پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيون

فہرستِ مضامین

پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار بابت مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيون ٿيون آھن

وزيراعظم شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايوف تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر قاسم جومارت توڪايووف گڏيل پڌرائي تي صحيحون ڪيون

ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي دستاويز، ريلوي شعبي ۾ سهڪار بابت مفاهمتي يادداشت، پلانٽ پروٽيڪشن ۽ ويٽرنري شعبن ۾ سهڪار جي دستاويزن جي ڏي وٺ ٿي.

پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ کاڻ ۽ پيٽروليم شعبي ۾ مفاهمتي يادداشت، گڏيل قومن جي امن دستن بابت مفاهمتي يادداشت، قيدين جي مٽاسٽا بابت معاهدي جي دستاويز ۽ ميرين ٽائم شعبي ۾ سهڪار بابت مفاهمتي يادداشت جي دستاويزن جي بہ مٽاسٽا ڪئي وئي.

قازقستان جي صدر کي گارڊ آف آنر پيش

ان کان اڳ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي.

وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف معزز مهمان جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي.

تقريب جي شروعات ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، پاڪ فوج جي دستي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، جڏهن تہ صدر قاسم جومارت توڪايووف گارڊ آف آنر جو معائنو پڻ ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف قازقستان جي صدر سان ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف پڻ ڪرايو.

قازقستان جو صدر وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، قازقستان جي صدر سان گڏ سينيئر وزيرن ۽ سرڪاري عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد پڻ گڏ آهي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں