌرمي پاٺ مرحوم لاءِ دعائون گهريون وينديون آهن پڳڙي جي رسم وارو عمل غم سان گڏ هڪ نئين ذميواري ۽ روحاني تسلسل جي علامت پڻ هوندو آهي۔