وفاقي آئيني عدالت ٽيڪس ڇاپن بابت اھم فيصلو جاري ڪندي چيو آھي تہ اختيارين کي بنا نوٽيس ڪنھن بہ وقت ڇاپي جو اختيار حاصل آھي.
وفاقي آئيني عدالت جي جسٽس عامر فاروق پاران اھم فيصلو جاري ڪيو ويو.
فيصلي ۾ چيو ويو تہ ٽيڪس عملدار ڪنھن بہ وقت بنا نوٽيس جي ڪنھن بہ ھنڌ ڇاپو ھڻي سگھن ٿا، ڇاپو ھڻڻ لاءِ ضروري ناھي تہ ٽيڪس ڏيندڙن خلاف پھريان کان ڪو ڪيس داخل ھجي.
وفاقي آئيني عدالت بنا ڪيس جي ڇاپا ھڻڻ واري عمل کي غيرقانوني قرار ڏيڻ واري دليل کي رد ڪري ڇڏيو.
عدالت چيو تہ پارليامينٽ ٽيڪس اختيارين کي وسيع اختيار ڏنا آھن، عدالت قانون ۾ پنھنجو ڪو بہ شرط نٿي لڳائي سگھي.
ڪمشنر کي لکت ۾ ٻڌائڻو پوندو
جسٽس عامر فاروق فيصلي ۾ چيو تہ ڪمشنر کي لکت ۾ ٻڌائڻو پوندو تہ ڪھڙي قانون جي ڀڃڪڙي تي ڇاپو ھنيو پيو وڃي، ٽيڪس اختياريون ڪمپيوٽر، دستاويز ۽ اڪائونٽ قبضي ۾ وٺڻ جو اختيار رکن ٿيون.
وفاقي آئيني عدالت سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي اپيل رد ڪري ڇڏي