وڏي وزير مراد علي شاھ موٽرسائيڪل سوارن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آھي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تہ وزيراعظم شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جنگ ختم ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪري رھيا آھن، خطي جي صورتحال ڇڪتاڻ واري آھي.
ھن چيو تہ دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، موجود حالتون ڏسندي ڪيترائي قدم کنيا آھن، وفاقي حڪومت گذريل ٽن ھفتن ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌارو ناھي ڪيو.
مراد علي شاھ چيو تہ وزيراعظم جي صدارت ھيٺ اجلاس ۾ ڪجھ اھم فيصلا ٿيا، آمريڪا ايران جنگ سبب پاڪستان سخت متاثر ٿي رھيو آھي.
ھن چيو تہ ٽارگٽڊ سبسڊي ڏيڻي پوندي، چئني صوبن پنھنجي پنھنجي حساب سان تياري ڪئي، اسان فيصلو ڪيو تہ موٽرسائيڪل سوارن کي سبسڊي ڏني وڃي، سنڌ ۾ 66 لک موٽرسائيڪلون رجسٽرڊ آھن.
مراد علي شاھ چيو تہ ھر موٽرسائيڪل واري کي اپريل ۾ 2 ھزار ڏنا ويندا، 20 ليٽر جي حساب سان ھر ھڪ ليٽر تي 100 رپيا ملندا، ايپ ۾ جنھن جي نالي تي موٽرسائيڪل ھوندي ان جي اڪائونٽ ۾ پئسا ايندا.
ھن چيو تہ عوام جلد کان جلد موٽرسائيڪلون پنھنجي نالي منتقل ڪرائي، ايپ ۾ پنھنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر لڳائڻ سان موٽرسائيڪل جو نمبر اچي ويندو
وڏي وزير چيو تہ جيڪڏھن موٽرسائيڪل پنھنجي نالي تي ناھي تہ 15 ڏينھن اندر پنھنجي نالي ڪرائي وڃي، موٽرسائيڪل جي ٽرانسفر فيس معاف ڪري رھيا آھيون.
ھن چيو تہ لوئر ڪلاس جي ريلوي ڪراين ۾ اضافو نہ ٿيندو.
مراد علي شاھ چيو تہ پھرين مرحلي ۾ رڳو اپريل جي مھيني ۾ ھي سبسڊي ڏني ويندي، ننڍن آبادگارن کي 1500 رپيا في ايڪڙ جي حساب سان ڏنا ويندا، زراعت کاتي وٽ 3 لک 36 ھزار ننڍا آبادگار رجسٽرڊ آھن، ننڍن آبادگارن کي ھڪ مھيني لاءِ سبسڊي ڏني ويندي.
وزيراعلیٰ سنڌ چيو تہ 25 ايڪڙ کان گهٽ زمين وارن کي في ايڪڙ 1,500 رپيا ادا ڪيا ويندا، ۽ ٽارگيٽڊ سبسڊي جو بار صوبن کي پاڻ کڻڻو پوندو۔
مراد علي شاهہ چيو تہ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ماهوار هڪ لک رپيا، 2 ايڪسل ٽرڪن کي 70 هزار ۽ وڏن ٽرڪن کي 80 هزار رپيا ڏنا ويندا، سڀني رجسٽرڊ مسافر بسن ۽ ٽرڪ مالڪن کي پڻ سبسڊي ڏني ويندي، جيڪا وفاقي حڪومت طرفان مهيا ڪئي ويندي۔
هن چيو تہ رڳو رجسٽرڊ گاڏين، ٽرڪن ۽ موٽرسائيڪل لاءِ سبسڊي ملندي، جڏھن تہ سنڌ ۾ 27,297 بسون رجسٽرڊ آهن۔……