وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي واري اعلان جي آجيان ڪئي آهي ۽ ساڳئي وقت ڀاڙن ۾ گهٽتائي لاءِ فوري قدمن جو حڪم پڻ ڏنو آهي۔
مريم نواز چيو ته سڄي صوبي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ مال برداري جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن۔
هن وڌيڪ چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڪيل گهٽتائي جو مڪمل فائدو هر صورت ۾ عوام تائين پهچڻ گهرجي۔
وزيراعليٰ مريم نواز پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ٽيم جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته وزيراعظم علائقائي صورتحال بهتر ٿيڻ تي پيٽروليم قيمتن ۾ گهٽتائي جو واعدو پورو ڪيو آهي۔
ھن چيو ته علائقائي صورتحال سبب قوم کي انرجي بحران کان محفوظ رکڻ وزيراعظم جو تاريخي ڪارنامو آهي۔
مريم نواز وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڏکئي وقت ۾ تاريخ ساز ڪوششن سان دنيا کي انرجي ۽ معاشي بحران کان بچايو آهي۔