عمران خان کي منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ ۾ اھم درخواست داخل

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: عمران خان کي اڊيالا جيل مان منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ ۾ اھم درخواست داخل ڪئي وئي آھي.

توشا خانا فوجداري ڪيس ۾ هڪ ڌر ٿيڻ واري درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي وئي آهي، جيڪا سپريم ڪورٽ رولز 2025 جي رول 35(6) تحت داخل ڪئي وئي آهي۔

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آھي تہ عمران خان کي علاج لاءِ الشفاءِ انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي، ان کانسواءِ درخواست ۾ سندس ذاتي ڊاڪٽرن تائين رسائي ۽ فيملي جي موجودگي ۾ علاج ڪرائڻ جي بہ گذارش ڪئي وئي آهي۔

ياد رھي تہ سپريم ڪورٽ جي ٻہ رڪني بينچ توشا خانا فوجداري ڪيس جي ٻڌڻي هاءِ ڪورٽ جي حتمي فيصلي تائين ملتوي ڪري چڪي آھي ۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں