لائیو پاڪستان جو نالو کڻڻ کانسواءِ ڀارت طرفان آمريڪا-ايران مفاهمتي يادداشت جي آجيان، برڪس اجلاس ۾ اهم سفارتي اشارا

فہرستِ مضامین

نئين دهلي/اسلام آباد(انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڀارت برڪس ملڪن جي قومي سلامتي صلاحڪارن جي اجلاس دوران آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشت (MoU) جي آجيان ڪندي ان کي خطي ۾ استحڪام، توانائي جي سلامتي ۽ عالمي واپاري رستن جي بحالي لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ڀارتي قومي سلامتي صلاحڪار اجيت دوول چيو ته نئين دهلي ان معاهدي بابت “محتاط اميد” رکي ٿي ۽ اميد ڪري ٿي ته ان سان وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽجندي.

هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ۽ سفارتي رابطن جي بحالي ۾ پاڪستان جي ثالثي واري ڪردار تي عالمي سطح تي بحث جاري آهي. ڀارت پنهنجي سرڪاري موقف ۾ پاڪستان جو نالو نه کنيو، پر آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل مفاهمت کي ڀليڪار ڪندي اهو اشارو ڏنو ته هو خطي ۾ نئين سفارتي صورتحال کي قبول ڪري رهيو آهي.

برڪس اجلاس ۾ ايران به اهم شرڪت ڪندڙ ملڪ طور موجود هو. اجلاس دوران علائقائي سلامتي، توانائي جي فراهمي، سامونڊي واپاري رستن جي آزادي ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي تفصيلي خيال ونڊيا ويا. مبصرن جو چوڻ آهي ته ايران بابت برڪس اندر مختلف ملڪن جا مفاد مڪمل طور هڪجهڙا ناهن، تنهن هوندي به تازو آمريڪا-ايران مفاهمت کانپوءِ ماحول اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سازگار نظر اچي رهيو آهي.

سياسي مبصرن موجب ڀارت لاءِ ايران سان لاڳاپا توانائي جي ضرورتن سبب انتهائي اهم آهن. هرمز آبنائي رستي ۾ پيدا ٿيل تڪرارن سبب ڀارت سڌي طرح متاثر ٿيو هو، تنهن ڪري نئين دهلي ڪنهن به اهڙي سفارتي اڳڀرائي کي اهم سمجهي ٿو جيڪا تيل ۽ گئس جي عالمي فراهمي کي مستحڪم بڻائي سگهي.

برڪس، جنهن ۾ هاڻي ايران به مستقل ميمبر طور شامل آهي، عالمي ڏکڻ جي ملڪن لاءِ هڪ اهم سفارتي ۽ اقتصادي فورم بڻجي چڪو آهي. 2026ع دوران ڀارت برڪس جي صدارت ڪري رهيو آهي ۽ نئين دهلي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته تنظيم عالمي تڪرارن بابت وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪري.

تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو نالو نه کڻڻ باوجود ڀارت جو آمريڪا-ايران مفاهمتي يادداشت جي آجيان ڪرڻ ان ڳالهه جو اڻسڌو اعتراف آهي ته سفارتي حل خطي جي سڀني ملڪن جي مفاد ۾ آهي. برڪس اجلاس مان نڪرندڙ اشارا ظاهر ڪن ٿا ته وچ اوڀر جي بحران کانپوءِ علائقائي ملڪ هاڻي فوجي ٽڪراءَ بدران ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي اڳتي وڌائڻ چاهين ٿا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں