لائیو آمريڪي انتظاميا نيتن ياھو جي مخالفن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا

فہرستِ مضامین

آمريڪي انتظاميا اسرائيل ۾ نيتن ياھو جي مخالفن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن۔

آمريڪي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا جا اهلڪار مبينا طور تي اسرائيلي اپوزيشن اڳواڻن سان رابطا ڪري رهيا آهن، جن ۾ اهڙا ماڻهو به شامل آهن جيڪي اسرائيل ۾ وزيراعظم نيتن ياھو کي سياسي طور تي سخت چئلينج ڏئي سگهن ٿا۔

اسرائيلي ميڊيا موجب آمريڪي انتظاميا جي ماڻهن تازو ئي اسرائيلي اپوزيشن شخصيتن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ رابطا ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون آهن۔

اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽ موجب مستقبل جي چونڊن ۾ نيتن ياھو جي جاءِ وٺڻ وارن اهم اميدوارن ۾ اڳوڻو وزيراعظم نفتالي بينيٽ ۽ اڳوڻو چيف آف اسٽاف گاڊي آئزنڪوٽ شامل آهن۔

آمريڪي ميڊيا موجب هي سڄو معاملو اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي انتظاميا اندر اسرائيلي حڪومت بابت مايوسي ڏٺي پئي وڃي۔

ٻئي پاسي آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس به آمريڪا-ايران مفاهمتي يادداشت کان پوءِ ڪجهه اسرائيلي وزيرن طرفان آمريڪي انتظاميا تي تنقيد جو جواب ڏنو آهي۔

هن چيو ته اسرائيل گهڻا هٿيار واشنگٽن کان وٺي ٿو، ۽ انهن هٿيارن جي قيمت آمريڪي ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن مان ادا ٿئي ٿي۔

جي ڊي وينس وڌيڪ چيو ته گذريل 3 مهينن دوران اسرائيل جي سيڪيورٽي لاءِ استعمال ٿيندڙ تقريباً هٿيار آمريڪا ۾ تيار ڪيا ويا آهن۔

هن چيو ته جيڪو به آمريڪي صدر کي مسئلو سمجهي ٿو، اھو غفلت واري خواب مان جاڳي ۽ حقيقتون سمجهي۔

ان کان علاوه اها ڳالهه به قابلِ ذڪر آهي ته تازو ئي ايران سان جنگ دوران ۽ اسرائيل-لبنان جنگبندي جي وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو لاءِ سخت لفظ استعمال ڪري چڪو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں