ڪراچي: 7 ارب ڊالر قرض جي پروگرام جي چوٿين قسط جي ادائيگي جي معاملي تي ڳالھين لاءِ عالمي مالياتي فنڊ جو وفد پاڪستان پھچي ويو آھي.
ڪراچي ۾ آءِ ايم ايف جو وفد اسٽيٽ بينڪ جي دوري پھتل آھي جتي ان جون اختيارن سان ملاقاتون جاري آھن.
ذريعن موجب اسٽيٽ بينڪ جا ماهر آءِ ايم ايف کي ملڪي معاشي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندا،آءِ ايم ايف سان پهرين مرحلي ۾ ٽيڪنيڪل ڊيٽا شيئر ڪئي ويندي، ڳالهين دوران وفد کي جولاءِ کان جنوري تائين جي معاشي ڪارڪردگي بابت آگاهہ ڪيو ويندو۔
ذريعن موجب ڊيٽا شيئرنگ سيشن دوران آءِ ايم ايف مشن ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي ماهرن وچ ۾ ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ بھتري بابت ڳالھيون ٿينديون، ڊيٽا شيئرنگ سيشنز ۾ مانيٽري پاليسي، مهانگائي، بئنڪنگ ريگيوليشنز سميت ٻين معاملن تي پڻ ڳالھيون ٿينديون.
آءِ ايم ايف 30 جون تائين اسٽيٽ بئنڪ جي ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرا 17.8 ارب ڊالرز تائين پھچائڻ جو ھدف مقرر ڪيو آھي، اسٽيٽ بينڪ جي ماھرن آءِ ايم ايف کي پاليسي ريٽ، اينٽي ٽيررفنانسنگ، اينٽي مني لانڊرنگ قدمن کان بہ آگاھ ڪندا.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ اسٽيٽ بئنڪ جي ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرا 23 ارب 30 ڪروڙ ڊالر رھڻ جي اڳڪٿي ڪري رھيو آهي، جڏھن تہ ٽيڪنيڪل سيشنز دوران هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن، يعني جولاءِ کان ڊسمبر تائين، مقرر ڪيل ڪيترن ئي هدفن جو جائزو ورتو ويندو۔
ذريعن موجب جولاءِ کان ڊسمبر دوران پرائمري بيلنس 4 هزار 105 ارب رپيا سرپلس رھيو، جڏھن تہ هلندڙ مالي سال پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ جي ڊي پي جي 0.6 سيڪڙو رھڻ جو ڪاٿو آھي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو وفد 25 فيبروري کان 11 مارچ تائين پاڪستان جو دورو ڪندو، جتي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسليٽي قرض پروگرام تحت ٽيون اقتصادي جائزو ورتو ويندو۔
ان کانسواءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ موسمياتي تبديليءَ لاءِ آر ايس ايف پروگرام تحت ٻيون اقتصادي جائزي بابت بہ ڳالھيون ٿينديون، ڳالھيون ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ لڳ ڀڳ 20 ڪروڙ ڊالر آر ايس ايف پروگرام تحت حاصل ٿيڻ جا امڪان آهن۔
ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف جا گهڻا هدف حاصل ڪري چڪو آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ کان اڳ اسٽاف ليول معاهدي جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت 1.2 ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي۔…