اسلام آباد( بيورورپورٽ) سينيٽ جي ڊيووليشن فنڪشنل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي نوڪرين، ادارن ۽ اهم بورڊز ۾ صوبائي نمائندگي بابت آئيني برابري تي سخت زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ خاص طور تي سنڌ سميت ٻين صوبن جي ڪوٽا تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کان هڪ هفتي اندر تفصيلي جواب طلب ڪيو ويو آهي.
اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر ضمير گھمرو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ آئين جي لاڳاپيل آرٽيڪل جي روشني ۾ عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪميٽي واضح ڪيو ته وفاقي ادارن ۾ ڀرتين ۽ مقررين جو موجوده نظام آبادي جي بنياد تي ته هلي رهيو آهي، پر اهو نظام صوبن کي برابري جي بنياد تي نمائندگي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي.
اجلاس دوران وفاقي سيڪريٽريٽ ۽ ماتحت ادارن ۾ ملازمن جي صوبائي ورهاست جا انگ اکر پيش ڪيا ويا، جن مطابق 13,133 ملازمن مان وڏي انگ جو تعلق پنجاب سان آهي، جڏهن ته سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي نمائندگي نسبتاً گهٽ رهي. ڪميٽي خاص طور تي سنڌ جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي صورتحال تي سوال اٿاريا ۽ ان ۾ موجود فرق کي آئيني ناانصافي قرار ڏيندي وڌيڪ تفصيل طلب ڪيا ويا.
ڪنوينر سينيٽر ضمير گهمرو اجلاس دوران واضح ڪيو ته صرف آبادي جي بنياد تي ڀرتين جو نظام وفاقي ڍانچي جي روح جي خلاف آهي. هن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي هدايت ڪئي ته هڪ هفتي اندر نه رڳو صوبائي نمائندگي جا تفصيلي انگ اکر، پر خالي آسامين، ڪوٽا تي عملدرآمد ۽ موجود فرق ختم ڪرڻ بابت واضح حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي.
اجلاس ۾ بلوچستان لاءِ مخصوص 3,384 خالي آسامين جو به ذڪر ٿيو، جنهن تي ڪميٽي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. گڏوگڏ سڀني وفاقي ادارن ۾ خالي آسامين جا صوبيوار تفصيل پڻ طلب ڪيا ويا.
تيل ۽ گئس ڪمپنين ۽ ڪارپوريشنن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ صوبائي نمائندگي جو جائزو وٺندي ڪميٽي چيو ته قدرتي وسيلا پيدا ڪندڙ صوبن، خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان، کي انهن ادارن ۾ انهن جي حصي موجب نمائندگي نه ڏني پئي وڃي. ڪميٽي زور ڀريو ته آئين جي آرٽيڪل 172 جي سب ڪلاز 3 تحت وفاق ۽ صوبن جي گڏيل مالڪي ۽ برابري واري شموليت لازمي آهي.
پيٽروليم ڊويزن کي پڻ هدايت ڪئي وئي ته تيل ۽ گئس ادارن جي بورڊن جي جوڙجڪ جو تفصيلي جائزو وٺي صوبائي نمائندگي کي آئيني گهرجن مطابق يقيني بڻايو وڃي.
آخر ۾ ڪميٽي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته وفاقي نوڪرين ۽ ادارن ۾ صوبائي ڪوٽا تي عملدرآمد نه ٿيڻ کي سنجيدگي سان ڏٺو پيو وڃي ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي هڪ هفتي اندر جامع رپورٽ پيش ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ خاص طور تي سنڌ جي ڪوٽا جي صورتحال ۽ ان تي عملدرآمد جا واضح قدم شامل هجن.اجلاس ۾ سينيٽر پونجو ڀيل ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.