جمال ابڙو جي ڪتاب ” اونهي ڳالھ اسرار جي ” تان کنيل
سر شاهنواز ڀٽو جي وڏي فرزند ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي ڀاء سڪندر علي خان ڀٽو سان ادا شمس جي گهاٽي دوستي هئي ۽ مان ساڻن نجي محفلن ۾ گڏ هوندو هئس. سڪندر علي خان ڏاڍو شانا ئتو ۽ مهذب ماڻھو هو.علم ادب سان به چاھ هئس. پاڻ انگريزي ۾ شاعري به ڪندو هو. شڪار ۽ ڪرڪيٽ جو شوقين هو.عشق جي لار به لڳل هئس, هڪ دفعي نجي محفل ۾ کوٽيومانس ته دل ڀرجي آيس. ڇاتي وٽ کيسي ۾ پيل فوٽو ڪڍي کڻي مون کي ڏنائين .مشهور فلم ائڪٽريس نرگس جا هٿ اکر هئا,” منهنجي پنهنجي ڪرڪيٽر سڪندر ڏانهن .”
مون پڇيومانس ته پوء ڀلا ڇا ٿيو.چيائين قسمت (بيڊ لڪ). سر شاهنواز کي عزت وچان سر صاحب چوندو هو (بابا نه).چي همت ڪري سر صاحب سان ڳالھ ڪيم .ان چيو ڇوڪري کي وٺي اچ. گڏ ڪانوينٽ اسڪول پڙھندا هئا سين .نرگس کي چيم سا خوشي وچان ڊوڙندي آئي. بدقسمتي سان ان وقت کيس سوڙھي انگريزي پتلون پاتل هئي سو سر صاحب کيس پيرن کان مٿي تائين ڏسي , مون ڏي منهن ڪري (انگريزي ۾) چيو ته ڇوڪري سان عشق ڪيو اٿئي يا سندس پتلون سان .نرگس ته ڏکاري ٿي موٽي وئي مان به ششدر ٿي چپ ڪري ويس. خانداني ماڻھن ۾ سر صاحب جو ايترو چوڻ ڪافي هو. معني صاف انڪار ۽ وڏي آڏو وري عرض ورجائڻ بي ادبي جي زمري ۾ اچي ها . اهو هو سڪندر علي خان جي شاعري, شراب نوشي ۽ شڪار جو راز اهڙا ڪروڙين ڪيس ٿيا هوندا ۽ دلين ۾ دفن ٿي ويا.