لائیو برطانوي وزيراعظم بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ سرفھرست اينڊي برنهام پارليامينٽ جي ميمبر طور حلف کڻي ورتو

فہرستِ مضامین

ڪيئر اسٽارمر جي استعيفيٰ بعد برطانوي وزيراعظم بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ سر فھرست اينڊي برنھم پارليامينٽ جي ميمبر طور حلف کڻي ورتو.

وزارتِ عظميٰ جي مقابلي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هن گريٽر مانچسٽر جي ميئر واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي مارڪرز فيلڊ جي ضمني چونڊ کٽي ورتي آهي۔

اينڊي برنهام پاڻ کي سوشلسٽ سڏي ٿو۽ ليبر پارٽي جي کاٻي ڌر سان تعلق رکي ٿو۔

کيس بنا مقابلي وزيراعظم بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ ليبر پارٽي جا 2 ايم پيز وزارتِ عظميٰ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ تي غور ڪري رهيا آهن۔

ايندڙ برطانوي وزيراعظم کي ليبر پارٽي جي قيادت کٽڻ لاءِ 81 ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻي پوندي، جنهن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي آخري تاريخ 16 جولاءِ مقرر ڪئي وئي آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں