جنگ جو 18 ڏينھن، ايران جا آمريڪي ۽ اسرائيلي ھدفن تي خيبر شڪن ۽ قدر ميزائل سان حملا

فہرستِ مضامین

جنگ جي 18 ھين ڏينھن آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي حملا جاري آھن، جڏھن تہ ايران جوابي حملن ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي ھدفن کي خيبر شڪن ۽ قدر ميزائل سان نشانو بڻايو.

ايراني پاسداران انقلاب آپريشن وعدہ صادق 4 تحت اسرائيلي ۽ آمريڪي ھدفن تي حملن جي 57 ھين لھر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي

بيان موجب تازا حملا“ يا سيد الساجدين عليہ السلام” جي نالي سان منسوب ڪيا ويا ۽ رمضان ۾ والدہ جي ھنج ۾ خاندان سان گڏ شھيد ٿيل خير پياڪ ٻارڙي مجتبيٰ جي نالي سان منصوب ڪيا ويا

حملن ۾ والاريل علائقن جي مرڪزي ھنڌن کي نشانو بڻايو ويو، جنھن ۾ ڪمانڊ، ڪنٽرول مرڪز ۽ ميزائل دفاعي مواصلاتي نظام شامل ھو،، ان مقصد لاءِ خيبر شڪن، عماد ۽ قدر ميزائل استعمال ڪيا ويا.

آءِ آر جي سي موجب ان دوران قطر ۾ واقع العديد ايئربيس تي بہ حملو ڪيو ويو جتي آمريڪي فوج مقرر آھي، ان ڪارروائي ۾ ذوالفقار۽ ٻين ميزائلن سميت ڊرون جو استعمال ڪيو ويو …..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں