لائیو آمريڪا ايران تي ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڇو پابنديون لڳايون؟

فہرستِ مضامین

آمريڪا جي ايران تي پابندين جي ڊگهي تاريخ آهي، جيڪا 1979ع کان شروع ٿي ۽ اڄ تائين مختلف مرحلن ۾ جاري آهي، خاص طور تي ايران-اسرائيل ۽ آمريڪا-ايران تڪرارن سبب اهو سلسلو برقرار رهيو آهي۔

1979ع

ايران ۾ اسلامي انقلاب کان پوءِ ايراني شاگردن تھران ۾ آمريڪي سفارتخاني تي قبضو ڪري آمريڪي سفارتڪارن کي يرغمال بڻايو۔ ان واقعي کان پوءِ آمريڪا پهريون ڀيرو ايران تي پابنديون لڳايون، جنهن ۾ ايراني درآمدات تي پابندي، لڳ ڀڳ 12 ارب ڊالر جا ايراني اثاثا منجمد ڪيا ويا.

1984ع

آمريڪا ايران کي باضابطه طور تي “دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ رياست” قرار ڏنو، جنهن کان پوءِ وڌيڪ اقتصادي ۽ سفارتي پابنديون لاڳو ڪيون ويون۔

1996ع

آمريڪي ڪانگريس هڪ قانون منظور ڪيو جنهن تحت ايران جي تيل واري شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ غير ملڪي ڪمپنين خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، پر يورپي مخالفت سبب ان تي مڪمل عمل نه ٿي سگهيو۔

2006ع

اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ايران جي يورينيم افزودگي پروگرام کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي پهريون ڀيرو پابنديون لاڳو ڪيون، بعد ۾ وڌيڪ سخت پابنديون به لڳايون ويون۔

2010ع

آمريڪا 1996ع واري قانون تي مڪمل عمل شروع ڪيو ۽ ايران جي توانائي شعبي سان لاڳاپيل غير ملڪي ڪمپنين تي دٻاءُ وڌايو۔

2012ع

آمريڪا ايران جي مرڪزي بئنڪ تي پابنديون لڳايون، جنهن جي جواب ۾ ايران آبنائي هرمز ۾ تيل بردار جهازن جي آمدورفت تي قدم کنيا۔ ساڳئي وقت يورپي يونين به ايراني تيل جي درآمد تي پابندي لڳائي۔

2015ع

ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ تاريخي جوهري معاهدو (JCPOA) ٿيو، جنهن تحت ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام محدود ڪيو ۽ بدلي ۾ پابندين ۾ نرمي ڪئي وئي۔

2018ع

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا کي JCPOA مان ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ۽ ايران تي تيل، بئنڪنگ ۽ مالي شعبي ۾ سخت نيون پابنديون لڳايون ويون۔

2025ع

وائيٽ هائوس ۾ واپسي کان پوءِ ٽرمپ انتظاميا ايران خلاف پابندين جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو، جنهن ۾ چين جون ريفائنريون، شپنگ ڪمپنيون ۽ ايران سان واپار ڪندڙ عالمي ادارا به نشانو بڻيا۔

ھلندڙ سال ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ نئين ڳالهين کان پوءِ واشنگٽن ايران جي تيل جي پيداوار، ترسيل ۽ وڪري لاءِ 60 ڏينهن جي محدود رعايت (ويور) جاري ڪئي آهي، جنهن کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ ۽ ممڪن معاهدي ڏانهن اهم اڳڀرائي طور ڏٺو پيو وڃي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں