لائیو ملڪ جي 44 يونيورسٽين ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۽ ڪمپيوٽنگ پروگرامن ۾ داخلائون معطل، معيار تي سخت نگراني جو فيصلو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورورپورٽ) هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) پاڪستان ملڪ جي 44 يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۽ ڪمپيوٽنگ پروگرامن ۾ نيون داخلائون عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيون آهن. اهو قدم نيشنل اسڪل ڪمپٽينسي ٽيسٽ 2026 ۾ شاگردن جي خراب ڪارڪردگي کان پوءِ کنيو ويو آهي، جنهن کي تعليمي معيار بابت ڳڻتي جو اهم سبب قرار ڏنو ويو آهي.

ايڇ اي سي موجب انهن ادارن جي وڏي تعداد ۾ شاگرد هن قومي مهارت واري امتحان ۾ ناڪام ٿيا، جنهن سبب اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته ڪيترن ادارن ۾ تدريسي معيار، نصاب ۽ فئڪلٽي جون گهٽيون موجود آهن. نتيجي طور ڪمپيوٽنگ پروگرامن ۾ نوان داخلا في الحال روڪيا ويا آهن.

ذريعن مطابق انهن 44 ادارن مان لڳ ڀڳ 10 يونيورسٽيون سنڌ مان به شامل آهن، جنهن تي تعليمي حلقن ۾ ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

معيار جي جاچ تائين داخلائون بند

ايڇ اي سي واضح ڪيو آهي ته داخلائون ان وقت تائين بحال نه ڪيون وينديون، جيستائين: ادارن جي مڪمل آڊٽ نه ٿي وڃي، تدريسي معيار جو جائزو مڪمل نه ڪيو وڃي ۽ لاڳاپيل اتھارٽيز کان منظوري حاصل نه ڪئي وڃي.

ڪميشن شاگردن ۽ والدين کي هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن به يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ کان اڳ ان جي موجوده حيثيت ۽ تصديق ضرور ڪن.

متاثر ٿيندڙ يونيورسٽيون

معطلي واري فهرست ۾ ملڪ جون ڪيترائي مشهور ۽ وڏيون يونيورسٽيون شامل آهن، جن ۾ مختلف علائقن جا ادارا شامل آهن. انهن مان ڪجهه هي آهن: سرحد يونيورسٽي آف سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي، پشاور، عبدالولي خان يونيورسٽي، مردان، هزارا يونيورسٽي، مانسهره، ايم اين ايس يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ملتان، لاهور ليڊز يونيورسٽي، لاهور، بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي، لياري ڪراچي، سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام، بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي، سکر۽ ٻيا ڪيترائي ادارا.

معيار بابت خدشا وڌي ويا

ايڇ اي سي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪمپيوٽنگ جهڙي اهم شعبي ۾ گهٽ معيار ملڪ جي آءِ ٽي شعبي جي مستقبل لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. جديد دور ۾ سافٽ ويئر ڊولپمينٽ، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل انڊسٽري ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ اعليٰ تعليمي معيار انتهائي ضروري آهي.

ماهرن موجب پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي جي تيزي سان وڌندڙ طلب جي باوجود جيڪڏهن يونيورسٽيون معيار برقرار نه رکنديون ته گريجوئيٽس مارڪيٽ جي ضرورتن تي پورو نه لهي سگهندا.

شاگردن ۽ والدين لاءِ اهم پيغام

ايڇ اي سي چيو آهي ته هي قدم ڪنهن به شاگرد جي خلاف نه پر تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ کنيو ويو آهي. ڪميشن جو مقصد اهو آهي ته مستقبل ۾ مارڪيٽ کي اهڙا گريجوئيٽس فراهم ڪيا وڃن جيڪي عالمي سطح تي مقابلو ڪري سگهن.

هاڻي سڀني متاثر ادارن ۾ آڊٽ ۽ جائزي جو عمل شروع ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته ڪهڙن ادارن ۾ داخلائون ٻيهر بحال ڪيون وڃن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں