بالي ووڊ جي اداڪارا ديا مرزا انڪشاف ڪيو آهي ته سلمان خان 24 سال اڳ هڪ اهڙي اڳڪٿي ڪئي هئي جيڪا ٻڌي هوءَ ڊڄي وئي هئي۔
ديا مرزا تازو هدايتڪارہ فرح خان جي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف موضوعن تي دلچسپ ڳالهه ٻولهه ڪئي۔
شو دوران جڏهن فرح خان ديا مرزا کي سلمان خان سان ٻيهر ڪم ڪرڻ جي صلاح ڏني ته هن جواب ڏنو ته هاڻي سلمان خان ننڍي عمر جي اداڪارائن سان ڪم ڪري رهيا آهن۔
ان ڳالهه تي فرح خان چيو ته سلمان خان ته اڃا به چترانگدا سنگهه سان ڪم ڪري رهيا آهن۔
جنهن تي ديا مرزا کلندي ٻڌايو ته اصل ۾ سلمان خان مون کي 2002ع ۾ رليز ٿيل فلم “تم ڪو نا ڀول پائينگي“ جي سيٽ تي شوٽنگ دوران چيو هو ته “ڏسجانءِ، هڪ ڏينهن تون منهنجي ماءُ جو ڪردار ادا ڪندين”، جڏهن ته ان وقت منهنجي عمر صرف 19 سال هئي۔
هن ٻڌايو ته اها ڳالهه ٻڌي مان ڪافي ڊڄي وئي هيس۔
اداڪارا موجب، مان، راجپال يادَو ۽ سلمان خان گڏ ويٺا پنهنجي سين جي شوٽنگ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، ۽ ان فلم ۾ سلمان خان جي ماءُ جو ڪردار اهڙي عورت ادا ڪري رهي هئي جنهن جو تازو ٻار ڄائو هو ۽ هوءَ گهڻي عمر جي به نه هئي۔
هن وڌيڪ ٻڌايو ته مون سلمان خان کي چيو ته هي ته توهان جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ هن جي گهر ۾ تازو ٻار پيدا ٿيو آهي، مطلب هوءَ عمر ۾ به تمام ننڍي آهي، جنهن تي سلمان خان کلندي چيو: “پريشان نه ٿيو، اهو توهان سان به ٿيندو.”