حڪومت موٽرسائيڪل سوارن ۽ ننڍن هارين کي ڏنل فيول سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي۔
نائب وزيرِ اعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ فيول سبسڊي بابت قومي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو۔
اجلاس بعد جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هي فيول سبسڊي ملڪ جي چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڏني پئي وئي، ۽ اهو فيصلو عالمي سطح تي ٻارڻ جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي کان پوءِ ڪيو ويو آهي۔
اجلاس موجب ٻارڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو اڳ ئي صارفين تائين پهچايو ويو آهي، تنهن ڪري ڪميٽي وزيراعظم جي منظوري سان سبسڊي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي۔