وفاقي سرڪار مصنوعي ذھانت (اي آءِ) ۾ ھڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
ذريعن موجب ان حوالي سان آءِ ٽي واري وزارت اي آءِ لاءِ بنيادي انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ منصوبو شروع ڪري رھي آھي، اي آءِ جي ترقي لاءِ جديد ڪمپيوٽنگ پاور ۽ جي پي يوز فراھم ڪيا ويندا، اگنائٽ نيشنل ٽيڪنالاجي فنڊ ذريعي اي آءِ انفراسٽرڪچر جو منصوبو شروع ڪيو ويندو.
سرڪاري ۽ پرائيويٽ پرائيويٽ شعبي کي ڪمپيوٽنگ پاور ۽ جي پي يوز فراھم ڪيا ويندا، اي آءِ جي تحقيق ۽ ترقي لاءِ صنعتن کي وسيلا فراھم ڪيا ويندا.
ذريعن موجب جي پي يوز جي فراھمي جديد ڪمپيوٽنگ لاءِ ھڪ انقلابي قدم ثابت ٿيندو.