لائیو عورت سفارتڪارن امن ۽ تعاون جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو: صدر زرداري

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: صدر مملڪت آصف علي زرداري عالمي عورت سفارتڪارن جي ڏينهن تي عورتن جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن سميت عالمي فورمن تي عورت سفارتڪار پاڪستان جو موقف اثرائتي انداز ۾ پيش ڪري رهيون آهن۔

پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته عورت سفارتڪار امن ۽ بين الاقوامي سهڪار جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن۔ پاڪستان ۾ عورتن جي سفارتي خدمتن جي هڪ روشن روايت موجود آهي، جڏهن ته بيگم رعنا لياقت علي خان ۽ شائسته اڪرام الله عالمي سطح تي پاڪستان جو مانُ مٿانهون ڪيو۔

هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي عالمي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو، جڏهن ته پاڪستاني عورتون سفيرن، مستقل نمائندن ۽ اعليٰ سفارتي عهدن تي نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن۔ موجوده عالمي چئلينجن جي تناظر ۾ عورت سفارتڪارن جون ذميواريون وڌيڪ اهم ٿي ويون آهن۔

صدر مملڪت چيو ته پاڪستان جو آئين عورتن ۽ مردن کي برابر حق ۽ هڪجهڙو قانوني تحفظ فراهم ڪري ٿو۔ پاڪستاني عورتون سفارتي مشنن ۽ بين الاقوامي تنظيمن ۾ اهم ذميواريون نڀائي رهيون آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته تازي سفارتي اڳڀرائين مسلسل رابطن ۽ خاموش سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي عمل ۾ به مثبت ڪردار ادا ڪيو۔

آصف علي زرداري چيو ته گڏيل قومن سميت عالمي فورمن تي عورت سفارتڪارن جون خدمتون پاڪستان جي بين الاقوامي وقار ۾ واڌ جو سبب بڻيون آهن۔

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان دنيا سان سنجيده، باوقار ۽ بامقصد لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں