چيف جسٽس سوا ڪلاڪ انتظار باوجود بہ سلام جو جواب نہ ڏنو: سھيل آفريدي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي چيو آھي تہ عدالت ۾ سواءِ ڪلاڪ انتظار کانپوءِ بہ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سلام جو جواب  بہ نہ ڏنو.

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي سھيل آفريدي چيو تہ اوپن ڪورٽ ۾ هن چيف جسٽس کي سلام ڪيو پر سوا ڪلاڪ انتظار باوجود ھڪ صوبي جي وڏي وزير کي جواب نہ ڏنو ويو.

هن چيو تہ اسلام آباءِ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ملاقات نہ ٿي سگهي، تنهنڪري ھو اوپن ڪورٽ ۾ ھليو ويو، روسٽرم تي وڃي سلام ڪيو، پر جواب نہ مليو۔

سھيل آفريدي چيو تہ ڏيکارڻ چاھيون ٿا تہ تحريڪ انصاف احتجاجي يا ڏڦيڙ واري سياست نٿي ڪري، سمورا آپشن استعمال ڪرڻ کانپوءِ پرامن احتجاج ڪندا آھيون، جيڪو اسان جو حق آھي، سوا ڪلاڪ انتظار بعد بہ چيف جسٽس سلام جو جواب نہ ڏنو.

ھن چيو تہ شوڪت خانم اسپتال جي ڊاڪٽرن کان طبي معانئي جي درخواست بہ جمع ڪرائي وئي پر ان کي منظور نہ ڪيو ويو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں