لائیو ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثا، هڪ عورت سميت 3 ڄڻا فوت، 2 زخمي

فہرستِ مضامین

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف هنڌن تي ٽريفڪ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا۔

قيوم آباد ويجهو نامعلوم گاڏي جي ٽڪر سان هڪ واٽھڙو فوت ٿي ويو، ريسڪيو موجب لاش جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي۔

گارڊن مدني مسجد ويجهو به نامعلوم گاڏي جي ٽڪر سان هڪ عورت واٽھڙو فوت ٿي وئي، جنهن جي سڃاڻپ 50 ورهين جي طاهره غوري طور ڪئي وئي آهي۔

پنجاب چورنگي انڊر باءِ پاس ويجهو ٽرالر جي ٽڪر سان هڪ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا۔

سڀني لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں